پريجان خانم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پريجان خانم

هيءَ ايران جي صفوي بادشاهه”طهماسپ“ پهرئين جي ڌيءُ هئي، ۽ ڏاڍي عالي دماغ ۽ حڪومت جي طلب ڪندڙ هئي. بادشاهه جي مرڻ وقت، حرمخاني جا ماڻهو ٻه طرف ٿي پيا. هڪڙا شاهه طهماسپ جي پٽ حيدر مرزا جي پاسي، ۽ ٻيا حيدر مرزا جي ڀاءُ اسماعيل مرزا جي پاسي. جو ”قهقہ“ جي قلعي ۾ قيد هو. ”پريجان خانم“ اسماعيل مرزا جي طرفدار ٿي، ۽ نيٺ، ڪوشش ڪري، انهيءَ کي ايران جو بادشاهه ڪري، تخت تي ويهاريائين. جيسين هو تختگاهه تائين آيو، تيسين هن خانم پاڻ بادشاهي پئي هلائي، جڏهن اسماعيل مرزا تخت تي قائم ٿيو، تڏهن پريجان جو هٿ سرڪاري ڪمن مان ڪڍي ڇڏيائين. جڏهن هو مئو، تڏهن ماڻهن شاهه عباس جي پيءُ، شاهه محمد کي شيراز مان بادشاهيءَ هلائڻ لاءِ گهرايو _ تيسين پريجان خانم زور ڪري حڪومت جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ لڳي. جڏهن شاهه محمد اچي تخت نشين ٿيو، تڏهن هن پريجان خانم کي مارائي ڇڏيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)}