پروٽين گهرڙن جي جھلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رت ۾ موجود پروٽين گهرڙن جي جهلي ۾ ڪيئن پھچن ٿا

اصغر ساگر

دريا خان سنڌي

اسان جي جسم ۾ لڳ ڀڳ 20 ھزار مختلف قسمن جا پروٽين ٺھن ٿا جن کي ٺاھڻ ۾ جين ھدايتون ڏيندا رھن ٿا انهن مان تقريبن ھڪ ڀاڱي ٽي پروٽين انفرادي خلين جي جهلي جي سطح تي يا گهرڙن جي اندر مختلف جڳھن تي نصب ٿين ٿا جتي ھي مختلف اھم ڪم سرانجام ڏين ٿا مثال طور ڪجهه پروٽين گهرڙن جي جهلي ۾ اھي مالڪيولي چينل تشڪيل ڪن ٿا جيڪي گهرڙن کي غذائيت فراھم ڪن ٿا. اھڙي طرح ڪجهه پروٽين گهرڙن جي اندر ماحول کي جاچڻ لاء جاچڻي Censor طور ڪم ڪن ٿا يعني گهرڙن جي اندرين حالتن جي نظرداري ڪن ٿا پر سائنسدانن کي ھي معلوم ناھي ٿي سگهيو غذا جي ھاضمي کان پوء جسم ۾ جيڪي پروٽين ٺھن ٿا اھي پروٽين گهرڙن جي اندر ڪيئن پھچن ٿا.

ھاڻي سائنسدانن جي ھڪ ٽيم پروٽينن تي تحقيق ڪئي آھي تہ گهرڙن جي سطح تي موجود پروٽين رت مان گهرڙن تائين پھچن ٿا ۽ پنھنجي جڳھ تي پھچي تعين ٿيل ڪم ڪيئن ڪن ٿا، اھڙو ڪم ڪرڻ لاء ھن ٽيم جديدترين ٽيڪنالاجي جي استعمال ڪيو جنھن کي يڪ ماليڪيول قوتي رنگ بين Single molecul force spectroscope چون ٿا ۽ جنھن جي ذريعي انفرادي ماليڪيول ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين منتقل ڪري سگهجن ٿا. ھن ٽول ۾ ھڪ ڪمپيوٽر ڪنٽرول راڊ استعمال ڪئي وڃي ٿي جنھن جي ٿولھ ڪجهه نينوميٽر جي برابر بيھي ٿي. جڏھن ھن راڊ کي گهرڙي جي سطح تي ڪنھن جڳھ تي لڳايو وڃي ٿو تہ راڊ ۽ پروٽين جي ماليڪيولن جي پاڻ ۾ ڪشش جي ڪري پروٽين جا ماليڪيول راڊ سان جڙجي وڃن ٿا

ھن ٽول جي مدد سان سائنسدان بيڪيٽريائن جي جهلي تي پروٽين جي حرڪت جي نظرداري ڪندا رھيا ۽ مشاھدو ڪندا رھيا تہ ھڪ خورد جيوڙو Becterium جي جهلي کان مختلف پروٽين بيڪيٽيريم جي گهرڙي جي اندر ڪيئن داخل ٿين ٿا. خورد جيوڙو Bacterium  جي تمام گهڻين پروٽينن مان ٻہ پروٽين اھڙا پاتا ويا جيڪي باقي پروٽين کي گهرڙي جي جهلي ۾ اندر گهڙي گهرڙي جو حصو ٿيڻ ۾ مدد ڏين ٿا.انهن مان ھڪ پروٽين گوسو insertase جڏھن تہ ٻيو پيچيدھ پروٽين جڳھ بدلو  translocase ٿئي ٿو جن ۾ تمام گهڻن پروٽينن جا ماليڪيول ھڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪن ٿا انهن ٻنهي پروٽينن جي ڪري گهرڙي جي سطح ۾ ھڪ سوراخ کلي وڃي ٿو جنھن مان باقي پروٽين گهرڙي جي اندر داخل ٿيڻ م۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا گهرڙي جي اندر داخل ٿيڻ کان پوء مختلف پروٽينن جا ماليڪيول ٽہ پيمائشي جوڙجڪ Three dimentional structure جوڙين ٿا ائين گهرڙي جي ڀت يا گهرڙي جي اندروني نظام جو حصو ٿي وڃن ٿا.

پروٽين جي گهرڙي اندر داخل ٿيڻ جي عمل تي ان کان پھرين ڪڏھن ايترو تفصيل سان مشاھدو نہ ڪيو ويو ھو ھن نئين ڄاڻ جي ڪري ھاڻي سائنسدان بھتر کان بھتر دوائون بنائي سگهن ٿا جن ۾ انهن جي مڪينزم استعمال ڪري دوائن کي سڌو سنئون گهرڙن جي اندر داخل ڪري سگجي ٿو مثال طور ھن ٽيڪنالاجي سان ڪينسر جي گهرڙن کي مارڻ لاء دوا سڌي سنئين ڪينسر ورتل گهرڙن جي اندر موڪلي سگهجي ٿي تہ نہ صرف ڪينسر جا گهرڙا ختم ٿين ۽ صحتمند گهرڙن کي نقصان نہ پھچي. ان کان سوا ھن ٽيڪنڪ سان مصنوعي پروٽين ٺاھڻ ۽ انهن مصڻوعي گهرڙن سان جڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي جيڪا مصنوعي زندگي ٺاھڻ طرف وڏو قدم ھوندي.