پرل هاربر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پرل هاربر يا پرل هاربر (Pearl Harbor) اصل ۾ سامونڊي علائقو آهي ۽ آمريڪي رياست هَوائي جو بندرگاهه آهي. 7 ڊسمبر 1941ع ۾ جپان ان بندرگاهه تي حملو ڪري، ”اريزونا“ سميت ڪيترائي آمريڪي بحري جهاز تباهه ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري آمريڪا جپان ۽ ان جي اتحادين خلاف ٻي عالمي جنگ ۾ اتحادين سان گڏ باقاعدي جنگ ۾ شامل ٿيو. جپان جي پرل هاربر تي ٿيل حملي کي سندس تمام وڏي فوجي، سياسي ۽ نفسياتي غلطي سمجهيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي نتيجي ۾ آمريڪا طرفان ٻين عالمي جنگ ۾ شامل ٿيڻ سان آخرڪار اتحادين کي سوڀ نصيب ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]