پرل هاربر
| پرل هاربر | |
|---|---|
![]() |
پرل هاربر (Pearl Harbor) پرل هاربر، هونولولو شهر جي اولهه ۾، آمريڪا جي رياست، هَوائي جي اوهو ٻيٽ تي هڪ آمريڪي اونھي پاڻيء واري بندرگاهه آهي. ان کان اڳ ته اها سال 1875ع جي باهمي تبادلي واري معاهدي تي دستخط جي ذريعي، آمريڪا طرفان هوائي بادشاهت کان حاصل ڪيو ويو، آمريڪا جي بحري جهازن پاران اڪثر ان جو دورو ڪيو ويندو هو. بندرگاهه جو گهڻو حصو ۽ آس پاس جون زمينون هاڻي آمريڪي نيوي جو اونهي پاني وارو بحري اڏي جو حصو آهن. اھا آمريڪا جي پئسفڪ بحري ٻيڙن جي فليٽ جو هيڊڪوارٽر پڻ آهي. آمريڪي حڪومت پهرين ڀيرا سال 1887ع ۾ انليٽ جو خاص استعمال، هتي ٻيڙين جي فيولنگ لاء ڪوئلي جو اسٽيشن (Coaling Station)، مرمت ۽ ڏيک ريک جي سهولتن کي برقرار رکڻ جو حق حاصل ڪيو.[1]
7 ڊسمبر 1941ع تي جاپان جي شاهي بحريه جو بندرگاهه تي اوچتو حملو ۽ "يو ايس ايس اريزونا" (USS Arizona) سميت ڪيترائي آمريڪي بحري جهاز تباهي، آمريڪا کي جاپان جي سلطنت خلاف جنگ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ آمريڪا جاپان ۽ محوري قوتن جي خلاف ٻي مهاڀاري جنگ ۾ اتحادين سان گڏ باقاعدي جنگ ۾ شامل ٿيو.[2][3][4] پرل هاربر تي ٿيل حملي کي، جاپان جي تمام وڏي فوجي، سياسي ۽ نفسياتي غلطي سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي نتيجي ۾ آمريڪا طرفان ٻين عالمي جنگ ۾ شامل ٿيڻ سان آخرڪار اتحادين کي سوڀ نصيب ٿي.[5]
تاريخ
[سنواريو]ماحولياتي آلودگي
[سنواريو]14 آڪٽوبر 1992 تي، آمريڪي ماحولياتي تحفظ واري ايجنسي پرل هاربر نيول ڪمپليڪس کي سپر فنڊ طور قومي ترجيحن جي فهرست ۾ شامل ڪيو.
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Pearl Harbor: Its Origin and Administrative History Through World War II", Naval History and Heritage Command, 23 اپريل 2015, اصل کان 21 آگسٽ 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 9 سيپٽمبر 2016۔
- ↑ سانچو:Cite video
- ↑ Apple, Russell A.; Benjamin Levy (8 فيبروري 1974), "Pearl Harbor" (pdf), National Register of Historic Places – Nomination and Inventory, National Park Service, اصل کان 16 جون 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 May 2012۔
- ↑ "Pearl Harbor" (pdf), Photographs, National Park Service, اصل کان 16 جون 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 May 2012۔
- ↑ Pearl Harbor Incident | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو]
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Wikipedia indefinitely semi-protected pages
- Use mdy dates from November 2023
- Articles using infobox body of water without image
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از October 2023
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- سمنڊ
- پئسفڪ وڏو سمنڊ
- جاپان جي تاريخ
- ٻئي مهاڀاري جنگ
- بندرگاهه وارا شهر
- آمريڪا جون گڏيل رياستون
- پئسفڪ سمنڊ آمريڪي بحري اڏا
- نقشن وارا صفحا
