پرائي دل پرديس
ڏيک
چوندا آهن ته پرائي دل پرديس آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پرائي ڇا، پنهنجي دل به پرديس آهي. اسان مان ڪنهن کي خبر آهي ته خود اسان جي دل ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون “نه سلڻ جهڙيون، نه ڪرڻ نه جهڙيون” ڳالهيون ذهن جي ڪنڊن پاسن ۽ تهخانن ۾ لڪيون، دٻيون ۽ دفن ٿيون پيون آهن ۽ پوءِ اهي ڪيڏي مهل، اوچتو، سٽ ڏيئي، پنهنجا ڪفن ڦاڙي، ٻاهر اچي، ڪهڙيون قيامتون آڻينديون آهن. سلطان باهوءَ چيو آهي ته دل درياءَ سمندرون ڊونگهي، ڪون دلان ديان ڄاڻي يعني دلين جا درياهه سمنڊ کان به اونها آهن، انهن جا راز ڪير ٿو ڄاڻي سگهي.[1] [2]
- ↑ سندي ذات هنجن (ادب جي پرک) (رسول بخش پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 12 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 آگسٽ 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ ڪتاب: سندي ذات هنجن