پرائي جنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پرائي ويڙھ، پرائي جنگ، هٿ ٺوڪي جنگ يا پراڪسي وار (proxy war) ڪن به ٻن طاقتن طرفان سڌو سنئون هڪٻئي سان جنگ ڪرڻ بدران پنهنجن ڀيچين يا سهڪاري ڌارين رياستن جي ذريعي هڪٻئي جي مفادن تي ضرب هڻڻ لاءِ جنگ ڪرائڻ ۽ پٺيان رهندي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جو عمل آهي . ان تڪرار ۾ رياستن کان سواِءِ هٿ ٺوڪين حڪومتن، غير رياستي عنصرن، ڪرائي جي قاتلن ۽ ٽين ڌُرين کي استعمال ڪري گهربل نتيجا حاصل ڪيا ويندا آهن. ان قسم جا گروهه ڪنهن به ملڪ کي مخالف سان سڌي سنئين ۽ مڪمل جنگ ڪرڻ بدران ، اهڙا موقعا فراهم ڪري ڏيندا آهن، جنهن سان اهو پنهنجي مخالف کي مات ڏيئي سگهي. سرد جنگ وارن ڏهاڙن ۾ سپر پاورز طرفان هن قسم جي تڪرارن جي پوئواري ڪندي هڪٻئي لاءِ ڏکيايون پيدا ڪيون وينديون هيون.[1]

حوالا[سنواريو]