پاڻيٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سون اھڙي شئي آھي جنھن جي مارڪيٽ ۾ سياليت تمام وڏي آھي جيڪو مارڪيٽ ۾ نقصان کان سواء تمام جلدي فروخت ٿي وڃي ٿو

پاڻيٺ- همواري- پٽڙو (انگريزي: liquidity )[1] نقد پيسن جي مثل ھوندي آھي. اھا اھڙي سھولت ھوندي آھي جنھن سان ڪو بہ اثاثو نقد ڏوڪڙن ۾ تبديل ٿي سگھندو آھي[2]. جيڪڏهن ڪو بہ اثاثو نقد پيسن ۾ جلدي ۾ تبديل ٿي سگھي ۽ ان تبديلي سان نقصان جو خطرو گھٽ ۾ گھٽ ھجي تہ ان اثاثي جي همواري وڌ کان وڌ ھوندي آھي[2]. ڪنھن بہ ڌنڌي يا ڪمپني جو بينڪ بيلنس، اوڳاڙي ضمانتون ۽ وڪرو لائق ضمانتون جن جي شرح بندي همواري جي لحاظ کان ڪئي ويندي آهي هموار اثاثا آھن يعني ڪنھن سھولت سان انھن کي نقد پيسن ۾ بدلائي سگھجي ٿو[2]. بينڪن لاء ٽجوڙيءَ ۾ موجود رقم، مرڪزي بينڪ ۾ موجود بيلنس، انٽر بئنڪ بيلنس، طلب وارا پئسا، خزاني وارا بل، سرٽيفڪيٽ ۽ قابل وڪرو ضمانتون همواري ۾ شامل ھوندا آھن[2]. همواري ۾ نقد پيسا ۽ ان جا نعم البدل همواري جا مثال آھن[3]. همواري اثاثا قيمت جي نقصان کان سواء يا قيمت ۾ معمولي فرق سان تُرت وڪامڻ جي قابل ھوندا آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Liquidity | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2021-04-04. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 [Glossary, Banking and Finance; by : Shakil Faruqi, second edition, State Bank of Pakistan ]
  3. "Understanding Financial Liquidity". INVESTOPEDIA. صفحو. First two sentences starting with "Do you know..". وقت 1 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-12-27.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)