پاڻمرادا ردعمل
جيئن جيئن ساهوارو وڏو، گهڻ جيو گهرڙو (انگريزي ٻولي: Multicellular) ڳتيل ٿئي ٿو، خاص طور جيت جانور، تيئن تيئن ان ساهواري ۾ هر قسم جي اثر لاءِ ڌار ۽ مخصوص قسم جو موٽ عمل ظاهر ٿئي ٿو. مثال طور ڪوساڻ، ٿڌاڻ، ڳوراڻ، ڌپ، سڳنڌ، گوڙ، سُر، تيز روشني، سوجهري، اوندهه وغيره ڏانهن هن جو سڄو جسم ردعمل ظاهر ڪو نه ٿو ڪري، پر جسم جو ڪو مخصوص حصو اهو ردعمل ظاهر ڪري ٿو. هن قسم جي ساهواري ۾ تنتي سرشتو ٺهيل ٿئي ٿو، جنهن جا حصا به آهن. هڪ حصو ٻاهرين عملن يا اثرن کي محسوس ڪري جانور کي آگاهه ڪري ٿو ۽ ٻيو حصو واسطيدار عضوي ڏانهن گهربل ردعمل جو حڪم موڪلي ٿو. ٻين لفظن ۾ ايئن چئون، ته هن قسم جي جانور ۾ حسون يا تنتون ٺهيل ٿين ٿيون، جيڪي احساس جي صورت ۾ اولڙو ڪڍڻ جو عمل ڪن ٿيون. هر حس تيز رفتاريءَ سان احساس قبول ڪري ٿي ۽ تيز رفتاريءَ سان ئي جوابي ڪارروائي ٿئي ٿي. هيءَ هڪ پاڻ مرادي غير مشروط ڪارروائي آهي، جيڪا هر جانور ننڍي توڙي وڏي ۾ موجود ٿئي ٿي ۽ جبلي طرح وڏن کان ننڍن ڏانهن تبديل ٿئي ٿي. ننڊ ۾ مڇر ڏنگي ٿو ته بنا جاڳڻ جي ان کي پري ڌڪڻ جو پاڻ مرادو ردعمل ٿئي ٿو يا اوچتو ڪوسيءَ شيءِ کي ڇهڻ سان ئي پاڻ مرادي ردعمل طور ڇهندڙ حصو پري ٿي وڃي ٿو.
اهڙن پاڻمرادن عملن جا ڪجهه ٻيا مثال هي آهن:
1) ساهه کڻڻ ۽ ڪڍڻ
2) کنگهڻ
3) نڇ يا ڇڪ ڏيڻ
4) اکيون ٻوٽجي وڃڻ، اکين جي ويجهو اشاري يا ڦڙڪي سبب
5) تيز روشنيءَ ۾ ماڻڪيءَ جو سُسڻ ۽ اکين جو ٻوٽجڻ
6) جسم کي سنوت ۾ رکي هلڻ
7) الٽي ڪرڻ
8) دست ٿيڻ
9) وات پاڻي ٿيڻ
10) اڃ ۾ نڙي خشڪ ٿيڻ
حوالا
[سنواريو]- ↑ شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-07-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-31
- ↑ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام