پالڪي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
ڪوريا ملڪ ۾ پراڻي پالڪيءِ جو عڪس

پالڪي اها ڏولي، جيڪا سواريءَ لاءِ هاٿيءَ جي پٺيءَ تي ٻڌبي آهي، ان کي پالڪي چئبو آهي. ڍڪيل سواري به ’پالڪي‘ سڏبي آهي، جيڪا ڪنوار لاءِ مخصوص هجي. پالڪي ڪاٺ جي ٺهيل ننڍڙي ڪمري وانگر بند ڪوٺيءَ مثل هوندي آهي، جنهن کي ٻه چار ماڻهو ڪلهن تي کڻي منزل تي رسائيندا آهن. اڳي امير پالڪي ۾ سفر ڪندا هئا. ماضيءَ ۾ اها روايت هئي ته گهٽين سوڙهين هئڻ ڪري پرديدار عورتون ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ ڏولي/ پالڪيءَ ۾ چڙهي وينديون هيون. سنڌ جي ٺٽي شهر ۾، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پنج ڏهه سال پوءِ به، ڏولين جو رواج هو، جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو آهي. هن وقت فقط شيرازي ساداتن مان پالڪي نڪرندي آهي، جنهن ۾ پڳدار سيد ويهي عيدگاهه تي ويندو آهي. ڏوليءَ/ پالڪيءَ کي حمال کڻي هلندا آهن. هندن جي مندرن ۾ ڀڳوان جي مورتيءَ جي ڀرسان رکيل ننڍڙي پينگهي کي به ’پالڪي‘ چيو ويندو آهي. [1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011