پازيب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پازيب:

ٿلهي ڪاري ڌاڳي ۾، ڏهه _ ٻارهن يا ضرورت جيتريون، اڌ آڱر جي ڊگهائي ۾ چانديءَ جون قبيون پوتل ٿينديون آهن. انهن گول قبين جي مٿئين حصي ۾ ڪارو ڌاڳو ٿئي، ۽ انهن قبين جي منهن ۾ سنهيون ڏاوڻيون ٿين. اهي آهن پازيب. ڪارو ڌاڳو، پير جي مرئي کان قبيون پيل هونديون آهن، پير جي مرئي کان ورائي، قبين جي منهن ۾ هڪ گول گنبذ ۾ وجهي ڇڏبو آهي. پازيب جڏهن پير ۾ پائبو آهي، ۽ چانديءَ جون ننڍڙيون قبيون جڏهن پير جي مٿان کلي بيهنديون آهن، تڏهن پير جي خوبصورتيءَ ۾ ڪابه ڪسر نٿي رهي. هن جي مٿان نورا خوبصورتيءَ کي دوبالا ڪري ڇڏيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : سنڌي زيور؛از: زيڊ اي شيخ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}