مواد ڏانھن هلو

پازيب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پازيب (انگريزي: Pazeb) سنڌي عورتن جي پيرن جي هڪ روايتي ۽ خوبصورت زيور جو نالو آهي. هي سنڌ جي قديم ثقافتي زيورن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو خاص طور تي چانديءَ جي مدد سان تيار ڪيو ويندو آهي.

بناوت

[سنواريو]

پازيب جي تيار ڪيل بناوت ۾ ٿلهي ڪاري ڌاڳي جو استعمال ٿيندو آهي. ان ڌاڳي ۾ ڏهه کان ٻارهن يا ضرورت مطابق، اڌ آڱر جي ڊگهائيءَ جون چانديءَ جون قبيون پوتيون وينديون آهن. انهن گول قبين جي مٿئين حصي مان ڪارو ڌاڳو لنگھندو آهي ۽ قبين جي منهن ۾ سنهيون ڏاوڻيون (گهنگهرو) لڳايون وينديون آهن، جيڪي هلڻ وقت مڌر آواز پيدا ڪنديون آهن.[1]

پائڻ جو طريقو

[سنواريو]

پازيب کي پير جي مرئي (تڪي) وٽان ورائي ٻڌبو آهي. جڏهن هي زيور پير ۾ پائبو آهي ته چانديءَ جون اهي ننڍڙيون قبيون پير جي مٿان کلي بيهنديون آهن، جنهن سان پير جي سونهن ۾ اضافو ٿيندو آهي. اڪثر ڪري پازيب جي مٿان نورا پڻ پاتا ويندا آهن، جيڪي خوبصورتيءَ کي دوبالا ڪري ڇڏيندا آهن.

ثقافتي اهميت

[سنواريو]

سنڌي سماج ۾ شاديءَ مراديءَ جي موقعن تي عورتون پازيب کي وڏي چاهه سان پائينديون آهن. هي نه صرف هڪ زيور آهي پر سنڌي هنر ۽ ڪاريگريءَ جو هڪ عمدو مثال پڻ آهي.

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. رسالو: سرتيون؛ مضمون: سنڌي زيور؛ از: زيڊ اي شيخ؛ جون 1995؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو