پارسلي
ڏيک

| Parsley | |
|---|---|
| Parsley leaves and flowers | |
| سائنسي درجا بندي | |
| Unrecognized taxon (fix): | Petroselinum |
| جنس: | Template:Taxonomy/Petroselinum{. crispum |
| حياتياتي نالو | |
| Petroselinum crispum (Mill.) Fuss | |

پارسلي___Parsley هن کي هندستاني پِيتر سلي سڏيندا آهن. هن جو ٻج سيپٽمبر مهيني جي وچ ڌاري ڪونڊين ۾ پوکبو آهي، جي ڪنهن اَجهي ۾ رکي ڇڏبيون آهن.

اٽڪل ڏهن ڏينهن ۾ ٻج ڦٽي ٿو. جڏهن سلا ٿي چار انچ وڏا ٿين، تڏهن ڪنهن ڇانوري واري هنڌ، ڏيڍ ڏيڍ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي قطارون ڪري هڻي ڇڏجن ۽ ججهو پاڻي پيو پهچائجين. مارچ ڌاري ٻج پيدا ٿيندو، جنهن مان ڳچ جيترو گڏ ڪري رکي ڇڏجي، جو وري سانوڻ ۽ اونهاري ۾ پوکي سگهجي ٿو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو