پئي ٻيلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پئي ٻيلو (Pai Forest): هونئن ته سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسي ڪيترائي ٻيلا آهن، پر سڪرنڊ (ضلعي بينظيرآباد) جو ”پئي ٻيلو“ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. روايت آهي ته پئي ٻيلو ٽالپرن جي زماني ۾ شڪارگاهه طور رک بنايو ويو هو. هتي وڻن جي واڍي ۽ عام شڪار جي بندش هئي، اها به روايت آهي ته هي ٻيلو ميرن کان اڳ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ به موجود هو.

لغوي معنا[سنواريو]

لفظ ”پئي“ معنيٰ اهڙي زمين، جنهن کي ٻن پاسن کان پاڻي لڳي يا ٻن ڪڙين جي وچ واري زمين. ان پئي لفظ مان ظاهر آهي ته ڪنهن وقت درياهه جي ٻن ڍورن جي وچ ۾ ٻيٽ هو، جنهن تي قدرتي درياهي ٻيلو نروار ٿيو. انگريزن جي دور ۾ سنڌو درياهه تي 35-1931ع دوران جديد آبپاشي نظام رائج ٿيو ته سنڌو درياهه کي بچاءَ بندن ۾ قيد ڪيو ويو. ان ڪري ماحولياتي تبديليون اڻٽر ٿيون. ان دوران ”پئي ٻيلي“ کي درياهي ڪچي مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ آبپاشي نظام ذريعي آباد رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن ٻيلي لاءِ روهڙي ڪئنال جي راهب شاهه شاخ ذريعي پاڻي منظور ڪيو ويو، پاڻيءَ جو ٻيو سبب ڪيترائي ٽيوب ويل آهن، جيڪي ٻيلي کي پاڻي پهچائين ٿا.

محل وقوع[سنواريو]

پئي ٻيلو سڪرنڊ شهر کان ڏکڻ اولهه ۾ پنجن ڪلوميٽرن تي سڪرنڊ باءِ پاس سان لڳو لڳ آهي. ٻيلي جي اولهه ۾ سنڌو درياهه آهي، بند جي هن پار سَن شهر آهي. پئي ٻيلي ڏانهن ٻيو رستو مجيد ڪيرئي ڳوٺ کان به وڃي ٿو. پئي ٻيلي جي اولهه پاسي ديهه ماروي، ڏکڻ طرف ديهه تلي ۽ موريو لاکو، اتر ۽ اوڀر ۾ ديهه سڪرنڊ آهن. هينئر ٻيلي جو اڳوڻو اوج نه رهيو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ ۽ غير قانوني وڻن جي واڍيءَ هن سهڻي شڪارگاهه جو حُسن برباد ڪري ڇڏيو آهي. ايراضي ۽ آبادي: پئي ٻيلو 1883ع کان باقاعدي لک هيٺ آهي، ان وقت هن جي ايراضي 5901 ايڪڙ هئي. ايوب خان جي دور ۾ 1015 ايڪڙ زمين زرعي کاتي کي ڏني وئي. 1995ع ۾ ان مان 140 ايڪڙ فوج کي ڇانوڻي ٺاهڻ لاءِ ڏني وئي، هن وقت اها زمين آباد آهي ۽ مقاطعي تي ڏنل آهي. هينئر ٻيلي کاتي وٽ باقي 4646 ايڪڙ زمين باقي آهي. اهڙيءَ ريت هتي نباتات ۾ ٻٻر، بيد مشڪ، ٻير، ديوي، کٻڙ، ڪنڊي، لئي، ڪرڙ ۽ ٽالهيءَ جا وڻ آهن. پئي ٻيلي ۾ سراسري طور 338 ايڪڙ ٻٻر، 107 ايڪڙ بيد مشڪ، 1045 ايڪڙ ڪنڊي ۽ 12 ايڪڙن تي شيشم جا وڻ آهن. ٻين به ڪيترن قسمن جا وڻ ٻوٽا ۽ گاهه موجود آهن.

جانور ۽ پکي[سنواريو]

جيئن ته پئي ٻيلو شڪار گاهه آهي. هتي ايوب خان جو بنگلو ٺهرايل به آهي. هتي موجود شڪار گاهه ۾ هرڻ ۽ ڦاڙها آهن. جڏهن ته هتي ٻين جهنگلي جانورن ۾ سوئر، گدڙ، نور، سيڙهه، جهنگلي ٻلا وغيره ۽ پکين ۾ ڪارو تتر، اڇو تتر، ڳيرو، طوطو، هيڙهو، باز، بلبل، چڪور، ڪانءُ، ڪٻرون ٻيا موجود آهن.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]