ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ واري پاليسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ يا جهيڙڻ جي نيتي يا پاليسي آف ڪنفرنٽيشن (انگريزي ٻولي: Policy of Confrontation) ڪن به ٻن مُلڪن يا نظرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ جڏهن تشدد ڀريو لاِڙو اختيار ڪندو آهي، ته اُن صورتحال سان علائقي ۾ جهيڙن جي شروعات ٿيندي آهي. عالمي سياست ۾ ٿيندڙ تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ امن ڀريا حل ڳولڻ بدران جڏهن هڪ ملڪ ٻئي ملڪ کي جهيڙي لاءِ اڀاريندو آهي، ته اهڙي پاليسي کي ”جنگ ڇيڙڻ جي نيتي“ چئجي ٿو. هن اصطلاح کي سوويت - آمريڪي لاڳاپن جي حوالي سان وڏي اهميت حاصل آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ، ٻنهي ملڪن هن پاليسيءَ تحت سڄي دُنيا ۾ هڪٻئي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيوبائي ميزائيل گهوٽالي سميت ڪيترا ٻيا بحران پيدا ٿيا.[1]

حوالا[سنواريو]