ٽيٽيهر
ٽيٽيهر | |
---|---|
وينيلس انڊيڪس انڊيڪس (انڊيا) | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | وينيلس |
جنس: | Template:Taxonomy/وينيلس{. انڊيڪس |
حياتياتي نالو | |
وينيلس انڊيڪس (پيٽر بوڊئيرٽ, 1783) | |
ورھاست جو دائرو |
ٽِيٽيهَرَ: سنڌ جي ھڪ عام پکي جو نالو آھي. هن جون ٽنگون ڊگهيون ۽ سنهيون ٿينديون آهن. ٿر ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جون سنهيون ٽنگون هونديون آهن ته چوندا آهن ته ”ٽنگون ته ڏسوس، جهڙيون ٽيٽيهر جون“. هيءَ پلي صبح ۽ شام جي وقت ميدانن ۾ ڏسبو آهي. کيڙيءَ ۾ آڻا لاهي ۽ آرام ڪري. ٿر ۾ هن جو ماڻهو شڪار ڪندا آهن[2].35 سينٽي ميٽر جسامت واري هن ٽيٽيهر جا نرماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن جو مٿو، ڪنڌ، ڳچي ۽ گلو ڪارو ٿئي ٿو. اک کان ڪياڙيءَ وٽان ڪلهن کان ٿيندو پيٽ ۽ سڄو هيٺيون حصو اڇو ٿئيس. نَڪ تي ڳاڙهي پاپڙي ۽ پٺي ۽ پَـر سليٽي رنگ جا اٿس. پَـرن تي ڪي قدر ڪٿئيرنگ جا چمڪدار کنڀ ٿين ٿا.
رهائش
[سنواريو]هي پکي پوکن ۽ کليل ڇَر وارن علائقن ۾ عام ٿئي ٿو. ٻوليءَ ۾ شور اٿس ۽ هڪ ئي وقت ۾ چار زوردار ڦرڻيون چيخون ڪندو آهي. اڪثر جوڙيءَ ۾ ڏسبو آهي. اڏام جو ڍرو آهي، جيئن اڪثر ٻين ٽيٽن جي اڏار هوندي آهي. گول پَـر زور سان ڦڙڪائيندو آهي.
نسل جي واڌويجھ
[سنواريو]مادي، زمين يا گاھ تي ٽي چار چٽڪمرا آنا ڏيندي آهي. ٽيٽهر 28 کان 30 ڏينهن آرو ڪندي آهي. ۽ نر آنن جي حفاظت ۾ سندس مدد ڪندو آهي.
کاڌ خوراڪ
[سنواريو]ٽيٽيهر مک طور ننڍڙا جيت کائيندو آهي پر سندس خوراڪ جو ڪجهه حصو اناج پڻ آهن.
تصويرون
[سنواريو]-
Ssp aigneri -Museum specimen - Karachi, Pakistan
ثقافت جو حصو
[سنواريو]ٽيٽيھر تي ڪيترن ئي شاعرن شاعري ڪئي آھي ھتي ھڪ مثال پيش ڪجي ٿو.
- نيري اڀ تي، تتر کيڙي.
- ٽيٽيهر جي واھ جي ٻولي،
- سَت رنگي ڄڻ آهي هولي.
- ٽيٽيهر جي واھ جي ٻولي،
- ڪونجون پنهنجا کيپَ کڻي.
- ساڻ ڪنهن جا گيت ڪري،
- نيري اُڀ جي سمنڊ اندر،
- لڙهنديون وڃن، ترنديون وتن،
- نيري اڀ تي، تتر کيڙي.
- ٽيٽيهر جي واھ جي ٻولي.
ٽيٽهر جي ٻولي بابت لوڪ سنڌي چوڻيون
- ٽيٽيهر پاران رات جو بيگاھ وقت تي ٻولڻ ڪنهن اجنبي جو گهر، پاڙي يا علائقي ڀرسان لنگهڻ جو اطلاع هوندو آهي. پوءِ ان مان ڪو کڻي ڪهڙو بہ مطلب ڪڍي!
- ٽيٽيهر پنج آنا لاهي تہ برسات وسندي گنج، چار لاهي تہ چوکو چوکو (سٺو سٺو)، ٽي آنا ته ٽپي ٽپي (ڪٿي ڪٿي)، ٻه ته مينهن وسندو ٻائيڙو (ملڪ ٻوڙ)
- ٽيٽيهر واري ٽين ٽين لڳي پيئي آهي. مطلب تہ جيڪو ماڻهو گهڻيون ٻٽاڪون هڻي، پر ڪجهه به ڪم ڪري نه ڏيکاري، تنهن لاءِ چئبو آهي.