ٽينس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽينس بال ۽ رئڪيٽ سان کيڏڻ واري هڪ قسم جي راند آھي. ان جي شروعات فرانس ۾ ٿي. انگلستان ۾ چوڏهينءَ صديءَ جي لڳ ڀڳ پھتي، هيءَ راند گاھ واري لَسيل يا تراشيل ميدان، يا وري پوريءَ ريت لَسي ميدان ۾ کيڏجڻ شروع ٿي وئي، انهن ٻنهي قسمن جي ميدانن کي ”ڪورٽ“ (Court) سڏين ٿا. ٽينس ڪورٽ ۾ باقاعدي لائنون رکيون وينديون آهن. بال رٻڙ جو ۽ اندران کوکلو هوندو آهي. اُن جو قطر 5، 2 انچ ۽ وزن ٻہ آؤنس هوندو آهي. ٽينس راند جي بال کي سنڌيءَ ۾ ”ست کلو بال“ چوندا آهن. هيءَ راند ٻن رانديگرن جي وچ ۾ (سنگلز) ۽ رانديگرن جي ٻن جوڙن جي وچ ۾ (ڊبلز) کيڏي ويندي آهي. جيڪڏهن سنگلز راند هجي تہ ٻاهرين ٻن لائينن کي خارج ڪيو ويندو آهي ۽ اندروني لائنن سان ميدان جي حد بندي ڪئي ويندي آهي. اهو فيصلو ڪيئن ٿئي تہ پھرين سروس ڪير ڪري ۽ ڪھڙو رانديگر ميدان جي ڪھڙي هنڌ بيھي ان لاءِ رئڪيٽ کي ڦيرايو ويندو آهي. هن راند ۾ ڄار جي بلندي سري کان 3 فوٽ 7 انچ ۽ وچ ۾ 3 فوٽ هوندي آهي. ٻہ دفعا سروس ڪئي ويندي آهي. هڪ دفعو بال کي رئڪيٽ سان ڌڪ هڻي ڄار جي مدمقابل ساڄي مستطيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. جيڪڏهن بال اتي نہ پهچي سگهي تہ وري سروس ٿيندي آهي؛ ٻيھر بہ نہ پھچي سگهي تہ سروس ڪندڙ هڪ پوائنٽ هارائي ويندو آهي. نمبرن جي ڳڻپ هن طريقي سان ڪئي ويندي آهي تہ پھرينءَ پوائنٽ جي حيثيت 15 ڳڻي ويندي آهي. ٻي پوائنٽ جي 20 ٽين ٽن پوائنٽ جي 40 ۽ چوٿين پوائنٽ کٽي راند ختم ڪئي ويندي آهي.[1]

ٽينس ڪورٽ

حوالا[سنواريو]

  1. "ٽينس : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-04-08.