ٽيليٿون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
2010 ۾ برازيل ۾ فنڊ ڪٺو ڪرڻ لاء ٽيليٿون

ٽيليٿون(انگريزي: Telethon) ٽيليويزن سان تعلق رکندڙ پورٽ مينٽيو ( portmanteau) آھي. اھو ٽيليويزن جو ھڪ اھڙو پروگرام ھوندو آھي جنھن ذريعي ڪنهن بہ سياسي يا ڪنھن ٻئي خير واري مقصد خاطر فنڊ ڪٺو ڪيو ويندو آهي. ان پروگرام براه راست پروگرام ڪيترن ئي ڪلاڪن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏينھن تي مشتمل ھوندو آھي. اھڙن ٽيليويزن پروگرامن م اھم شخصيتون شامل ٿينديون آهن. انھن مشھور شخصيتن ۾ راڳي، اداڪار، فنڪار، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ وغيره شامل ٿيندا آهن. انھن پروگرامن م ماڻھو سڌو سنئون يا فون ذريعي شامل ٿي فنڊ جي واڌ م پنھنجي طرفان چندي ڏيڻ جو اعلان ڪندا آهن.

تاريخ[سنواريو]

سڀ کان پھريون ٽيليٿون پروگرام 1949ع ۾ ڊيمن رنيان ڪينسر ريسرچ فائونڊيشن . جي لاءِ ملٽن بيرلي جي ميزباني ۾ ٿيو ھو جيڪو 16 ڪلاڪ جاري رهيو ۽ ان پروگرام ذريعي ان فائونڊيشن جي لاء ھڪ لک ڊالر فنڊ ڪٺو ڪيو ويو.[1][2]. 23 اپريل 2020 ۾ پاڪستان ۾ ڪرونا جي ڪري ڪيل لاڪ ڊائون ۾ ڦاٿل ماڻھن جي مدد لاءِ وزيراعظم پاڪستان جي قائم ڪيل رليف فنڊ کي وڌائڻ لاء اي آر واء نيٽورڪ ۽ ٻين ٽي وي چينلن جي مدد سان ٽيليٿون جي براہ راست نشريات نشر ڪئي وئي جنھن م وزيراعظم پاڪستان سميت پاڪستان جي کوڙ مشھور شخصيتن حصو ورتو جن م ناليوارا صحافي، راڳي، رانديگر ۽ اداڪار وغيره شرڪت ڪئي.

حوالا[سنواريو]

  1. Breslin, Jimmy (1991). Damon Runyon—a life. New York, USA: Ticknor & Fields. 
  2. "Telethon". Museum of Broadcast Communications. وقت 2009-10-09 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-06-02.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)