ٽيبلو
ڏيک
ٽيبلو __(Tableau):
خاموش تمثيل، جنهن ۾ اداڪار خاموشيءَ سان مڪالمن کان سواءِ ڪنهن تاريخي يا لوڪ ڪهاڻيءَ جي تصوير ڪشي ڪندا آهن. البت صوتي اثرات يا موسيقيءَ يا شاعريءَ کي پس منظر ۾ وڄايو ويندو آهي. اڄڪلهه اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ڪهاڻين (جهڙوڪ عمر مارئي يا شاھ جون ست سورميون) کي ٽيبلو جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾اداڪار استاد ۽ شاگرد هوندا آهن. سنڌ ۾ تاريخي ٽيبلو پيش ڪرڻ ۾ مشهور اديب نثار حسيني (1943-2006ع) جو وڏو ڪردار آهي. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي