ٽائرول
ٽِرول
Tirol | |||
---|---|---|---|
| |||
Anthem: Andreas-Hofer-Lied | |||
![]() | |||
جاگرافي بيهڪ: 47°16′N 11°24′E / 47.27°N 11.4°E | |||
ملڪ | ![]() | ||
گادي جو هنڌ | انسبروڪ | ||
Government | |||
• گورنر | Günther Platter (آسٽرين پيپلز پارٽي) | ||
• ڊپٽي گورنر |
| ||
Area | |||
• Total |
12,640.17 ڪ.م2 (4,880.40 ميل2) |
ٽِرول(انگريزي: Tyrol ) آسٽريا جي اولھندي پاسي ۾ واقع ھڪ رياست جو نالو آهي. اھا رياست تاريخي ٽرول ڪائونٽي جو آسٽريائي حصو آهي. ھن رياست جي گادي جو هنڌ انسبروڪ آهي جيڪو رياست جو سڀ کان وڏو شھر پڻ آهي جنھن جي آبادي 2017 جي ڪاٿي مطابق 132236 آھي [2]. جاگرافيائي لحاظ کان ھي رياست ٻن حصن ۾ ورھايل آھي جن ۾ اتر ٽرول ۽ ڏکڻ ٽرول شامل آهن. پکيڙ جي لحاظ کان اھا آسٽريا جي ٽين وڏي رياست آهي. ان جي پکيڙ 12683 چورس ڪلوميٽر آهي. ان جون حدون اوڀر ۾ سلزبرگ رياست سان، اولھ ۾ وورارلبرگ سان، اتر ۾ جرمني جي رياست بويريا سان، ڏکڻ ۾ اٽلي جي صوبي ڏکڻ ٽرول سان ۽ سوئيٽزرلينڊ سان ملن ٿيون. ھي رياست اوڀر الپس جبلن جي قطارن ۾ واقع آهي. ھتان جو سڀ کان بلند ترين مقام 3797 ميٽر اوچو آهي. ھن رياست ۾ 15 وڏا شھر واقع آهن جن ۾ انسبروڪ، ڪوفسٽيئن، ٽيلفس، ھال ان ٽرول، شواز، وارگل، لئينز، امسٽ، زرل وغيره شامل آهن. ھن رياست جي جي ڊي پي 2018 ۾ 34.6 ارب يورو ھئي جيڪا آسٽريا جي ڪل جي ڊي پي جو 9 سيڪڙو ھئي. رياست ۾ ڪل 9 ضلعا واقع آھن جن مان ھڪڙو انسبروڪ شھر تي مشتمل ضلعو آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13.
- ↑ "Tyrol, Austria". Lonely Planet. حاصل ڪيل 1 November 2016.
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- آسٽريا
- آسٽريا جي رياستون