ٽرئڪٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽرئڪٽر

ٽرئڪٽر (Tractor) هڪ نهايت اهم زرعي مشين آهي، جيڪا زمين جي تياريءَ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. ان کي ”مشيني ڍڳو“ پڻ چيو ويندو آهي. زراعت جي ميدان ۾ زمين کيڙڻ، سنوارڻ، ٻنا ۽ ٻارا وغيره ٺاهڻ لاءِ، ٽرئڪٽر نهايت ڪارائتو ثابت ٿيو آهي.[1]

تاريخ[سنواريو]

1858ع ۾ پهريون دفعو ڊبليو. پي. ملر، ٻاڦ تي هلندڙ ٽرئڪٽر تيار ڪيو، جڏهن ته 1889ع ۾ چارٽر گيس انجن ڪمپنيءَ طرفان، تيل تي هلندڙ ٽرئڪٽر ٺاهيو ويو. آمريڪا جي رياست ڪئليفورنيا ۾ سڀ کان اول هڪ وزندار لوهي ٽرئڪٽر ٺاهيو ويو، جنهن جو وزن 41 ٽن هو، جڏهن ته ان کان اڳ ٺاهيل ٽرئڪٽر، وزن ۾ هلڪا ۽ ڪاٺ جا ٺاهيل هئا. اهڙيءَ طرح ٽرئڪٽر جي تياري، مختلف مرحلن مان گذرندي رهي ۽ آخرڪار 1922ع ۽ 1924ع جي عرصي ۾ هڪ ڪامياب ٽرئڪٽر وجود ۾ آيو، جيڪو هر قسم جي ٻني ٻاري ۾ استعمال ٿيڻ لاءِ ڪارگر هو.[1]

ھن وقت[سنواريو]

هن وقت ٽرئڪٽر نه صرف ٻنيءَ ۾ هر هلائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، پر فصل کي لڻڻ، هڪ جڳهه کان ٻيءَ جڳهه تائين پهچائڻ ۽ فصلن کي ڦوهاري ڪرڻ، لاباري ڪرڻ، وائر ڪرڻ وغيره لاءِ به مددگار ٿيندو آهي. ساڳيءَ طرح، ٽرئڪٽر جي ايجاد کان اڳ جڏهن ٻني ٻاري جا سمورا ڪم ڍڳن جا جوڙا ڪندا هئا، ته ان سان نه صرف هاريءَ کي گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي، پر وقت جو زيان به گهڻو ٿيندو هو؛ ان جي ڀيٽ ۾ ٽرئڪٽر جي ايجاد سان هڪ طرف هاري سرٽوڙ ڪم کان بچي ويا آهن، ته ٻئي طرف سندن وقت به بچي ٿو پوي. ائين کڻي چئجي ته ٽرئڪٽر جي ايجاد، زرعي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 ٽرئڪٽر انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع