ٽائپ رائٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مشيني ڊيسڪ ٽاپ ٽائيپ رائيٽر

ٽائپ رائٽر: ٽائيپ رائيٽر: (Typewriter):

اصل ۾ هڪ اهڙي مشين يا ڪَلَ آهي، جنهن ۾ بٽڻ (keys) لڳل هوندا آهن ۽ اکر جي علامت (characters) جي وسلي سان ڪاغذ تي ڇپجي وڃن ٿا. برقي ٽائيپ رائٽر کي اليڪٽرومڪينيڪل (electro-mechanical) ٽائيپر رائٽر چئجي ٿو. ھٿ سان لکيل خط پڙھڻ م مشڪل پيش اچڻ ڪري دفترن م ٽائيپ رائيٽنگ سسٽم ٽائيپ رائٽر ي استعمال سان مروج ٿيو جنھن سان نہ رڳو لکڻ ۽ پڙھڻ ۾ آساني ٿي پر ان خط يا لکت جا نقل تيار ڪرڻ بہ آسان ٿي پيا.

ٽائيپ رائيٽر جي تاريخ ۽ استعمال لاءِ ھي وڊيو ڏسو ««play media»» کي دٻايو

ٽائيپ رائيٽر جي ڪمرشل ٿيڻ جي ابتدا 1874 ۾ ٿي.[1] پر انھن جو دفترن م استعمال 1880 واري ڏھاڪي ۾ شروع ٿيو[2]

ٽائيپ رائيٽر جي استعمال جي وڊيو ڏسو:««play media»» کي دٻايو
ائڊلر ڪمپني واري ٽائيپ رائيٽر جا کوليل سڀ پرزا

ٽائيپ رائيٽر ٺاھيندڙ مشھور ڪمپنين ۾ اي.ريمنگٽن اينڊ سنز (E. Remington and Sons)، آء بي ايم (IBM),امپيريل ٽائيپ رائيٽر (Imperial Typewriters),اوليور ٽائيپ رائيٽر ڪمپني (Oliver Typewriter Company)، اوليويتي (Olivetti), رايل ٽائيپ رائيٽر ڪمپني (Royal Typewriter Company), سمٿ ڪورون (Smith Corona),انڊر ووڊ ٽائيپ رائيٽر ڪمپني(Underwood Typewriter Company)۽ ائڊلر ٽائيپ رائيٽر ڪمپني(Adler Typewriter Company) شامل آهن.

تصويرون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]