ٽائيٽن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

ٽائيٽن TITAN

ٽائيٽن زحل يعني Saturn جو سڀني کان وڏو چنڊ ۽ اسان جي سولر سسٽم جو ٻئي نمبر تي وڏو چنڊ آھي. ٽائيٽن 25 مارچ 1655ء تي ڏچ ماھر نجوم ڪرسچن ھائيجن دريافت ڪئي. ٽائيٽن اسان جي نظام شمسي جو اھو واحد چنڊ آھي جتي زمين وانگي گھاٽو وايو منڊل آھي. ماھرين جو خيال آھي ته ٽائيٽن جو وايومنڊل زمين جي شروعاتي وايي منڊل سان ملندڙ جلندڙ آھي. ڇو ته ٽائيٽن جي سطح تي ڪيميڪل ۽ جيولوجيڪل حرڪتون ٿينديون رھن ٿيون. ٽائيٽن بادل جي ھڪ ٿلھي پرت سان ڍڪيل آھي انھيءَ ڪارڻ ھن جو مٿاڇرو اسان لاء ڊگھي وقت تائين راز بڻيل ھو.

ٽائيٽن جو وايومنڊل 600 ڪلو ميٽر مٿانهين تائين ڦھيليل آھي. جيڪو زمين جي وايي منڊل کان ڪافي زياده آھي. انھيءَ ڪارڻ اسان ٽائيٽن کي اسان جي نظام شمسي جو وڏي ۾ وڏو چنڊ سمجھندا رھياسين. آخر وائجر1 خلائي مشن 1980ء ۾ ھن جي سائيز جي صحيح نموني حساب ڪيائين ۽ ثابت ڪيائين ته مشتري Jupiter جو چنڊ گينيڊ اسان جي نظام شمسي جو سڀني کان وڏو چنڊ آھي. ٽائيٽن جون ڪئي عجيب ۽ انوکيون ڳالھيون آھن.

زحل کان 1.2 ملين ڪلو پري ۽ ڇھين نمبر تي چڪر لڳائيندڙ زنده چنڊ ٽائيٽن جو ڊائيا ميٽر 5151 ڪلو ميٽر آھي. جيڪو مرڪري ۽ اسان جي چنڊ لونر کان به وڏو آھي. ٽائيٽن به ٻين پربت گرھن جي چنڊن وانگي ٽائيڊلي لاڪڊ يعني مڪمل ڳنڍيل آھي. انھيء ڪارڻ ٽائيٽن جو زحل کي چڪر ھڻڻ ۽ پنھنجي مدار تي ڦرڻ جو وقت برابر آھي. مطلب ته ٽائيٽن ته 15 ڏينھن ۽ ٻاويھ ڪلاڪن جو ھڪ ڏينھن ھجي ٿو جڏھن ته ايتري ئي وقت ۾ ھو زحل جو ھڪ چڪر مڪمل ڪندو آھي.

ٽائيٽن جي بنياد پٿريلي آھي . بنياد جو ڊائيا ميٽر 3ھزار 400 ڪلو ميٽر آھي. ٽائيٽن تي زمين وانگي وايو منڊل آھي جنھن ۾ 95 سيڪڙو نائٽروجن ۽ باقي 5 سيڪڙو ميٿين، ھائڊروجن ۽ انر اليمنٽ شامل آھن. اسان جي نظام شمسي ۾ زمين کان پوء ھي ھڪ اھڙي جڳه آھي جنھن جي مٿاڇري تي وڏي مقدار ۾ پاڻياٺ ملي ٿو.

جيئن زمين تي پاڻي پاڻياٺ، گيسي ۽ برف جي صورت ۾ ملي ٿو انھيء نموني ٽائيٽن تي پاڻياٺ، گيسي۽ ٺوس حالت ۾ پاڻي جي جاء تي ميٿين ملي ٿو. ٽائيٽن تي دريائن ۽ سمنڊ ۾ ميٿين ملي ٿو. ٽائيٽن تي ميٿين جا بادل ٺھندا آھن ۽ ميٿين جي برسات پڻ ٿيندي آھي. سٻ ڪجھ زمين وانگي آھي رڳو پاڻي جي جاء تي ميٿين آھي. ھن چنڊ تي شھابيا گھٽ آھن . ماھرين جو خيال آھي ته ٽائيٽن جا وهڪرا سڀ ميٿين جي وھڻ ڪري ٺھيا آھن. ڪيتريون ئي سڪل ڍنڍ ان ڳالھ کي ثابت ٿيون ڪن.

ٽائيٽن تي جوالا مکي به آھن . اھي لاوا جي جاء تي واٽر امونيا ۽ ميٿين جو ڪافي ٿڌو مڪسچر ڪڍن ٿا . تڏھن انھن کي آئس والڪينوز چئون ٿا.

ٽائيٽن تي ميٿين گيس گرين ھائوس افيڪٽ پيدا ڪندي آھي. ان جي باوجود ھن جو درجه حرارت ڪاٽو 180 آھي. جيتوڻيڪ گرين ھائوس افيڪٽ نه ھجي ھا ته ھي اڃا وڌيڪ ٿڌو ھجي ھا. ٽائيٽن تي وايو منڊل دٻايو 1. 45 آھي جيڪو زمين کان وڌيڪ آھي. ٽائيٽن جي گريوٽي 1.35 آھي جيڪو اسان جي چنڊ کان به گھٽ آھي.

ٽائيٽن جي ڊگھي ندي 250 ميل ڊگھي آھي. ان جو مقابلو زمين جي نيل ندي سان ڪيو ويندو آھي. وھندڙ ھي ندي پاڻياٺ ميٿين ۽ ايٿين جي آھي. ٽائيٽن جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ڪرائينڪن ميري آھي. جيڪو ھڪ لک چونجاھ ھزار اسڪوائر ميل تي ڦھيليل آھي. ھي ڍنڍ آمريڪي ڍنڍ ليڪ سپيريئر کان پنج ڀاڱا وڌيڪ آھي. ھنن ڍنڍن ۾ ٻيٽ به ڏٺا ويا آھن جيتوڻيڪ ليجيا ميري ڍنڍ جي ٻيٽن ۾ ھڪ عجيب خاصيت آھي. ھن ڍنڍ جا ٻيٽ غائب ٿي ويندا ھئا ۽ ڪجھ وقت کان پوء وري اڀرندا ھئا. انھن کي ميجڪ آء لينڊ يعني جادوئي ٻيٽ جو نالو ڏنو ويو. ھي اندازو لڳايو ويو ته ڍنڍ ۾ نائٽروجن جا ڦوڪڻا ٺھندا ھوندا ۽ اھي ڍنڍ جي سطح سان ملندا ھوندا . جنھن سان ھڪ وقتائتو ٻيٽ ٺھندو آھي. ڪجھ وقت کان پوء پاڻھي غائب ٿي ويندو آھي. پر ان پٺيان اصل حقيقت ڇا آھي ؟ اھيو ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ته سڀني ماھرين جي آھي.

اھڙا انيڪ راز ڄاڻڻ لاء ٽائيٽن تي انيڪ اسپيس ڪرافٽ موڪليا ويا آھن . ٽائيٽن لاء پھريون پروب يعني مشن pioneer11 موڪليو ويو. ھن اسان کي ڪيترا ئي تصوير موڪليا ۽ اھيو راز پڌرو ڪيائين ته ٽائيٽن انتھائي ٿڌو آھي. ھن کان پوء 1980ء 1981ء ۾ وائجر1 ۽ وائجر2 ھن جو اونھو مطالعو ڪيو. وائجر1 کي خاص ٽائيٽن لاء ڊزائن ڪيو ويو ته جيئن ھي وايو منڊل ، ٽيمپريچر، ٿلھائي، ۽ وزن جو صحيح نموني حساب ڪري سگھي.

ھن جي مٿاڇري کي مطالعي ڪرڻ لاء ڪسيني کي موڪليو ويو. ھي 1 جولائي 2004 ء تي زحل وٽ پھتو. 26 آڪٽوبر 2004ء تي ڪيسيني ھاء جنس پروب ٽائيٽن مٿان اڏرڻ دوران ھائي ريزوليشن تصويرون اسان کي موڪليون.

ڪيسيني 21 جون 2010ء تي ٽائيٽن جي 880 ڪلو ميٽر ويجھو ھو. ھن اتر پول تي گھڻي ڀاڱي ڍنڍن ۽ سمنڊن ۾ ڄميل پاڻياٺ جي کوج ڪئي.

سائنسدانن جي خيال موجب ٽائيٽن تي اھڙا آرگينڪ مٽيريل موجود آھن جن سان زمين تي زندگي شروع ٿي ھئي. اميد آھي ته ايندڙ وقت ۾ ٽائيٽن تي به زندگي شروع ٿيندي. ماھرين جي خيال مطابق ھن جي ڍنڍن ۽ سمنڊن ۾ زندگي ٿي سگھي ٿي.

جيتوڻيڪ اڄ کان پنج ملين سال پوء جڏھن سج ڳاڙھو پربت ٿي ويندو . تڏھن ٽائيٽن جو وايومنڊل جو گرمي پڍ ڪافي وڌي ويندو. ڄميل پاڻي پاڻياٺ ۽ جڏھن ته پاڻياٺ ميٿين گيس ۾ بدلجي ويندو. تڏھن ٽائيٽن انسان جي رھڻ لاء ھڪ بھترين جڳه ھوندي.