ٻولي جا اچار
ڪنهن ننڍڙي ٻار کي چئبو ته چئو”چمي“ ته چوندو ته ”ممي“ يا ”پمي“- ڇو ٿو ائين چوي؟ ”چ“ جي اُچار لاءِ، ڄڀ جي وچ وارو ڀاڱو اٿاري تارونءَ ڏانهن ڪرڻو پوي ٿو، ۽ ساڳئي وقت ڄڀ جي پاڙ جو زور به لڳائڻو پوي ٿو: اکر هڪڙو ۽ ڄڀ کي تڪليف ٻٽي يا ٻيڻي، سا به ساڳئي وقت! ويچاري معصوم کان ايترو ڪشالو نٿو پڄي، تنهنڪري ”چ“ بدران ”م“ چوي ٿو، جنهن جو اچارڻ چپن جي چورڻ سان آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو. ٻار ٿورو وڏو هوندو ته ”پ“ به چوندو، جو اهو به چپن جي اچار وارو اکر آهي. سڀني قومن جي ٻارن کي اول چپن جي اچار وارا اکر چوڻ سولا لڳن ٿا. سنڌي ٻار چون ”بابا“ ۽ انگريزي ٻار Pa Pa ۽ ma- ma چون ٿا، جن ۾ ”ب“، ”م“ ۽ ”پ“ چپن جي اچار وارا اکر آهن- هن مان هيءُ اصول ظاهر ٿيو ته اکرن ۾ تبديل يا مٽ سٽ ٿئي ٿي.
ننڍڙو ٻار ”ڪِنو“ بدران ”اِنو“ چوي ٿو. ساڱيا واڱيا به سنسڪرت لفظن ڪنڀڪار، سورڻڪار، چرمڪار ۽ لوهڪار بدران ڪنڀار، سونار، چمار ۽ لوهار چوڻ لڳا. ائين لفظن مان اکر ننڪري وڃن ٿا- هيءُ ٿيو ٻيون اصول. ساڱين واڱين ”لوهار“ جو اچار گهٽائي ڪيو ”لهار- لُهر“ ته لفظ ئي ننڍڙو ٿي پيو. عربي ۽ فارسي لفظن سان به اهو ليکو ٿيو آهي، جهڙوڪ: حجام- حجم ۽ ستمگار – ستمگر. ائين اچارن ۾ سوس ٿئي ٿي- هيءُ ٽيون اصول. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ