ٻولين جو مرڻ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

لسانيات جي ماهرن لاءِ ڪنهن به ٻولي جو مرڻ (Language Death) شروع کان وٺي وڏي دلچسپي جو مضمون رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ کوڙ اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي مري چڪيون آهن، جيڪي مرڻ جي ويجهو آهن، ۽ هيڻيون آهن.

لسانيات جي جڳ مشهور ماهر ڊيوڊ ڪرسٽل پنهنجي لکڻي (Language death 1999) هِڪ مثال ڏيئي ٻولي جو مرتيو سمجهايو آهي. هڪ ٻيو لسانيات جو ماهر بروس ڪونيل (Bruce Connell) جڏهن ڪيمرون جي ممبيلا علائقي ۾ ڪنهن موضوع تي تحقيق ڪري رهيو هو، تڏهن ۽ اِهو واقعو اولهه آفريڪا ۾ 1995ع ۾ واقع ٿيو. جڏهن کيس هِڪ ٻولي ڪسابا (Kasaba) اڀياس جو مرڪز بڻي، جيڪا پهرئين ڪنهن به ڪونه ٻڌي هئي. ان ٻولي ڳالهائڻ جو فقط هِڪ ماڻهو جنهن کي بوگون Bogon چئجي ٿو، وڃي جيئرو بچيو هو، ڪو نول کي ان وقت ايتري فرصت ڪونه ملي جو هو ان ماڻهو سان ملي ۽ سندس ٻولي بابت ڪجهه پڇي ۽ هن ئي سال ڪيمرون اچي ان ٻولي بابت تحقيق ڪرڻ جو سوچيو پر ايندڙ سال جڏهن هو واپس وريو ته اهو ماڻهو مري چڪو هو ۽ ڪسابا ٻولي به ان آخري ماڻهو جي مرڻ جي ڪري ان سان گڏ دفن ٿي وئي.

هِڪ اندازي مطابق دنيا ۾ هِن وقت ڳالهائجندڙ ٻولين جو تعداد 6 هزار آهي، جن مان 3 هزار ٻولين کي مرڻ جو خطرو آهي. Languages in danger of extinction انهن ٽن هزارن مان هِڪ هزار اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي ايندڙ پنجاهه سالن ۾ مري وينديون “Extreme danger” دنيا جي ڪل ڳالهائجندڙ ٻولين مان 96 سيڪڙو اهڙيون ٻوليون آهن، جن جو واهپو محدود آهي. يعني دنيا جي ڪل آبادي روزانو 4 سيڪڙو ٻولين جو تمام گهڻو واهپو ڪري ٿي.

اِهو سوال هاڻ حيرت جهڙو ڪونه آهي ته تقريباً هر هفتي يا سراسري طور پندرنهن وار هِڪ ٻولي جو موت ٿي رهيو آهي. لڳ ڀڳ هِڪ سؤ سالن تائين دنيا جي هن گولي تان هزار کان مٿي ٻوليون ختم ٿي وينديون. يعني انهن جو موت ٿي ويندو. ڊيوڊ ڪرسٽل ۽ فشرمين ان کي Language genocide يا Linguicide جو نالو ڏين ٿا.

مشهور آمريڪي ماهر لسانيات نام چومسڪي (Noam Chomsky) جو (CPH) يعني (Critical period hypothesis) مطالعو ڪري ڏسو. ٻولين جو استعمال ڇو گهٽجي ٿو ۽ ان جو بگاڙ ڇو پيدا ٿئي ٿو، اِها هڪ الڳ لکڻي جو مطالعو ڪندڙ موضوع آهن. [1]