مواد ڏانھن هلو

ٻرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻَرو:(انگريزي: Baro ) گاهه جو هي قسم چار فوٽ کن ڊگهو، نرم وارياسي ڀِٽن جي لاهه واري زمين تي ٿيندو آهي. چوٽيءَ تي سندس سنگ ۾ ڦاڪون ڦاڪون ٿينديون آهن، جي ٽڙي بيهنديون آهن ۽ انهن ۾ داڻا ٿيندا آهن. پن ٻاجهريءَ جهڙا، پر سنها، اُن جي وچئين ڏانڊي ڳاڙهيري رنگ جي ٿيندي آهي. اُن جا داڻا جوئر جي داڻي جيڏا، چپڙا ڳاڙهيري رنگ جا ٿيندا آهن، جي پيهي مارو ماڻهو ماني پچائي کائيندا آهن. مانيءَ جو رنگ ڳاڙهن چانورن جي مانيءَ جهڙو ٿيندو آهي. هي گاهه ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو