مواد ڏانھن هلو

ٻائن جو ٻيسڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


ٻائن جو ٻيسڻو (انگريزي: Monks spot) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر ۾ واقع ھڪ مقام جتي جهوني ڪاسبي جي ڀرسان اوڀر هڪ طرف هڪ پٿر آهي، جنهن جي هيٺيان خال آهي ۽ مٿان ڇٽيءَ وانگر ڇٿ اٿس جنهن جي هيٺيان اٽڪل ويهه کن ماڻهو ويهي سگهن ، جو ٽن پاسن کان بند ٿيل آهي. چون ٿا ته اڳي جڏهن ملڪ ۾ امن امان ڪونه هو ۽ بي بندوبستي هئي. ان وقت ڌاڙا لڳندا هئا، تڏهن ڌاڙيلن کي پريان ايندو ڏسي دهل وڄايو ويندو هو. اهو ٻڌي ڳوٺ جون عورتون پاڻ بچائڻ لاءِ هن پٿر جي هيٺان وڃي لڪنديون هيون ۽ مرد ماڻهو کليل پاسي کان هڪ وڏي پٿر جي ڇپ ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ بي اوکا ٿي هٿيار کڻي وڃي ڌاڙيلن جو مقبالو ڪندا هئا[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو