ٻائري
ٻائري يا ٻائوري(انگريزي: Bauori plant) ٻائري هڪ ٻٻريءَ جو قسم آهي، جنهن جا پن ٻٻريءَ جهڙا ٿين ٿا. مگر هن ٻوٽيءَ کي ٿڙ نه هوندو آهي. سنڌو سنئون سندس شاخون زمين مان جدا جدا نڪرنديون آهن ۽ چؤطرف پکڙي هڪ مزيدار جهڳٽو مچائي بيهنديون آهي. شاخن جي ڪاٺي بجنسي ٻٻر جي ڪاٺيءَ جهڙي ٿيندي آهي. منجهس ڦلڙيون به ساڳيون ٻٻر وانگر پيلي رنگ جون ٿينديون آهن. هن جون آليون پاڙون ڪڍي ٿر جا ماڻهو ان کي ڪوڙي ڦاڪون ڦاڪون ڪري، ڏڌ ولوڙڻ لاءِ موزون منڌيون منڌيئڙا ٺاهيندا آهن. ٻائريءَ جا پن هرڻ ۽ هرڻيون خوب چاهه سان کائيندا آهن ۽ اهو سندن مکيه قوت آهي. هن نازڪ نفيس جانور جي بقاءَ زندگيءَ لاءِ وسڪاري بعد صرف ٻائري ئي اجهو ۽ آسرو آهي. سنڌ ۾ پڻ سيوهڻ جي نزديڪ جتي جي واري پڻ هوبهو ٿر جهڙي آهي، اتي ٻائريون جام نظر اينديون آهن.[1]هي وڻ ٻٻر جي جنس مان آهي. اُن جا پن به ٻٻر جهڙا ٿين ۽ ٽارين تي ڊگها نوڪدار ۽ تکا ڪنڊا، جن کي سورُون چون، سي به هوبهو ٻٻر جي ڪنڊن جهڙا ٿين. هي وڻ مٿاهين نرم زمين ۾ اُڀري، ڏُهرن واري ڏاڍي زمين ۾ اصل ڪونه ٿئي. هن جو ٿڙ هڪ نه ٿيندو آهي، پر ساڳئي هنڌ گهڻيون شاخون ٿي زمين مان نڪرن، جي پندرهن فوٽن تائين ڊگهيون ٿينديون آهن ۽ سنهيون سنهيون ٽاريون ڪڍي هڪ مزيدار جهڳٽو ٺاهي بيهن. اُن جي ڪاٺي ٻٻر جهڙي ڳاڙهسري ڪاري ٿئي. اُن جو ٻُور به ٻٻر جي پيلين ڦُلڙين وانگر ٿيندو آهي. اُن جا پن هرڻ، ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن، ڪاٺ ٿلهو ڪونه ٿئي پر سنهيون ڊگهيون ٿڙيون ٿين، جي سُڪڻ بعد ڇَنن ۽ چَونرن ۾ ڪايا ڪري ڪم آڻين. اُن جي سُڪل ڊگهي تڙيءَ جي هڪ ڇيڙي ۾ لوهه جي وريل ڏاٽي قابو ڪري، ڊگهن ڪَنَڊن جي ٽارين جي ڇيڙن ۾ جي سکريون ٿينديون آهن (جن تائين ڪنڊي تي چڙهيل ماڻهو به پهچي نه سگهي)، سي لاهبيون آهن. ڌنار ماڻهو ڪونڀتن جا چپڙا به اُن ڏاٽيءَ سان لاهيندا آهن. ڏڪار وقت سڀ ڪنهن مالدار وٽ پنهنجي ڏاٽِي تيار ٿيل هوندي آهي[2]. ڪي وري اها تَڙِي هيٺان پاڙ وٽان ٻيڙهانگي ڪپيندا آهن، پوءِ هڪ پيڙو ننڍو ڪري آنڪوڙو ٺاهيندا آهن، يا لسي تڙي هوندي ته هٿراڌو ڪاٺي ٽڪر تيار ڪري، هڪ ڇيڙي ۾ قابو ڪري آنڪوڙو ٺاهيندا آهن. پوءِ اُن سان ڪنڊن مان سڱريون ۽ ڪونڀٽن مان چپڙا لاهيندا آهن.[2]. ٻائوريءَ جون پاڙون ڪڍي ان مان ولوڙڻ لاءِ جهيڙڻا ٺاهيندا آهن. ڪولهي ماڻهن جو اهو خاص ڌنڌو هوندو آهي، جي جهيرڻا تيار ڪري ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڪڻند آهن. سنڌي ماڻهو شوق ڪري ٿر جا جهيرڻا گهرائيندا آهن، تنهنڪري سوکڙي طور يا وڪري لاءِ سنڌ ڏي کڻي ويندا آهن(انگريزي: رائچند ھريجن ). جڏهين واهوندا ورندا آهن، تڏهين ٻائورين ۾ کنؤر ٿيندو آهي، جو ڪونڀٽ جي کنؤر کان وڌيڪ قيمتي آهي. ڪيترا ماڻهو ۽ خاص ڪري ٻار اهو چونڊي شهرن ۾ وڪڻندا آهن.[2].