يڪا
ڏيک
| Adam's needle | |
|---|---|
| سائنسي درجا بندي | |
| جنس: | Template:Taxonomy/Yucca{. filamentosa |
| حياتياتي نالو | |
| Yucca filamentosa L. | |

يڪا انگريزي ڪتابي نالو آهي. رواجي نالو اٿس آڊمس نيڊل (يعني حضرت آدم جي سئي). هي ولايتي ٻوٽو آهي. هن جو هڪڙو ٻه قسم هن ملڪ ۾ عام آهي. هڪڙي قسم جو نالو آهي، سپانش بيئنيٽ (يعني اسپين جي سنگين) يڪا جا پن وڏا، سخت ۽ چپترا آهن، هنن جي چهنب ۾ هڪڙو سئيءَ جهڙو ڪنڊو رهي ٿو. سانوڻيءَ جي ڏينهن ۾ هزارين اڇا گل ڪري ٿو، جي گهنڊڻين وانگي لڙڪي بيهندا آهن. هن جاپن گهميل زمين ۾ پورجن، ته اتي پاڙون هڻي ڦٽن ٿا. هڪڙي قسم جي پنن جي وَٽِ ٿورو اڇي ٿيندي آهي. يڪا جا ڪل ٽيهه قسم شمار ڪيا اٿن.[1] ڪنئار ٻوٽي به هن ذات مان آهي، جا هتي عام آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو