يوٽوپيا (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
يوٽوپيا
Isola di Utopia Moro.jpg
1516 ۾ يوٽوپيا جو پھريون ايڊيشن
مصنف ٿامس مور
اصل عنوان Libellus vere aureus, nec minus salutaris quam festivus, de optimo rei publicae statu deque nova insula Utopia
مترجم رالف رابنسن
گلبرٽ بورنيٽ
جلد جو مصور ايمبروسيس ھولبيئن
ملڪ ھيبسبرگ نيدرلينڊز
ٻولي لاطيني
صنف سياسي فلسفو
شايع ڪندڙ مور
ڇاپي جي تاريخ
1516
سنڌي ۾ ڇاپي جي تاريخ
1551
ابلاغي ذريعي جو قسم ڇپائي
صفحا 359
او سي ايل سي 863744174
335.02
ايل سي درجه بندي HX810.5 .E54
اڳ آيل ڪتاب آ ميري جيسٽ
بعد آيل ڪتاب لاطيني نظم


يوٽوپيا (ڪتاب)(انگريزي: Utopia (Book)) مشھور ڪتاب جيڪو ٿامس مور لکيو ھو.سر ٿامس مور پنهنجي ڪتاب ـــــ يُوٽوپيا ـــــ جو گهڻو حصو 1516ع ۾ اينٽ ورپ (بيلجيم) ۾ لکيو هو. اينٽ ورپ انهن ڏينهن ۾ يورپ جو سڀ کان وڌيڪ اهم واپاري بندرگاهه هو ۽ سر ٿامس مور اتي برطانوي واپارين جي ڪنهن ڪم سان ويو هو. يوٽوپيا سفرنامي واري نموني تي لکيل آهي. گهڻو ممڪن آهي ته سر ٿامس مور جي ملاقات اينٽ ورپ ۾ ڪنهن سامونڊي سوداگر سان ٿي هجي ۽ ان جي آتم ڪٿا ٻڌي سر ٿامس مور يوٽوپيا لکڻ جو منصوبو سٽيو هجي.[1]سر ٿامس مور يوٽوپيا لاطيني ٻولي ۾ لکيو هو، جيڪا سورهين صديءَ ۾ يورپ جي تهذيبي ٻولي هئي. اهو ڪتاب پهريون ڀيرو بيلجيم ۾ 1516ع ۾ شايع ٿيو ۽ ايترو ته پسند ڪيو ويو جو جلد ئي ان جا ترجما ٻين ٻولين ۾ ٿي ويا، پر يوٽوپيا جو پهريون انگريزي ترجمو مور جي وفات کان 16 سال پوءِ لنڊن مان ڇپيو. دير جو سبب اهو هو ته ان وچ ۾ مور جي سِسي ڪپجي چڪي هئي ۽ ڪنهن کي به همٿ نه هئي ته هنري اٺين جي زندگيءَ ۾ مور جو ڪتاب برطانيا ۾ ڇپي ها.[1]يوٽوپيا اسپين جي هڪ فرضي سياح جو فرضي سفرنامو آهي. ان سياح جو نالو رافيل هيٿ ڪوڊي هو. سر ٿامس مور جي چواڻي رافيل يوناني ۽ لاطيني ٻولين کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ وِس پوچي سان گڏ ٽي ڀيرا آمريڪا جو سفر ڪري چڪو هو، پر آخري ڀيري هو وِس پوچي سان گڏ نه موٽيو، پر اهڙن اڻ ڄاتل علائقن جي سير تي نڪري ويو جيڪي نقشن ۾ به ڪو نه هئا. يوٽوپيا ۾ ذڪر ڪيل ملڪ به انهن ئي علائقن مان هڪ هو. رافيل پنجن ڇهن سالن تائين انهن پرانهن ڏيهن جو سير ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪالي ڪٽ پهتو، جتي انهن ڏينهن ۾ اسپيني جهاز واپاري سامان کڻي ايندا رهندا هئا. ڪجهه ڏينهن ڪالي ڪٽ ۾ رهي هو وطن واپس موٽي ويو[1]. رافيل جي ملاقات سر ٿامس مور سان اينٽ وَرپ ۾ ٿئي ٿي. رافيل گفتگو ڪندي هڪ اهڙي ٻيٽ جون حالتون بيان ڪري ٿو جتي ماڻهو ڪميونسٽ اصولن مطابق زندگي گذاريندا آهن. ان جزيري جو نالو يوٽوپيا (خيالي) آهي. سر ٿامس مور رافيل جي سرگذشت ڏاڍي شوق سان ٻڌندو آهي ۽ لکي ڇڏيندو آهي.[1] رافيل جي داستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرئين حصي ۾ سر ٿامس مور رافيل جي حوالي سان برطانيا جي سماجي براين جو جائزو ورتو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ يوٽوپيا جي ڌرتيءَ جي جنت جا تفصيل لکيا آهن. ان ٻيٽ جو مقصد هي هو ته پڙهڻ وارن تي ذاتي ملڪيت جون خرابيون ۽ ڪميونزم جون خوبيون واضح ٿي وڃن. رافيل پنهنجي سير سفر دوران ڪجهه عرصو برطانيا ۾ به رهي چڪو هو ۽ اتان جي ظالم قانونن کان ذاتي طور واقف هو، تنهنڪري ڳالهين ڳالهين ۾ جڏهن برطانيا جو ذڪر اچي ٿو، ته رافيل برطانيا جي قانوني برائين ۽ برطانوي سماج جي خرابين تي آڱر کڻي ٿو. مثال طور، ان زماني ۾ چوريءَ جي سزا موت هئي، تڏهن به چوريون وڌنديون ٿي رهيون. هڪ هڪ ڦاهي گهاٽ تي ويهه ويهه چور روزانو ڦاهي چڙهندا هئا، پر چورن جي ڳاڻاٽي ۾ ڪا به کوٽ نه پئي ٿي. رافيل چوي ٿو ته ”ڦاهي ڏيڻ وسيلي ته چورن جو تعداد گهٽجي نه ٿو سگهي پر جيڪڏهن حاجتمندن جي گذر جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ انهن کي روزگار ملي پوي ته چوريون پنهنجو پاڻ گهٽجي وينديون. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته توهان ڪنهن بدنصيب کي اول ته چوري ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ ان کي ٽياس تي ٽنگيو.“[1] رافيل جي نظر ۾ چوري چڪاريءَ جو ٻيو سبب برطانيا جي نڪمن، بيڪار نوابن ۽ رئيسن جون عياشيون هيون. ”اهي پاڻ ڪو به ڪم ڪو نه ٿا ڪن، ويندي پاڻي به ٻين جي هٿان ٿا پيئن. نتيجو اهو ٿو نڪري ته انهن جي اوطاقن ۾ مفت خور مصاحبن، جِي حضورين، خوشامدڙين ۽ نوڪرن جي رش رهي ٿي، پر جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي آقا جي ڪم جا نه ٿا رهن يا آقا مري پوي ٿو، ته آقا جو اولاد انهن کي گهرن مان ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ جيئن ته انهن کي ڪو به هنر نه ٿو اچي تنهنڪري هو چوري ڪندا رهن ٿا.“[1] رافيل وٽ چوري جو اصل سبب اهو آهي ته نواب ۽ جاگيردار هاڻي اُن جو ڪاروبار ڪرڻ لڳا آهن. هنن هارين کي ٻنين مان بي دخل ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي چراگاهن کي لوڙهن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جون رڍون پاليون وڃن ٿيون. زمين تان بيدخل ٿيڻ کان پوءِ هارين جي لاءِ ڳوٺ ۾ گذر جو ڪو به وسيلو نه ٿو رهي، ان ڪري هو روزگار جي ڳولا ۾ شهرن ڏانهن رخ رکن ٿا. جن کي روزگار نه ٿو ملي، اهي چوري ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن ۽ ڦاهيءَ تي لٽڪايا وڃن ٿا ۽ جيڪي پنندڙ فقير بڻجن ٿا انهن کي بدمعاش چئي قيدخاني ۾ وڌو وڃي ٿو.[1] بس اُن جي ڪاروبار ڪري هڪ طبقو امير مان وڌيڪ امير ۽ ٻيو غريب کان وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو. ان دولتمنديءَ سماجي براين جي لاءِ نوان نوان گهاٽ کولي ڇڏيا آهن. مثال طور، چانهه (قحبه) گهرن، شراب خانن ۽ جوئا جي اڏن جو تعداد وڌندو وڃي ٿو ۽ ٻين اخلاقي براين کي واڌ ملي ٿ[1]ا. سر ٿامس مور رافيل کي چوي ٿو ته جيڪڏهن تون ڪنهن بادشاهه جو صلاحڪار بڻجي وڃين ته ڏاڍو فائديمند ثابت ٿيندين. رافيل جواب ڏئي ٿو ته افلاطون کي به اها ئي غلط فهمي هئي ته بادشاهه جيڪڏهن فلسفي ٿي پوي يا فلسفي بادشاهه ٿي پوي ته ملڪ ۾ ماکيءَ ۽ کير جون نهرون وهڻ لڳنديون، تنهنڪري هن سسلي جي بادشاهه کي فلسفي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيو. ان ڪري بادشاهن کي سٺن ۽ سچن صلاحڪارن جي نه، پر خوشامندي ۽ جِي حضورين جي گهرج هوندي آهي. رافيل تنقيد جو سلسلو جاري رکندي چوي ٿو ته: ”جتي ملڪيت ذاتي هجي، جتي انسانيت جو معيار پيسو هجي، اتي اها ڳالهه لڳ ڀڳ ناممڪن آهي ته عوام تي انصاف سان حڪومت ڪري سگهجي ۽ رعيت خوشحال ۽ آسودي ٿئي. جتي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دولتمند سڀ ڪجهه پاڻ ۾ ورهائي کڻن اتي گهڻائي ڪيئن ٿي سگهي ٿي، سڀني جون ضرورتون ڪيئن پوريون ٿي سگهنديون. حقيقت اها آهي ته شين جي برابر ۽ انصاف ڀري ورهاست ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين ذاتي ملڪيت جو حق پاڙَون پٽيو نه وڃي. جيستائين ذاتي ملڪيت جو رواج رهندو آباديءَ جي وڏي گهڻائي، جيڪا انسانيت جو اعلى جزو آهي، هيڻائيءَ ۽ بک جو بار کڻڻ تي مجبور هوندي.“ (ص 51). اهو نُڪتو، ته طبقاتي سماج ۾ جتي دولت وڌائڻ جا سمورا وسيلا ـــــ زمين، فيڪٽريون ڪارخانا، بئنڪون، کاڻيون وغيره ـــــــ هڪ طبقي جي ذاتي ملڪيت هونديون آهن، اتي سماجي برابري ممڪن ناهي. سر ٿامس مور اڄ کان ساڍا چار سَو سال اڳ سمجهي ويو هو، پر اسان جا اسلام پسند مفڪر ويهين صديءَ ۾ به هڪ طرف ذاتي ملڪيت کي مقدس سمجهن ٿا ته ٻئي طرف ماڻهن کي برابريءَ جو سبق به سيکارن ٿا. سر ٿامس مور گڏيل ملڪيت جي خلاف اهو دليل پيش ڪري ٿو ته هر ماڻهو ذاتي فائدي لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ جڏهن ذاتي فائدي جو امڪان نه هوندو، ته پوءِ ماڻهو ڪم ڇو ڪندو ۽ جڏهن ماڻهو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا، ته پوءِ شين جي گهڻائي ڪيئن ٿيندي؟ رافيل ان اعتراض جو جواب دليل سان ڪو نه ٿو ڏئي، پر چوي ٿو ته جيڪڏهن توهان مون جيان پنج سال يوٽوپيا ۾ گذاريا هجن ها، ته توهان اهو اعتراض ڪڏهن به نه ڪيو ها. ان تي سر ٿامس مور رافيل کي چوي ٿو، ته مهرباني ڪري اسان کي يوٽوپيا جون حالتون ٻڌاءِ. رافيل جي روايت موجب يوٽوپيا جو ٻيٽ ڏکڻ آمريڪا جي ويجهو آهي. ٻيٽ جي ڊيگهه لڳ ڀڳ 500 ميل ۽ ويڪر 200 ميل آهي. ان ٻيٽ ۾ اڳي وحشي ماڻهو آباد هئا. تڏهن بادشاهه يُوٽوپس ان کي فتح ڪيو ۽ اتي ڪميونزم جو بنياد وڌو. بادشاهه جي نالي پٺيان اهو ٻيٽ يوٽوپيا سڏجي ٿو. يوٽوپيا کي نظم ۽ ضبط جي سهولت خاطر 54 ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ڄڻڪ اتي 54 شهر آهن. انهن جي وچ ۾ 24 ميلن جو مفاصلو آهي. رياست جي گاديءَ جو هنڌ اَمارُوت آهي. يوٽوپيا جي رياست هڪ جمهوري وفاق آهي، جنهن ۾ ملڪ جي سڀني ضلعن کي هڪ جيترا حق ۽ اختيار حاصل آهن. وفاق جو انتظام 162 رڪنن جي هڪ مجلس هلائيندي آهي، جنهن ۾ هر ضلعي مان ٽي نمائندا چونڊيا ويندا آهن. زندگيءَ جي ضرورتن جي پيداوار ۽ ورهاست جا فرض انهيءَ مجلس جي حوالي آهن. هر ضلعي ۾ ڇهه هزار گهراڻا ۽ ايتريون ئي ٻنيون آهن. هر ٽيهن گهراڻن جو هڪ مُکي هوندو آهي، جنهن کي واسطيدار گهراڻن جا ماڻهو هر سال چونڊيندا آهن. هر ڏهن مُکين تي هڪ مها مُکي هوندو آهي. اهڙيءَ طرح هر ضلعي ۾ 200 مکي هوندا آهن جيڪي ڳجهي راءِ جي اصول تي پنهنجو حاڪم چونڊيندا آهن. ضلعي جي انتظامي مجلس مها مکين ۽ حاڪمن تي ٻڌل هوندي آهي. اها مجلس هفتي ۾ ٻه ڀيرا ضرور ملندي آهي. ان جي هر گڏجاڻيءَ ۾ ٻِن مکين کي به صلاح مشوري لاءِ ضرور سڏايو ويندو آهي. ان گڏيل ملڪ جو بنيادي ڌنڌو زراعت آهي، تنهنڪري هر مرد ۽ عورت جي لاءِ زراعت جي فن کان واقف هئڻ لازمي آهي، پوءِ ڀل ته اهي شهر ۾ رهندا هجن يا ڳوٺ ۾، تنهنڪري شهرين جي هڪ مقرر تعداد کي هر سال ڳوٺن ۾ وڃي رهڻو پوندو آهي ۽ انهن جي جاءِ تان ڳوٺاڻا شهرن ۾ ايندا آهن. اهڙيءَ طرح شهر ۽ ڳوٺ جو رشتو ٽٽي نه سگهندو آهي ۽ نه ئي شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي وچ ۾ فرق جي سماجي وٿي پيدا ٿيندي آهي. فصل لڻڻ وقت شهرين جو هڪ مقرر تعداد ڳوٺن ۾ وڃي هارين جو هٿ ونڊائيندو آهي. اهڙيءَ طرح هفتن جو ڪم ڏينهن ۾ پورو ٿي ويندو آهي. هر ماڻهو لاءِ زراعت سان گڏ ٻيو هنر به سکڻو پوندو آهي، ان ڪري ماڻهو عام طرح پنهنجو اباڻو ڌنڌو اختيار ڪندا آهن، پر حقيقت اها آهي ته هر ماڻهوءَ لاءِ اباڻو ڌنڌو اختيار ڪرڻ ضروري هوندو آهي[1]. تندرست مرد۽ عورتون ڇهه ڪلاڪ ڪم ڪندا آهن - نه گهٽ نه وڌ، پر پوڙها، ٻار، بيمار ۽ علمي تحقيق ڪرڻ وارا ان فرض کان ڇٽل آهن. انهن ڏينهن ۾ برطانيا ۾ مزورن کي ٻارهن چوڏهن ڪلاڪ روزانو ڪم ڪرڻو پوندو هو، پوءِ به ملڪ ۾ شين جي گهڻائي ڪا نه هئي، ان ڪري سر ٿامس مور کي رافيل جو اهو بيان شڪ ڀريو نظر اچي ٿو ته يوٽوپيا ۾ ماڻهو رڳو ڇهه ڪلاڪ ڪم ڪندا آهن. ٿامس مور جي جواب ۾ رافيل چوي ٿو ته يوٽوپيا ۾ هر ماڻهو ڪم ڪندو آهي، جڏهن ته برطانيا ۾ نڪمن ۽ مفت خورن جو وڏو تعداد ٻين جي پورهيي تي گذارو ڪري ٿو. ”پادرين ۽ ڪليسا سان لاڳاپيل ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي مورڳو ڪم ئي ڪو نه ٿا ڪن. انهن ۾ دولتمندن، خاص طرح نوابن ۽ رئيسن کي شامل ڪيو ۽ انهن جي نوڪرن چاڪرن کي ۽ وري ڏنڊن مسٽنڊن فقيرن کي، ته پوءِ توهان کي اندازو ٿي ويندو ته اسان جي سماج ۾ مفيد ۽ تخليقي ڪم ڪندڙن جو تعداد ڪيترو ٿورو آهي.“ (ص 66) يوٽوپيا ۾ علم ۽ فن جي تحقيق ڪرڻ وارن کي رياست کان وظيفو ملندو آهي.[1] گندا ۽ سخت مشقت جا ڪم قيدين کان ورتا ويندا آهن. هي اهي ڏوهاري هوندا آهن، جيڪي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ هجن ته ٽياس تي ٽنگجي وڃن. ٻين ملڪن کان ڀڄي ايندڙ حاجتمندن کان به ان قسم جا ڪم ورتا ويندا آهن. يوٽوپيا جا ماڻهو زراعت لاءِ ڏاند استعمال ڪندا آهن. هو ڪڻڪ، داليون ۽ سبزيون پيدا ڪندا آهن. انگور، صوف ۽ ناشپاتي سندن من پسند ميوا آهن. انگور مان هو شراب به ٺاهيندا آهن ۽ سال ۾ ايترو اناج پيدا ڪندا آهن جيڪو شهرين ۽ ڳوٺاڻن ٻنهي لاءِ کوڙ هوندو آهي. ان اناج جي بدلي ۾ هو شهر ۾ تيار ٿيڻ واريون شيون مفت وٺي ايندا آهن[1]. شهرن جيان ڳوٺن ۾ به هر گهر ۾ چلهه نه ٻرندي آهي، پر هر ڳوٺ جو هڪ گڏيل رڌڻو هوندو آهي ۽ سڀ ماڻهو پنهنجي مُکيءَ جي نگهبانيءَ ۾ گڏجي ويهي کائيندا آهن، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو چاهي ته گهر ۾ به (کاڌو) پچائي سگهي ٿو، پر گڏيل رڌڻي جي ڪري ٻارڻ ۾ بچت ٿيندي آهي ۽ وقت به بچندو آهي. رات جي کاڌي کان پوءِ ماڻهو نچندا ۽ ڳائيندا آهن پر اٺين وڳي سمهڻ هليا ويندا آهن ۽ چئين وڳي جاڳندا آهن. رڌڻي جو ڏکيو ڪم، مثال طور چلهو ٻارڻ ۽ ٿانوَ ڌوئڻ، قيدي ڪندا آهن، پر ديڳڙن جي نظرداري عورتن جو ڪم آهي. سڀ ماڻهو، شهري هجن يا ڳوٺاڻا، اُن ۽ فليڪس جا سادا ڪپڙا پائيندا آهن. هر گهراڻو ڪپڙو پاڻ اُڻندو آهي. ڪنوارين ڇوڪرين جو لباس شادي شده عورتن کان ٻئي قسم جو هوندو آهي. شهرن جي آبادي ڇهن هزارن کان وڌيڪ نه ٿي سگهندي آهي. جيڪڏهن اها وڌي وڃي ته واڌو آباديءَ کي نئين شهر ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. هر شهر جا چار هڪ جيترا حصا آهن. هر حصي جي وچ ۾ هڪ بازار آهي، جتي ضرورت جون سڀ شيون مفت ۾ ملنديون آهن. پيداوار گدامن ۾ جمع ڪئي ويندي آهي ۽ پيداوار جي گهڻائيءَ جي ڪري ڪنهن کي به آئيندي متعلق انديشو نه هوندو آهي. ان ڪري ماڻهو ضرورت کان وڌيڪ شيون ذخيرو ئي نه ڪندا آهن[1]. شهر جا رستا 20 فوٽ ويڪرا آهن. رستن جي ٻنهي پاسي گهرن جون قطارون آهن. گهرُ گهرَ سان مليل آهي ۽ انهن جي پوئين حصي ۾ باغ هوندو آهي. گهرن ۾ قلف ڪڙو لڳل نه هوندو آهي. هر ڏهين سال ماڻهو ڪُڻا وجهي پنهنجا گهرَ بدلائيندا آهن، ڇو ته گهر ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهن. هر ٽيهن گهراڻن جو هڪ ڪشادو طعام گاهه هوندو آهي، جتي سڀ گڏجي ٺِڪر ۽ شيشي جي ٿانون ۾ کاڌو کائيندا آهن، پر ڪموڊ، سلفنچي ۽ ٿُڪدان وغيره سونَ ۽ چانديءَ جا هوندا آهن. ساڳيءَ طرح قيدين جون هٿڪڙيون، ٻيڙيون ۽ زنجير به ڌاتن مان ٺاهيا ويندا آهن[1]. گهڻين زالن رکڻ جي اجازت ڪانهي. شاديءَ کان اڳ ڇوڪرو ۽ ڇوڪرِي هڪ ٻئي کي اگهاڙو ڏسي سگهن ٿا، ته جيئن جسماني عيب جي خبر پئجي وڃي. رافيل چيو ته اسان ان رواج تي اعتراض ڪيو، ته يوٽوپيا وارن جواب ڏنو ته جڏهن توهان گهوڙو خريد ڪيو ٿا، تڏهن ان جي زين لاهي ڏسو ٿا، ته جانور جي پٺ تي ڪو زخم ته ڪونهي، ته پوءِ توهان کي جنهن سان سڄي زندگي گذارڻي آهي، ان کي اگهاڙو ڏسڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي. جيڪڏهن زال مڙس گڏجي عدالت کي درخواست ڪن ته طبيعتن ۾ فرق جي ڪري اهي هڪ ٻئي سان زندگي گذاري نه ٿا سگهن، ته پوءِ کين طلاق ۽ ٻيءَ شاديءَ جي اجازت ملي ويندي.[1] يوٽوپيا ۾ ٻارن جي تعليم تي ڏاڍو زور ڏنو ويندو آهي. ٻارن جي تعليم لازمي ۽ مفت هوندي آهي. انهن جي نصاب ۾ حساب، موسيقي، منطق، جاميٽري ۽ نجوم وغيره شامل آهن. تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ملندي آهي. اها ٻولي، رافيل جي خيال مطابق، فارسي ٻوليءَ سان ملندڙ آهي. اهي ماڻهو اڳي وڻن جي ڇوڏن ۽ نرسل تي لکندا هئا، پر رافيل انهن کي ڪاغذ ٺاهڻ ۽ ڇاپي خاني جو استعمال سيکاريو، ته اهي ڏاڍو خوش ٿيا. يوٽوپيا جا رهاڪو مذهب جي باري ۾ ڏاڍا آزاد خيال آهن. ڪو به ڪنهن جي عقيدن ۾ مداخلت نه ڪندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي زوريءَ پنهنجو هم عقيدو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪجهه ماڻهو سج جي عبادت ڪندا آهن، ڪجهه چنڊ جي ۽ ڪجهه ٻين سيارن (گرهن) جي، پر انهن کان هڪ بالاتر هستي آهي، جنهن کي هُو مٿرا (مهر) چوندا آهن. هنن رافيل جي چوڻ تي، حضرت مسيح کي به قبول ڪيو، ڇو ته ”اسان انهن کي يقين ڏياريو ته حضرت مسيح به سوشلزم جي تعليم ڏئي ٿو.“[1] (ص 118) هو ماڻهو رواقين جيان جسم کي ايذاءَ ڏيڻ يا بک ڪٽڻ ۽ رياضت جا سخت مخالف آهن. ان جي ابتڙ، هو خوش رهڻ ۽ زندگيءَ جو مزو ماڻڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن، پر انهن وٽ مسرت ۽ شادمانيءَ جي حياتي اها آهي جيڪا عين قدرت مطابق هجي. هو جنگ ۽ خون خرابي کي ڏاڍو خراب سمجهندا آهن ۽ بيمارن جي دوا درمل تي ڏاڍو ڌيان ڏيندا آهن، پر مرض جيڪڏهن لاعلاج ٿي وڃي يا مريض تڪليف سهي نه سگهي، ته ان کي خودڪشي ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. يوٽوپيا جو داستان ختم ٿئي ٿو، ته سر ٿامس مور برطانوي ”دولت مشترڪه“ جو ذڪر وري ڪڍي ٿو. رافيل چوي ٿو: ”ٻيا ملڪ ”دولت مشترڪه“ هئڻ جي دعوى ڪن ٿا. ان دولت مشترڪه ۽ يوٽوپيا جي دولت مشترڪه ۾ فرق اهو آهي ته يوٽوپيا ۾ ڪا به شَي ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي. ان جي ابتڙ برطانوي دولت مشترڪه ۾ هر ماڻهو پنهنجي ذاتي مفاد کي وڌائڻ جي ڳڻتيءَ ۾ لڳو رهندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن هن پنهنجي لاءِ ڪجهه نه بچايو، ته بک مرندو. ڪٿي وري يوٽوپيا جي حقيقي دولت مشترڪه ۾ جتي سڀ شيون سڀني لاءِ گڏيل آهن، ڪنهن کي ڀل ۾ به اهو خيال نه ٿو اچي ته ذاتي استعمال جون شيون نه مليون، ته ڇا ٿيندو. ڇو ته اتي گڏيل اسٽورن ۽ گدامن ۾ شين جي گهڻائي هوندي آهي. اتي نه ته شين جي ورهاست ۾ بخل ڪيو ويندو آهي ۽ نه اتي ڪو حاجتمند يا فقير آهي. يوٽوپيا ۾ جيتوڻيڪ ڪنهن وٽ ڪا ملڪيت ڪانهي، پر پوءِ به هر ماڻهو آسودو ۽ مطمئن نظر ايندو آهي. ان کي نه پنهنجي گذر جي ڳڻتي هوندي آهي ۽ نه زال جي شڪايت جو اونو، نه پٽ جي بيروزگاريءَ جو انديشو ۽ نه ڌيءَ جي ڏاج جي مونجهه.“[1] (ص 130-131) پڙهندڙن کي ياد هوندو ته افلاطون جي ڪتاب ”رعيتي راڄ“ (ريپبلڪ) جو بنيادي موضوع عمل ۽ انصاف آهي، پر سر ٿامس مور ڄاڻي ٿو ته دولتمندن جي قائم ڪيل رياست ۾ انصاف جي معنى اها آهي ته دولتمندن جي مفادن ۽ حقن کي قانوني تحفظ هجي، تنهنڪري هن جي دعوى آهي ته معاشي مساوات کان سواءِ حقيقي انصاف ممڪن ئي ڪونهي. ان ڳالهه کي رافيل جي زباني، هو هيئن ٿو بيان ڪري: ”ڪنهن جي همٿ آهي ته يوٽوپيا ۾ جيڪا مساوات رائج آهي، ان جي ڀيٽ ٻين ملڪن جي انصاف سان ڪري؟ مون کي ته انهن ملڪن ۾ نه انصاف نظر اچي ٿو ۽ نه مساوات، ڇو ته اهو ڪهڙو انصاف آهي جو هڪ شاهوڪار، جيڪو دولت مشترڪه لاءِ ڪو به مفيد ڪم نه ٿو ڪري، عيش ۽ آرام جي زندگي گذاري ٿو، پر هڪ غريب مزور، بار ڍوئيندڙ، لوهر، ڊکڻ ۽ هاري، جيڪي جانورن جيان گهرڙِن ٿا، جانورن کان به بدتر زندگي گذارن ٿا. انهن جو روزانو اجورو هڪ ڏينهن جي ضرورتن لاءِ به ڪافي ناهي، ڪٿي وري ايترو بچائڻ جيڪو ٻڍاپڻ ۾ سهارو بڻجي سگهي. ”ڇا اها بي انصافي ۽ بي رحمي ناهي، ته اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي اميرن جي طبقي ۾ شمار ڪن ٿا ۽ شاهوڪار ۽ سندن خوشامدي ته آسودگيءَ ۽ فراغت (واندڪائيءَ) سان رهن ٿا ۽ ٻئي طرف پورهيو ۽ محنت ڪندڙن جو ڪو سهارو نه هجي، جڏهن ته انهن کان سواءِ ڪو به ملڪ جيئرو رهي نه ٿو سگهي. ايترو ئي نه، پر دولتمند ماڻهو قانوني طور پورهيتن جي روزيءَ جو هڪ حصو هڙپ ڪري وڃن ٿا. انهن جون اڳوڻيون بي انصافيون ڪو گهٽ هيون، جو هاڻي انهن بي انصافين کي قانوني تحفظ ملي ويو آهي.“[1] (ص 132) ”جڏهن مان اڄ ڪلهه جي هٿ ٺوڪيي دولتِ مشترڪه جي باري ۾ سوچ ڪيان ٿو، ته ان نتيجي تي پهچان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه حقيقت ۾ مال متاع حاصل ڪرڻ لاءِ دولتمندن جي هڪ سازش آهي. دولت مشترڪه جي آڙ ۾ هو نت نيون چالون ۽ تدبيرون اختيار ڪن ٿا ـــــــ پهريون، ناجائز طور گڏ ڪيل سرمائي جي بچاءَ جون ۽ ٻيو، غريبن جي پورهيي کي گهٽ کان گهٽ اجوري تي حاصل ڪرڻ جون. انهن چالن کي هُو قانوني شڪل ڏين ٿا.“ سر ٿامس مور جو خيال آهي ته دولت جي هوس هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو انسان کي ذهني سڪون ۽ روحاني خوشين کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. ان جي ابتڙ سوشلسٽ سماج ان قاتل بيماريءَ کان محفوظ رهي ٿو. ”دولت جي هوس کان آزاد ٿي يوٽوپيا جا رهاڪو ڪيترين ڳڻتين کان آزاد ٿي وڃن ٿا. سياهه ڪاري ۽ شرارت جون پاڙون ڪٽجي وڃن ٿيون، ڇو ته ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته ڌوڪو، فريب، چوري چڪاري، مار پٽ، قتل، غداري وغيره پيسي سان گڏ ختم ٿي وڃن ٿا.[1]“ سر ٿامس مور يوٽوپيا ۾ انهن مسئلن جو مثالي حل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن جي ڪري هنري اٺين جي دؤر جو برطانوي سماج منجهيل هو. مثال طور، رياست ڪهڙي قسم جي هجي، ملڪ جو نظم نسق ڪيئن هلايو وڃي، قانون ۽ عدالتون ڪيئن هجن، پيداوار ۽ ان جي ورهاست ڪهڙن اصولن هيٺ ڪئي وڃي، شهرن ۽ ڳوٺن جي وچ ۾ ڪهڙو رشتو هجي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڪيئن هجي، دولتمندن جي عياشين ۽ عوام جي غريبيءَ جي ڪري سماج ۾ جيڪي اخلاقي برايون پيدا ٿين ٿيون، انهن کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي، تعليم جو نظام ڪيئن هجي ۽ سماج ۾ مذهب جي ڪهڙي جاءِ هئڻ گهرجي. سرٿامس مور ڳوڙهي سوچ ويچار کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو ته سڀني خرابين جي پاڙ ذاتي ملڪيت آهي، خاص ڪري زمين ۽ ان جي پيداوار تي هڪ مخصوص طبقي جو قبضو. سندس خيال آهي ته جيڪڏهن دولت جي پيداوار ۽ ورهاست سوشلسٽ اصولن تي ڪئي وڃي ته ملڪ جو نظم ۽ نسق ٺيڪ ٿي ويندو، استعمال جي شين جي گهڻائي ٿي ويندي، چوري چڪاري، مار پٽ، قتل غارت ۽ ٻيون اخلاقي برايون ختم ٿي وينديون، ماڻهو گذر جي ڳڻتيءَ کان آزاد ٿي امن ۽ آرام جي زندگي گذاري سگهندا، ۽ اٺن ڪلاڪن جو ڪم ڪرڻ کان پوءِ ماڻهوءَ وٽ کوڙ بچتو وقت هوندو، ته جيئن علم ۽ فن حاصل ڪري سگهي[1]. سر ٿامس مور جو دؤر سرمائيداريءَ جي واڌ ويجهه جو دؤر هو. ان نظام جي گهر هئي ته ملڪ ۾ هڪ مضبوط مرڪزي حڪومت قائم هجي جيڪا سرمائيدار طبقي جي مفاد جي حفاظت ڪري سگهي. اها حڪومت اهڙا قانون ۽ ضابطا ٺاهي جن وسيلي سرمائيداري نظام کي قوت ملي. انهن حڪمن تي رياست جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هڪ ڪرو عمل ڪيو وڃي. رستا چورن ۽ ڌاڙيلن کان محفوظ هجن، ته جيئن واپاري مال جي چرپر ۾ ڏکيائي نه ٿئي. وچين دؤر جي نوابن جو زور ختم ڪيو وڃي، ته جيئن اهي پنهنجي جاگيرن ۾ ڏاڍ نه ڪري سگهن ۽ رياست ۾ هر طرف امن هجي (سرمائيداري طبقو بد امنيءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي)[1]. سر ٿامس مور به هڪ مضبوط ۽ پُر امن مرڪزي حڪومت جو حامي آهي پر هو ڄاڻي ٿو ته سرمائيداري جي نام نهاد قومي رياست (دولت مشترڪ) دراصل پورهيتن کي ڦرڻ ۽ انهن جي پورهيي جو ناجائز فائدو وٺڻ جي هڪ منظم سازش آهي. بادشاهه، ان جا درٻاري، سرڪاري عملدار ۽ عدالتون سڀ ان سازش جا پرزا آهن. رشوت، بي ايماني، اقربا پروري ۽ خوشامد انهن جو شعار آهي. ان ڪري رياست کي انهن خرابين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته معاشي مساوات سان گڏ سياسي مساوات به قائم هجي ۽ رياست جو نظم ۽ نسق مٿان کان هيٺ تائين ماڻهن مان چونڊيل نمائندن جي هٿ ۾ هجي. اهي نمائنده عوام آڏو جوابده هجن ۽ عوام جڏهن چاهي انهن کي عهدن کان ڌار ڪري ڇڏي[1]. سرمائيداريءَ جي ٻِي خصوصيت شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو تضاد آهي. وچين دؤر جي سرمائيداري نظام ۾ شهرن جو تعداد ۽ انهن جي آبادي ڏاڍي گهٽ هوندي آهي. ملڪي معيشيت جو مرڪز ڳوٺ هوندا هئا ۽ شهرن جي حيثيت ثانوي هئي. اڃا به ائين چئجي ته شهر پاڻ به هڪ وڏي ڳوٺ يا قصبي کان وڌيڪ حيثيت نه رکندا هئا. ان ڪري ڳوٺ ۽ شهر ۾ ڏاڍو ويجهو تعلق هوندو هو. شهرين جا گهڻا ئي مائٽ مِٽ ڳوٺن ۾ رهندا هئا. انهن جا اباڻا گهر ۽ ملڪيتون ڳوٺن ۾ هونديون هيون. هُو پاڻ ۾ شادي ڪندا ۽ خوشيءَ ۽ ڏک جي موقعن تي هڪ ٻئي سان گڏبا هئا. مطلب ته انهن جو هڪ پير شهر ۾ هوندو هو ته ٻيو ڳوٺ ۾[1]. سرمائيداري نظام انهن رشتن کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو. شهرن ۾ واپار، صنعت ۽ هنر جو واڌارو ٿيو ته ڳوٺن جا ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي اچي شهرن ۾ آباد ٿيڻ لڳا. معيشت جو مرڪز ڳوٺن کان بدلجي شهرن ۾ ٿي ويو ۽ ڳوٺن جي حيثيت ثانوي ٿي وئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ شهر خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جي نشاني بڻجي ويا ۽ ڳوٺ پسماندگيءَ ۽ بدحاليءَ جي[1]. سر ٿامس مور پنهنجي يوٽوپيا ۾ شهرن ۽ ڳوٺن جي وچ ۾ ان وٿيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ رٿون پيش ڪري ٿو. هو اڳ ۾ ته شهرن جي آباديءَ جي هڪ حد مقرر ڪري ٿو، ته جيئن ڪو شهر ڪراچي جيان ايڏو وڏو به نه ٿي وڃي جو ان جو لنگر (گڏيل کاڌو) سنڀاليو نه سنڀالجي. ٻيو ته هو شهرين کي فصل جي لاباري وقت ڳوٺن ۾ وڃي هٿ ونڊائڻ تي مجبور ڪري ٿو. ٽيون ته هو ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ شهرين کي ڳوٺن ۾ ۽ ڳوٺاڻن کي شهرن ۾ رهائش رکڻ جو حڪم ٿو ڏئي، ته جيئن شهر جا ماڻهو ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ ڳوٺاڻا ماڻهو شهري زندگيءَ جي مختلف پاسن ۽ طور طريقن کان چڱيءَ پر واقف ٿي وڃن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 1.21 1.22 1.23 [1] (ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ: سبط حسن)