يورپ ۽ هندوستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هڪ ڪاٿي موجب 1750ع کان 1850ع جي دور تائين يورپ ۽ هندوستان جي هر فرد جي آمدني (Per Capita Income) هڪ جيتري هئي. پر يورپ جي سخت سياري جي ڀيٽ ۾ هندوستان جي گرم موسم سبب، هندوستان ۾ رهندڙن جي زندگيءَ جو معيار يورپ وارن کان وڌيڪ سٺو هو. [1]

پر سرمائيداراڻو جمهوري انقلاب (Capitalist Democratic Revolution) هندوستان ۾ نه آيو. ڪارل مارڪس (Karl Marx) ان جو سبب اهو ٻڌايو آهي ته هندوستان (India) جا ڳوٺ ايشيائي نموني جي پيداوار سبب پاڻڀرا هئا. پر جيئن ته هاري ڪڏهن به سرمائيداري انقلاب جو هر اول دستو نه رهيا آهن، ڇو جو اهي قدرت تي ڀاڙڻ وارو قدامت پرست طبقو آهن. گرامچيءَ جي ”بي عمل مزاحمت“ جي نظريئي جو لاڳاپو به سامراجي دور سان آهي، نه ڪي ”آزاد سماج“ سان. ڳالهه بلڪل صاف پئي آهي ته يورپ جا ڏاها (دانشور) بهادر هئا ۽ اهي پادري ۽ بادشاهه جي اختيار (اٿارٽي) کي چيلينج ڪرڻ ۽ سوال اٿارڻ ۽ سوال ڪرڻ جي همٿ رکندا هئا، پوءِ ڀلي کين زهر جا پيالا پيڻو پيا، جيئرا ساڙيا ويا، ڦاهين تي ٽنگيا ويا ۽ سندن سِر ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا.

جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جاڳرتا جي تحريڪ، فرانسيسي انقلاب (French Revolution) جو روپ وٺي رهي ئي هئي ته ان زماني ۾ هندوستان، ترڪي، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ماٺار لڳي پئي هئي. [2]

  1. Eric Hobsbawn, the age of impire 1857 - 1914, vintage books, 1989
  2. يورپ ۽ هندوستان | Indus Asia Online Blog, وقت 2022-09-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-10