يان وين آئيڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يان وين آئيڪ
Jan van Eyck

يان وين آئيڪ جو 1433 ۾ پنھنجو ٺاھيل پورٽريٽ جنھن جو نالو پورٽريٽ آف آ مين رکيائين. اھو نيشنل گيلري لنڊن ۾ رکيل آهي
پيدائش 1390 يا 1395 کان اڳ
وفات 9 جولاءِ 1441
بروش(Bruges) موجوده بيلجيم ۾
تعليم رابرٽ ڪيمپن
مشھور ڪم گھينٽ الٽرپيس، ارنالفني پورٽريٽ، ميڊونا آف چانسلر رولن.
سياسي تحريڪ نيدرلينڊ جي شروعاتي پينٽنگ, اترين جاڳرتا
Patron(s) جان III، بويريا جو ڊيوڪ، بعد ۾ فلپ د گڊ
ارنالفني پورٽريٽ, 1434. نيشنل گيلري (لنڊن)

يان وين آئيڪ (انگريزي: Jan van Eyck ) ھڪ فليمش پينٽر ھيو جيڪو موجوده بيلجيم جي شھر بروش (Bruges) ۾ مصروف رھيو ۽ نيدرلينڊ جي شروعاتي پينٽنگ جو باني ھيو، ۽ شروعاتي جاڳرتا واري آرٽ جو اھم ترجمان ھيو. 1422 ۾ ھن کي ھيگ شھر جي لڳ ڀڳ ويجھو بويريا جي ڊيوڪ جان III، ھالينڊ جو حاڪم، طرفان پينٽنگ جو روزگار مليو ھو. ھن کي درٻاري پينٽر مقرر ڪيو ويو. 1429 ۾ ھي بروش موٽي آيو جتي باقي زندگي گذاريائين. فلپ ھن کي تمام گھڻي عزت ڏني ۽ کوڙ دفعا کيس سفارتي وفد ۾ ٻاھر موڪليائين. ھي ھڪ دفعو لزبن پڻ ويو [1]ھن وقت ويھ کن بچيل پينٽنگون جن جي نالي سان منصوب آھن. ھن سيڪيولر ۽ مذھبي ٻنھي موضوعن تي ڪم ڪيو. فلپ ھن کي سٺو اجورو ڏنو

حوالا[سنواريو]

  1. See M. Parada Lopez de Corselas, El viaje de Jan van Eyck de Flandes a Granada (1428-1429), Madrid: La Ergastula, 2016 ISBN 978-84-16242-20-7