يانڪا ڪُپالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يانڪا ڪپالا
Я́нка Купа́ла

يانڪا ڪپالا جي تصوير
پيدائش July 7 [قديم تاريخ June 25] 1882
ويازينڪا(Viazynka), نزد منسڪ، بيلاروس
وفات June 28, 1942 (aged 59)
ماسڪو، روس
ڌنڌو شاعر ۽ ليکڪ
قوميت بيلورشين
دور 1903–1942

ايون ڊيمنيڪاوچ لوٽسيوچ :Ivan Daminikavich Lutsevich: جو قلمي نالو يانڪا ڪُپالا Belarusian: Я́нка Купа́ла July 7 [قديم تاريخ June 25] 1882 – June 28, 1942) هو.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

يانڪا ڪپالا: جانڪا ڪپالا: ويھين صديءَ جو بيلورشين ٻولي جو ھڪ وڏو شاعر ۽ ليکڪ ھيو

بيلاروسجي ضلعي منسڪ جي ڳوٺ ويازينڪا ۾ گھر جتي يانڪا ڪپالا پيدا ٿيو

پاڻ 7 جولائي 1882 ۾ ويازينڪا ڳوٺ ۾ ميلاڊزينچنا(Maladzyechna) جي علائقي ۾ پيدا ٿيو.ھن جو خاندان جو تعلق سلاچٽا(Szlachta) نسل سان ھو. ھن جا پيء ماء بي زمين ھاري ھئا ۽ فولوارڪ(folwark) ۾ ڪڙمت ڪندا ھئا. ھن ابتدائي تعليم بيلورشين ٻوليءَ ۾ حاصل ڪئي ۽ 1898 ۾ مڪمل ڪيائين. 1902 سندس پيءُ وفات ڪئي تہ ھن خانگي نوڪريون ڪرڻ شروع ڪيون جن ۾ ٽيوشن پڙهائڻ، دڪان تي مددگار ۽ رڪارڊ سنڀالڻ شامل آهن . ادب ۾ ھن جي پھرين سنجيده ڪوشش پولش ٻولي ۾ جذبات سان ڀريل نظم زيارنو Ziarno ھئي جيڪو نظم ھن 1903 يا 1904 ۾ فرضي نالي ڪي.اي (K-a)سان لکيو. بيلورشين ٻوليءَ ۾ ھن جو پھريون نظم مايا ڊوليا ("Мая доля")جيڪو 15 جولائي 1904 ۾ لکيو. ھن جو پھريون شايع ٿيل نظم مزھڪ "Мужык" يعني ڪڙمي ("Peasant")ھيو جيڪو تقريباً سال بعد ڇپيو. ھن جي شاعري مختلف بيلورشين اخبارن ۾ ڇپجندي رھي

1909 م سينٽ پيٽرس برگ يونيورسٽي ۾ پروفيسر اي. چارنيائوف (A. Charniaev) وٽ تعليم حاصل ڪندي

ڪپالا 1908 ۾ بيلاروس مان ولنيوئس (Vilnius) ھليو ويو جتي ھن شاعري جاري رکي ۽ سندس شاعري جو پھريون ڪتاب ڇپيو جنھن جو نالو زيليجڪا (Жалейка) يعني ھڪ ننڍي بانسري (The Little Flute) ھيو. زار جي حڪومت ان ڪتاب کي حڪومت مخالف قرار ڏيندي ضبط ڪري ان تي بندش وڌي. 1909 ۾ ھن جي گرفتاري جو حڪم منسوخ ڪيو ساڳي سال ھي سينٽ پيٽرس برگ روانو ٿيو جتي ھن ڪيترائي ڪتاب ڇپيا جن ۾ ايڊويڪناجا پئسنيا (Адвечная песьня) يعني ابدي گيت. يانڪا ڪپالا ميڪسم گورڪي کان ڏاڍو متاثر ھيو.

سويت يونين واري دور ۾[سنواريو]

1917 جي آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ ھن جي شاعري ۾ وڏي تبديلي آئي جو ان ۾ اميد شامل. ھن مختلف ڪتابن جا بيلورشين ٻوليءَ ۾ ترجما ڪيا جن ۾ بين الاقوامي مارڪسي ترانو دي انٽرنيشنل شامل ھيو . ان ھوندي بہ ھن بيلاروس جي سويت مخالف قومپرستن سان پنھنجا ناتا قائم رکيا جنھن ڪري 1930 واري ڏھاڪي ۾ ھن کي بندشن سان منھن ڏيڻو پيو تان جو اخبار ۾ معافي نامو ڇپرايائين.1941 ۾ کيس شاعري ۾ سندس ڪتاب ايڊ سيرڪا (Ад сэрца) يعني دل سانجي لکڻ تي آرڊر آف لينن جو ايوارڊ مليو. 1941 ۾ نازي جرمنيءَ جڏهن بيلاروس تي قبضو ڪيو تہ ماسڪو ۽ وري تاتارستان منتقل ٿي ويو پر پوءِ بہ جن پنھنجي ھم وطن بيلورشين جي نازين جي خلاف جدوجھد جي حق ۾ لکندو رھيو. 1942 ۾ ماسڪو شھر جي ھوٽل ماسڪو جي ڏاڪڻ ۾ ڪرڻ جي ڪري ھن جو پراسرار موت واقع ٿيو. تحقيقات بعد ان کي ھڪ حادثو قرار ڏنو ويو پوء بہ ان جي قتل ۽ خودڪشي جو ڳالھيون ھلنديون رھيون

ڪپالا بيلورشين ثقافت جي نشان بڻجي ويو. 1945 ۾ ان جي بيواھ جي ڪوششن سان منسڪ شھر ۾ ھڪ ميوزيم قائم ڪيو ويو جيڪو بيلاروس ۾ ادب جو ھڪ مکيه ميوزيم بڻجي ويو. 1978 ۾ ھروڊنا(Hrodna) ھن جي نالي سان يانڪا ڪپالا يونيورسٽي قائم ڪئي وئي.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]