وڪيپيڊيا بحث:کاتي جي لاءِ درخواست ڏيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هيءُ صفحو ڊاهي نہ ڇڏجي؟

Aursani (ڳالهہ) 13:37, 25 آڪٽوبر 2015 (UTC) جيئن توهان کي بهتر لڳي-- ھي رڪن منتظم آھي—محمد مجیب—  14:36, 25 آڪٽوبر 2015 (UTC)

هيءُ صفحو هرگز نه ڊاٺو وڃي پر ان ۾ بهتري آڻي سنواريو وڃي ۽ نون يوزرن کي مدد ڪريو کاتو ٺاهڻ ۾

مهربانيون--Jogi don 07:59, 16 ڊسمبر 2016 (UTC)

منهنجي شاعري[سنواريو]

ڪوي حسن

هو خدا ۾، هو غرق ناڻي ۾، فرق آ مست ۽ سياڻي ۾..

عمر گذري ته پوءِ عشق ڪيون، آ مزو ڏاڍو مئه پراڻي ۾..

در مسيتن جا بند ٿا ڏسجن، ڪيتري ڇِڪ آهي ناڻي ۾.!

حڪم ٺُڪرائي ويو خدا جو ڀي، ڪيڏي لذت آ هڪڙي داڻي ۾.!

عقل سان موملون ويو ماڻي، ٻيو ته ڪجهه ڀي نه ڪو راڻي ۾..

ڏات مونکي ئي ڇو ڏنئي ڏاتر! هڪڙو بدنام مان گهراڻي ۾..

عقل وارن سان جڳ ڀريو پيو آ، ڇا ڏٺئي عشق هِن اياڻي ۾.؟

______

هوءَ کليل وار جيئن ورائي پئي، روح ڄڻ پيسجي ٿو گهاڻي ۾..

خواب تنهنجا ڏسي جيئان ٿو پيو، تنهنجون يادون رکي وِهاڻي ۾..

اڄ ته آڪاش ڀي رُٺل آهي، اڄ نه ٽيڙُو ٽِڙيو آ ٽاڻي تي..

ٻيو ڀلا ڇا ڏيان محبت کي؟ رات ڳوڙها ٻه ٽي وِهاڻي تي..

دل فدا، روح زندگي قربان، تنهنجي هڪڙي ئي يار ماڻي تي..

جرم هوس، پيار جا ڏنئين هوڪا، ڪيئن نه پٿر وسيا اياڻي تي..

پڪ ناهي ته گهر جلايو ڪنهن، شڪ آهي فلان، فلاڻي تي،

جيئري ڪوئي نه منهن ڏسڻ آيو، ڪيتري ڀِيڙ آ جُماڻي تي.!

سنڌ جا سڏ ته تون لنوائين ٿو، جي کڄن آڱريون گهراڻي تي.!!؟ ______

چاهتن جا گلاب پوکي ڇڏ، رُڃ نيڻن ۾ خواب پوکي ڇڏ..

جي نه سُک جا ڪي سنگ نِسرن ٿا، پوءِ کڻي ڪي عذاب پوکي ڇڏ..

هوءَ اچي جيئن ته واس مهڪي پئي، موتيا بي حساب پوکي ڇڏ..

پيار جو ٻِج آ ته ڇا ٿي پيو، ڊِڄ نه ايئن! بي حجاب پوکي ڇڏ..

ڪاڏي ويندين کڻي اهي يادون؟ هي اٿئي دل جناب! پوکي ڇڏ..

دل جي ڌرتي ڇڏيو نه ايئن خالي، ٻِج ڀل ڪو خراب پوکي ڇڏ..

سونهن آهي گلاب جو ٻوٽو، پيار جو ڏيئي آب پوکي ڇڏ.. _______

زندگي هڪ اداس اُلڪو آ، آيو ويو، ڄڻ ڪو واءُ-جهُلڪو آ..

جسم تي ڪو جمود طاري آ، ساهه ۾ ڪو مچيل تهلڪو آ،

تنهنجي نيڻن ۾ بدگماني آ، يا ته منهنجو يقين هلڪو آ..

سڀ پِياڪن جو روح ٿو وِسڪي، حُسن تنهنجو به مئه جو ڇُلڪو آ.. _______

ڪير ويٺو اداس ڳائي ٿو، منهنجي ڄڻ دل جي آس ڳائي ٿو،

باک پهتي ۽ ننڊ ڇرڪي پئي، هاءِ راڳي وِڀاس ڳائي ٿو..

نانءُ تنهنجي کي ڪنهن غزل وانگي، منهنجو هر هڪ حواس ڳائي ٿو..

ذهن ۾ وحشتون پيون ڊوڙ ن، ساه هيکل، هِراس ڳائي ٿو..

روشني ڪا ڪٿان کڻي آڻيو، اُڀ ڏاري اُماس ڳائي ٿو..

ڇرڪ تي ڇرڪ ٿو ڀري هيئنڙو، چنگ ڪو بي قياس ڳائي ٿو..

هوڏانهن “پارو” جا بند دروازا، ڪيئن ٻڌي، “ديوداس” ڳائي ٿو.. ______

زندگي ڄڻ اداس سپنو آ، هر ڪا اميد آس سپنو آ..

هڪ گهڙي ۾ نه ٿي وڃي پُرزا، هي مقدر حساس سپنو آ..

بند نيڻن کي رکڻو پيو هردم، پيار تنهنجو به خاص سپنو آ..

هاءِ هي ڪهڙو پار آهي جو، نيڻ محڪوم، داس سپنو آ..

ڇا ڪا تعبير ئي ٺهي ناهي! منهنجو هر هڪ نِراس سپنو آ..

اي هوائو! کڻي وڃو هُن ڏي، هي گلابن جو واس سپنو آ.. ______

تنهنجي نيڻن جو ڍڪ آ دل کي، پوءِ به وڇڙڻ جو شڪ آ دل کي..

صرف ڇو پاڻ تي لڳل پهرا؟؟ جڳ مٿان ڪيڏو جڪ آ دل کي..

تو ڏنو پاند آ پناهن جو، هاڻ ڪنهن تي نه تڪ آ دل کي..

صرف دنيا جو خوف ٿو ماري، تنهنجي پاران ته پڪ آ دل کي..

ڄئونر وانگي هي درد پيا چهٽي، ڄڻ ته گهرو ڪو چڪ آ دل کي..

ڌڙڪي ڌڙڪي ٿڪي پئي آهي، هاڻ ڪيڏو نه ٿڪ آ دل کي.. RustamKavi (ڳالھ) 09:56, 15 سيپٽمبر 2019 (UTC)