وڪيپيڊيا:Users

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بادشاهي مسجد


بادشاهي مسجد جيڪا ٺٽي ضلعي جي تاريخي ماڳھن مان هڪ آهي هن مسجد کي مغل بادشاه شاهجهان 1644 ۾ ٺهرائن شروع ڪيو جيڪا ٽن سالن جي عرصي ۾ ٺهي تيار ٿي هن مسجد کي ان وقت جي تمام وڏي مسجد هجڻ جو اعزاز پڻ هو جيڪا مغل بادشاه مسلمانن کي تحفي طور ڏني.هن مسجد کي 99 قبا آهن جنهن ڪري هن کي قبن واري مسجد سڏيو ويندو آهي هن جي خاص ڳالهه اها بھ آهي تھ مسجد ۾ ڪوبھ گنبذ نھ آهي . مسجد ۾ ڳاڙهين سرن جو ڪم ٿيل آهي. وچ ۾ فيروزي ڪلر جا گل چٽيل آهن. ٺٽي شهرجي دل ۾ هن مسجد جي هجڻ سان شهر کي وڌيڪ چار چنڊ لڳل آهن جنهن جي سونهن ڏسڻ لاء ماڻهو پري پري کان ايندا آهن هن مسجد کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ پارڪ ،گلن ءِ وڻن سان سنگاريو ويوآهي مسجد ۾ داخل ٿيندي ئي وضوخانو نظر ايندو آهي جنهن کان پوءِ مسجد جو دالان ايندو آهي اندر داخل ٿيندي ئي هڪ دلڪش منظر نظر ايندو آهي جنهن کي ڏسڻ کان پوءِ دل اهو ضرور چوندوآهي تھ هي مسجد پنهنجو مٽ پاڻ آهي