وڪيپيڊيا:ڪپوس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪثرتاً پُڇيا ويندڙ سُوالَ

نياپو ڪيئن ڪجي

توھان کي جيڪو به نياپو وصول ٿيندو، اھو نوٽ ڪندا ته توھان جي ٽاڪ پيج تي ڇڏيل ھُوندو. اھڙي ڇڏيل نياپي جي ڀرسان نياپو موڪليندڙ جِي آئِي ڊِي يعني ته سُڃاڻَپَ به ليکل ھوندي. ان کي ڪلڪ ڪندا ته سندس يوزر پيج تي پھچي ويندا. جيڪڏھن توھان به ھُنَ لاءِ نياپو ڇڏڻ چاھيو ٿا ته سندس ٽاڪ پيج تي ڇڏيندا. مطلب ته سندس يُوزر پيج کُلندو ته توھان کي سندس تعارف نظر ايندو ۽ مٿان ”بحث‟ نالي ھڪ چُٽڪِي نظر ايندي. ڊسڪشن واري ان چُٽڪِيءَ کي ڪلڪ ڪندا ته سندس ٽاڪ پيج کلندو. جيڪو به نياپو ڏيڻو ھجي اتي ڇڏيندا ۽ نياپي جي آخر ۾ چار لھرون ‌‌~ ضرور ٽائيپ ڪندا. ان سان کيس معلوم ٿيندو ته اھو نياپو ڪنھن ڇڏيو آھي. پر ان لاءِ ضروري آھي ته اھو سڀ ڪرڻ کان اڳ توھان سائِينِ اِنِ ٿيل ھُجو. جيڪڏھن توھان سائين ان ٿيڻ کان سواءِ نياپو ڇڏيندا ته نياپو ته کيس وصول ٿِي ويندو پر کيس اھا خبر نه پوندي ته اھو نياپو ڪنھن ڇڏيو آھي ۽ ڪڏھن ڇڏيو آھي.
اوھان کي مک صفحي يعني ته مين پيج تي ساڄي پاسي ڪجھه ڳنڍڻا يعني ته لنڪس نظر ايندا. جيڪڏھن اوھان غور ڪندا ته اوھان کي انھن منجھه اسپيشل پيجز جو ڳنڍڻو پڻ نظر ايندو. ان کي ڪلڪ ڪندا ته نئون صفحو کلندو، جنھن ۾ ڳنڍڻن جي ھڪ فھرستَ ڏنل ھوندي. اھا فھرستَ الفبيوار آھي. ان ۾ توھان کي يُوزر لسٽ جو ڳنڍڻو به نظر ايندو. يُوزر لسٽ تي ويندا ته توھان کي وڪيپيڊيا تي ايندڙ سمورن يُوزرس جو نالو نظر ايندو ۽ توھان جو پنھنجو به. ان کان سواءِ انھن سڀني دوستن جون آئِي ڊيز نظر اينديون جن ڪڏھن وڪيپيڊيا تي پير ڀريا ته ھئا، پر جيئن ويا آھن ته وري مڙي ڪو نه نھاريو اٿن. مطلب ته سڀني جون آئِي ڊيز نظر اينديون. ڪنھن تي به ڪلڪ ڪرڻ سان توھان انھن جي يُوزر پيج تا پھچي سگھو ٿا. جڏھن توھان وڪيپيڊيا جي مُک صفحي تي سائين ان ٿيڻ کان پوءِ نظر ڊوڙائيندا ته توھان کي مٿي کاٻي پاسي ماءِ ٽاڪ جو ڳنڍڻو نظر ايندو. جنھن تي اوھان ڪلڪ ڪندا ته اوھان پنھنجي ئي ٽاڪ پيج تي پھچي ويندا.


پڻ ڏسندا


حوالو

.