وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 1
ڏيک
- وڪيميڊيا ڪامنز تي عالمي فوٽوگرافي مقابلو وڪي پريت لوڪ واتا 1 فيبروري کان 31 مارچ 2024 تائين هلندو. هي مقابلو هر سال ساڳئي ٻن مهينن ۾ ٿيندو آهي. جنهن ۾ توهان پنهنجي لوڪ ثقافت جهڙوڪ لوڪ ناچ، لوڪ موسيقي، لوڪ موسيقي جي اوزار جهڙوڪ چنگ، بوڻينڊو وغيره، لوڪ لباس، لوڪ روايتن ۾ عورتون، لوڪ ميلا ملاکڙا وغيره جا فوٽو اپلوڊ ڪري، انعام پڻ کٽي سگهو ٿا. تفصيل لاءِ ڏسو
- وڪيپيڊيا تي لوڪ ثقافت ۾ عورتن جي حوالي سان مضمون لکڻ جو مقابلو پڻ ٿي رهيو آهي، جيڪو 1 فيبروري کان 31 مارچ 2024 هلندو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو
- انهن ٻنهي مقابلن جي جاڳرتا ۽ سکيا لاءِ جنوري 20 ڇنڇر ۽ جنوري 21 آچر ڏينهن تي حيدرآباد، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هڪ تربيتي ورڪشاپ رٿيو ويو آهي، توهان ان ۾ شريڪ ٿي سگهو ٿا ۽ تفصيلي ڄاڻ وٺي سگهو ٿا. وڌيڪ اسان سان فيس بوڪ تي پيج سنڌي وڪيپيڊيا، لنڪڊاِن تي پيج سنڌي وڪيپيڊيا تي پڻ رابطو ڪري سهگو ٿا.