وڪيپيڊيا:منتظم حليو/راءِ شماري/Arslanali (ٻيهر نامزدگي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هي راءِ شماري مڪمل ٿي، ۽ هاڻ رڪارڊ جو حصو آهي، مهرباني ڪري هن تي ڪا ترميم نه ڪيو.

سلام دوستو! اميد ته ٺِيڪ هوندو، وڪيپيڊيا طرفان وڪي جي سيڪيورٽي جي مسئلن کي مدنظر رکندي منتظمين جو هڪ نئون گروهه منتظم براءِ حليو (Interface administrators) جوڙيو ويو آهي، هن قسم جي متنظيمن کي ڪهڙا اختيار هوندا، ان لاءِ مهرباني ڪري هن مضمون کي پڙهو. ھن گروھ جي لاءِ مون کي اوھان متنظم طور چونڊيو ھو، جنھن جو مدو 10 جنوري 2019ع تي پورو ٿيندو، جيڪڏھن اوھان مون کي ٻھير نامزد ڪرڻ چاھيو ٿا تہ مھرباني ڪري راءِ شماري ۾ حصو وٺو. جيڪڏهن اوهان متفق آهيو ته پوءِ هيٺ تائيد واري ڀاڱي ۾ {{تائيد}} لکو ۽ آخر ۾ هي ~~~~ نشانيون هڻي صفحو محفوظ ڪيو. جيڪڏهن تنقيد ڪرڻي آهي ته {{تنقيد}} لکو ۽ پنهنجا خيال پيش ڪيو ۽ آخر ۾ هي ~~~~ نشانيون هڻي صفحو محفوظ ڪيو. يا تبصرو پڻ ڪيو، ان لاءِ {{تبصرو}} لکي اڳيان پنهنجا خيال پيش ڪيو. ارسلان (ڳالھ) 19:11, 8 جنوري 2019 (UTC)


واپرائيندڙ ارسلان علي لاءِ سوال[سنواريو]

جناب ارسلان علي صاحب! وڪيپيڊيا تي توهان جون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ مهربانيون، اميد ڪريون ٿا ته هيٺ ڏنل سوالن جا جواب ڏيڻ فرمائيندا، توهان جي جوابن سان راءِ شماريءَ ۾ شريڪ واپرائيندڙن کي راءِ ڏيڻ ۾ آساني ٿيندي:

   1. انسائيڪلوپيڊيا (وڪيپيڊيا) ۾ عام طور توهان ڪهڙن انتظامي معاملن کي سرانجام ڏيڻ جو ارادو رکو ٿا؟

ج:

   2. توهان جي ڀاڱيدارين يا لکيل مضمونن ۾ ڪهڙي شيءِ اهڙي آهي جيڪا توهان جي لاءِ فخر جي لائق آهي؟

ج:

   3. انسائيڪلوپيڊيا (وڪيپيڊيا) تي ماضيءَ ۾ جاري ڪنهن ڳاله ٻوله يا بحث ۾ توهان حصو وٺي چڪا آهيو؟ جيڪڏهن ها ته ان ۾ توهان جو ٻين سان رويو ڪيئن هيو؟ ۽ اهڙي صورتحال ۾ واپرائيندڙن (يوزرز) کي ڪهڙي قسم جو ريو رکڻ گهرجي؟ اهڙي ريت جيڪڏهن مستقبل ۾ اهڙي ڪا به صورتحال ٻيهر پيش اچڻ تي توهان کان ڪهڙي رويي جي اميد رکي وڃي؟

ج:

   4. ڇا توهان ڪنهن واپرائيندڙ جي رويي/تحرير وغيرہ کان متاثر آهيو؟ جيڪڏهن ها ته سندن نالو لکو.

ج:

5. توهان کي شايد خبر هوندي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي رٿا سنڌي وڪي لغت (سنڌي وڪشنريءَ) جي نالي سان پڻ آهي، جتي ڪوئي به سرگرم رڪن (واپرائيندڙ) هن وقت ۽ ڪيترن ئي مهينن کان ناهي، ڇا توهان پنهنجيون سنڌي وڪشنريءَ تي پڻ ڀاڱيدارين جي صورت ۾ ڪجه خدمتون ڪندا؟

ج:


6. ڇا توهان ٻين واپرائيندڙن سان گڏجي اڳتي هلي ٻين سنڌي رٿائن جهڙوڪ سنڌي وڪي سفر، سنڌي وڪي ڪتاب، سنڌي وڪي قول، سنڌي وڪي خبرون (جيڪا سرگرم رڪن نه هئڻ سبب بند ٿي وئي ان کي ٻيهر کولرائڻ)، سنڌي وڪي ورسٽي سميت ٻين اهڙين رٿائن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ لاءِ ٻين واپرائيندڙن سان سهڪار ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا؟

ج:

.جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:33, 9 جنوري 2019 (UTC)


1. آئون، هن وڪيپيڊيا ۾ هڪ ته مکيه صفحي کي مستقل اپڊيٽ ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. ٻيو ته ڪجهه اهڙا مضمون به مون ڏٺا آهن جيڪي صرف چند اکرن تي مبني آهن، جيڪي ڪرائتا نه آهن، انهن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪي مضمون گھٽ ۽ spam وڌيڪ لڳن ٿا.

2. لاتعداد مضمون انھي سلسلي ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا خاص ڪري اڄ جو ڏينھن جي حوالي سان مون ڪيترائي ايونٽ وڪي ۾ داخل ڪيا آھن، جيڪي ھتي ڏسي سگهجن ٿا.

3. منھنجي رويي کان ھتي سرگرام واپرائندڙ آگاھ آھن، جيڪڏھن اعتراض ھجي تہ اھي ھيٺ لکي سگهن ٿا.

4. مان پاڻ کان ئي متاثر آھيان.

5. اھڙو ڪو ارداو ناھي محدود وقت سبب ھتي ئي ڪم ڪرڻ جو ارادو آھي.

6. فلحال اھڙو ڪو ارادو ناھي. ارسلان (ڳالھ) 15:46, 10 جنوري 2019 (UTC)

تائيد[سنواريو]

  1. تائيد ~~Intisar Ali (ڳالھ) 19:34, 8 جنوري 2019 (UTC)
  2. تائيد ~~مھتاب-احمد (ڳالھ) 03:12, 9 جنوري 2019 (UTC)
  3. تائيد ~~ ربنواز (ڳالھ) 14:26, 9 جنوري 2019 (UTC)
  4. تائيد ~~ جمالي ڪامران (ڳالھ) 21:14, 10 جنوري 2019 (UTC)
  5. تائيد ~~ شمشير نظاماڻي (ڳالھ) 01:00, 10 جنوري 2019 (UTC)
  6. تائيد ~~ اسان اميد ڪريون ٿا ته توهان سنڌي وڪيپيڊيا کي وڌيڪ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرائڻ ۾ هتي ٻين ساٿي وڪيپيڊئنز سان گڏيل اتفاق ۽ شائستگيءَ سان پيش ايندا ۽ وڪيپيڊيا تي رهيل ڪافي ڪم آهن جيڪي هڪٻئي سان صلاح مشوري گڏيل اتفاق سان سرانجام ڏيندو. ۽ توهان سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ هڪ بهتر اضافو ثابت ٿيندو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 14:47, 14 جنوري 2019 (UTC)

تنقيد[سنواريو]

تبصرو[سنواريو]

تبصرو: 1. توهان ڪجه وقت اڳ وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو نومبر 2018ع واري ترميمي ڊوڙ ۾ شايد غلط فهمي طور منهنجو نالو ميٽا وڪيميڊيا جي ارگنائزر واري فهرست مان هٽايو هيو، توهان اهو ٻڌايو ته توهان اهو ڪهڙي ارادي سان هٽايو هيو ۽ ائين ڪرڻ کان اڳ منهنجي بحث صفحي تي مون کي ڄاڻ ڇو نه ڏني هئي؟ ڇا ٻيهر اهڙي ڪا صورتحال ٿئي ته توهان جو رويو ڪيئن هوندو؟

2. ميٽا وڪي تي توهان لکيو هيو نام نهاد سينئر وڪيپيڊئن کي توهان اهميت نٿا ڏيو، توهان اهو ٻڌايو ته توهان ٻين واپرائيندڙن سان اهڙو تضحيق ۽ نامناسب رويي وارن لفن کي ڇو استعمال ڪيو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:33, 9 جنوري 2019 (UTC)

  1. ادا ان ۾ اسان جي غلطي ناھي، نومبر جا 4 ڏينھن گذري ويا اوھان مان ڪير بہ نہ ھو، ڇا اھڙي صورتحال ۾ ڪجھ نا ھجڻ کان ڪجھ ڪرڻ بھتر نہ ھو؟ اوھان جي ٽالڪ پيج تي لکڻ گهربو ھو پر شايد اوھان جي مسلسل غير حاضري سبب نا لکي سگهيس.
  2. بلڪل مان درست چيو تہ ڪير سينئر جي حيثيت ۾ مونکي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي، ھي گڏيل ڪم آھي ۽ ھتي ھر ڪو پنھنجي ڀاڱيندرين لاءِ سڃاتو وڃي ٿو. اھو چوڻ تہ سينئر کان صلاح وٺي پوءِ ڪو ڪم ڪيو، مان ان سان متفق ناھيان. ارسلان (ڳالھ) 15:50, 10 جنوري 2019 (UTC)
پهرئين ڳاله ته اها واضع ڪريان ته آئون مسلسل غير حاضر نه هيس آئون وقت به وقت وڪي تي واپس ايندو رهيس ۽ ان دوران ان ترميمي ڊوڙ جي مضمونن کي نظرثاني طور ڏسي رهيو هيس، جيڪڏهن ڪنهن جا ڪي مضمون ان ترميمي ڊوڙ جي اصولن مطابق نه هيا سي نه قبوليا ويا، ان جو اهو مطلب ته نه ٿيو ته توهان غير حاضري (جييئن ته آئون لاڳاتار غِير حاضر نه هيس هونءَ به سرگرم رڪن اهو چئبو آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو يا ٽِي ڀيرا حاضر رهي جنهن مطابق آئون حاضر هيس) جو سبب ڄاڻائي نالو هٽائي ڇڏيو، ۽ ٻحث صفحِي تي نه لکڻ جو به اهو ڪو سبب ناهي ته غير حاضر هيس، جنهن مهل به حاضر ٿئي سگهيس توهان جو پيغام ملي وڃي ها،
توهان کي ڪنهن ڊڪٽيٽ ناهي ڪيو، اهي لفظ درست ناهين هتي ڪوئي ڪنهن کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ ناهي چاهيندو، نه ئي مون يا ڪنهن ٻئي توهان کي اهڙي ڪا ڳاله چئي، توهان ٻين سان پنهنجو رويو نرم مزاج وارو رکو ۽ پنهنجي لفظن ۾ پڻ نرمي آڻيو، توهان اهي ڳالهيون چئو ٿا جيڪي اوهان کي ڪڏهن چيون ئي ناهين ويون، ڳاله کي درست نموني سمجهندا ڪريو.جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 17:34, 10 جنوري 2019 (UTC)
مونکي سمجھ نا پيو اچي تہ آخر مسئلو ڇا آھي اوھان سان؟ مان انھن سوالن جا جواب اڳ ئي ڏئي آيس جڏھن ايشيائي مھينو ھلي رھيو ھو. اوھان متفق ناھيو تہ تنقيد واري جاءِ تي ھن فيصلي جو انڪار ڪري سگهو ٿا. 12:33, 14 جنوري 2019 (UTC)
مسئلو ڇا آهي اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ (وڪيپيڊيا:شائستگي)مطابق غير مناسب رويي ۾ شمار ٿئي ٿو. اهو توهان جو ٻين سان ڳالهائڻ جو طريقو درست ناهي غيرمناسب طريقي سان ڳالهائڻ وڪيپيڊيا جي اصولن خلاف آهي. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:33, 14 جنوري 2019 (UTC)
ھڪ مسئلو نومبر ۾ ٿيو، اسان ان تي اڳئي ڳالھائي آياسين، توھان وري ان کي ھتي بار بار دھرائي رھيا آھيو تہ اھو ڪنھن ”مسئلي ھجڻ“ جي نشاندھي ڪري ٿو. ارسلان (ڳالھ) 13:58, 14 جنوري 2019 (UTC)
جناب هتي پڇڻ سان مطلب اهو آهي ته توهان جي رويي ۾ هاڻي ڪا بهتري آئي آهي يا نه جي بهتري آئي آهي ته ڪيئن سمجهو ٿا پنهنجو رويو توهان ڪيئن بهتر ڪيو آهي ۽ اڳتي توهان مان ڪهڙي رويي جي اميد رکجي؟ جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 14:22, 14 جنوري 2019 (UTC)
منھنجو رويو خراب ڪڏھن رھيو آھي؟ الائي ڇو جيئن اوھان پھرين ڏينھن کان آيو تہ مونسان مسئلو ھوندو اٿو، تہ فلاڻي ٽيمليٽ کي ھئين ڇو تبديل ڪيو آھي، وغيرھ وغيرھ، مان تہ ڪڏھن ڪو اعتراض ئي ناھي ڪيو ڪنھن سان، پنھنجي ڪم سان لڳل ھوندو آھيان.ارسلان (ڳالھ) 14:25, 14 جنوري 2019 (UTC)
توهان جو ريو ايترو به خراب کڻي نه به چئجي پر ڪجه لفظ توهان تکا تيز لکندا آهيو، چوڻ جو مطلب ته وڪيپيڊيا تي شائستگي نرم مزاجي ئي رکڻ کپي، باقي توهان کي ڪنهن ٽيمپليٽ يا ڪنهن شيءِ بابت پڇڻ جو مطلب به اهوئي هوندو آهي ته جيئن گڏيل اتفاق سان مسئلا حل ڪري سگهجن جيڪي شيون توهان جي نظر ۾ درست ناهي هتي وڪيپيڊيا تي سي توهان اسان سان پڻ ونڊيو صلاح ڪريو ۽ اسان کي جيڪي شيون درست نه لڳن سي اسين توهان سان ونڊينداسين، صلاح ڪنداسين، باقي جيڪو اهو پڇيو اٿو ته توهان جو رويو خراب ڪڏهن ويو آهي ته ان لاءِ صلاح اها ڏيندس ته پنهنجا لفظ نرم مزاجي وارا لکو ٿي سگهي توهان جو اهڙو ڪو ارادو نه هجي ڪنهن جي دل آزاري جو پر توهان جي لفظن مان اهڙو تاثر ملي ٿو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 14:41, 14 جنوري 2019 (UTC)
ھا اھيو چئي سگهو ٿا تہ لفظ ٿورا عجيب ھوند آھن، پر ماڻھو ايريٽيٽ ٿيندو آھي ساڳي ڳالھ بار بار ٻڌي ۽ ٻيو وري اھڙو ڪجھ سوچيل سمجھيل حرڪت ناھي ھوندي، خوشي جي ڳالھ آھي اسان سڀ ھتي آھيون، لکون ٿا، سو اوھان جو نالو خارج نا ڪرڻ گھرجي ھا مان متفق آھيان پر ان وقت شايد اھو خيال ئي ذھن ۾ نا آيو، ڇو تہ مان ڇھ مھينن کان مسلسل ھر روز ڪم ڪيو ۽ اوھان کي ورلي ڏسندو ھيس. باقي انٽينشنلي مان اھڙو ڪجھ ناھيان ڪندو. خوش ھجو. 14:59, 14 جنوري 2019 (UTC)

نتيجو[سنواريو]

نتيجو تائيد
تائيد 6
تنقيد 0

15 جنوري تائين موجودا راء شماري پڄاڻي تائين پهتي، ان راءِ شماريءَ جي نتيجي ۾ بلا مخالفت ۽ تنقيد، هڪ تبصري سميت 6 تائيدي راءِ پيش نظر Arslanali کي منتظم حليو ڪيو ويو آھي۔
اميد آھي تہ Arslanali صاحب سنڌي وڪيپيڊيا کي هاڻِي وڌيڪ سنواريندا ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا۔ اسان تمام رڪنن کي گذارش ٿا ڪريون تہ اهي Arslanali کي مبارڪ باد ڏيندا، والسلام. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 20:47, 16 جنوري 2019 (UTC)

هي راءِ شماري مڪمل ٿي، ۽ هاڻ رڪارڊ جو حصو آهي، مهرباني ڪري هن تي ڪا ترميم نه ڪيو.