وڪيپيڊيا:منتظمين/راءِ شماري/يوزر:Indusian1236
هي صفحو بحث صفحو جو آرڪائيو تي ٻڌل آهي.مهرباني ڪري هن صفحي جي درجيڪارين منجهان ڪنهن ۾ به ڪنهن به قسم جي تبديلي ڪرڻ کان پاسو ڪريو. جيڪڏهن توهان ڪوبه نئون سنيهو يا ڳالهه ٻولهه، بحث ڪرڻ، يا پڇڻ چاهيو ٿا ته روان بحث صفحو تي پيغام لکو۔ |
السلام عليڪم! اميد آھي ته سڀ خيريت سان ھوندا۔ سنڌي وڪيپيڊيا کي شروع کان ئي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو آھي۔ جنهن ۾ وڏي مشڪل متحرڪ ڪارڪنن جي آھي۔ سنڌي وڪيپيڊيا تي باب، منصوبا، ۽ ٻين ٽيڪنيڪي ڪمن لاءِ هڪ وڌيڪ منتظم جي سخت ضرورت آهي، امر صاحب جيڪو ڪافي عرصي کان سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اڄڪلهه وڪيپيڊيا جي بنيادي منصوبن، معاونت مضمونن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، مُک صفحي جو انٽرفيس بھتر بڻائڻ جو ارادو رکي ٿو، سو سائين جن منتظم هوندا ته ڪم جلدي ڪري سگهندا ۽ سنڌي وڪيپيڊيا وڌيڪ ترقيءَ ڏانهن روان دوان ٿيندي.
هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي ٻه منتظم آهن، جنهن سبب انتظامي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون۔ضرورت آهي ته سنڌي وڪيپيڊيا تي وڌيڪ منتظم هجن جيئن اردو وڪيپيڊيا تي آهن. ان لاء نئين منتظم جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جنهن تحت امر صاحب کي منتظم ٿيڻ لاء نامزد ڪيو ويو آهي۔جيڪو پاڻ سافٽويئر انجيئر ۽ آءِ ٽي ماهر پڻ آهي جيڪا ڳالهه سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ خوش آئند آهي. اميد آھي توھان ھن راءِ شماري ۾ پنهنجو اظھار ڏئي راءِ شماري مڪمل فرمائيندا۔ ھيء رائشماري 20 جولاءِ 2016ء کان شروع ٿي 10 آگسٽ 2016ء تائين جاري رهندي۔ توهان سڀني کي هن راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ جي درخواست آهي۔ تائيد لاء {{تائيد}} ۽ تنقيد لاء {{تنقيد}} استعمال ڪريو۔ ڪنهن تجويز يا تبصري لاء {{تبصرو}} استعمال ڪندا--
سوال برائي يوزر:Indusian1236
Script error: No such module "user".
جناب يوزر:Indusian1236 صاحب! وڪيپيڊيا تي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ تي مهرباني۔ اميد آهي هنن سوالن جا جواب ڏيڻ فرمائيندا توهان پنهنجو ڪجھ وقت اسانکي عنايت ڪريو- توهانجي جوابن سان راءِ شماري ۾ شريڪ يوزرن کي آساني ٿيندي:
- . ڄاڻ چيڪلي (دائرة المعارف) ۾َ توهان ڪنهن امور جي سرانجامي جو ارادو رکو ٿا؟
- . توهانجي ڀاڱيدارين يا تحريرن ۾ ڪائي شيء لائق فخر آھي؟ جيڪڏنهن آھي تہ ڇو؟
- . ڄاڻ چيڪلي (دائرة المعارف) ۾ ماضي ۾ جاري ڪنهن گفتگو ۾ توهان حصو وٺي چڪا آھيو؟ جيڪنهن ھا تہ ان ۾ توهانجو رويو ڪهڙو ھيو؟ ۽ ان صورتحال ۾ صارفين کي ڪنهن قسم جو رويو وٺڻ گهرجي؟ مستقبل ۾ اها صورتحال ٻيهر پيش اچي تہ توهان سان ڪهڙي رويي جي توقع رکي وڃي؟
- . ڇا توهان ڪنهن صارف جي رويي/تحرير وغيرہ مان متاثر آھيو؟ جيڪڏنهن ها تہ نالو تحرير ڪريو ۔
جواب
مان سڀني سوالن جي جواب کان پهريون اوهان سڀني دوستن جي مهربانين کي ڳائڻ چاهيان ٿو جن مونکي هي عزت افزائي ڏيڻ چاهي آهي. سو مان سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ننڍڙو خادم سنڌي ٻوليءَ، سنڌ ۽ سنڌي تهذيب جي مڙني ڳالهين کي دنيا جهان تائين پهچائڻ چاهيان ٿو. انڪري ئي مان وڪيپيڊيا تي ڪم شروع ڪيو.
- جي ها، مان هن کان پهريان لڳ ڀڳ ٻه سئو کن مضمون انگريزيءَ ۾ سنڌي شخصيتن، ماڳن مڪانن ۽ ادارن تي ٺاهي رکيا آهن ۽ هاڻي مهيني کان سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪم تيزيءَ سان ڪيان ٿو. مون وٽ ڀلي نصيب جي ڪري مواد جام پيو آهي جيڪو مان هر روز وڪيپيڊيا تي رکي رهيو آهيان. وڌيڪ لاءِ اوهان منهنجون ڀاڱينداريون پسي سگھو ٿا. مان سمجھان ٿو ته سنڌ جي وسيتن واهڻن سان گڏ کوڙ سارن امورن جي هتي وڪيپيڊيا تي معلومات ميسر ناهي، انڪري منهنجو ارادو آهي ته وڌ کان وڌ انهن حيقيتن تي مضمون رکان. ٻي ڳاله ته هڪ پروگرامر جي منهنجو اهو خواب آهي ته سنڌي وڪيپيڊيا جو مک صفحو ۽ زمرا پنهنجي شان مان ۽ سهڻائپ سان نظر اچن، فانٽ جو مسئلو حل هجي انڪري مان ڊولپر موڊ ۾ وڃي به انهن کي بهتريءِ لاءِ ڪم ڪرڻ گھران ٿو.
- بلڪل، مان سمجھان ٿو سنڌي ويڪيپيڊيا تي جيڪي به مضمون سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيقي طور پڙهان ٿو ته مان فخر محسوس ڪيان ٿو. وڌيڪ اهو به ته جڏهن ٻين ايشيائي ٻولين جي ڀيٽ ۾ ڪافي سارا سائنسي مضمون سنڌيءَ ۾ ڏسندو آهيان ته خوشي ٿيندي اٿم.
- مان سمجھان ٿو ته عملي بحث ۾ ائين ٿيندو آهي. پر هتي سنڌي وڪيپيڊيا تي مان تمام دوستن جي روين مان گھڻو خوش آهيان ته سڀ دوست هڪ دوستاڻي ماحول ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. مان به اهڙي قسم جي علمي بحثن کي اکين تي رکندو آهيان ۽ گھڻي برداشت هجڻ جي ڪري مان سڀني کي قبول ڪندڙن منجھان آهيان.
- جي بلڪل. مان سائين احسان عرساڻي صاحب، سائين اسد جوڳي صاحب ادي مهتاب احمد جي ترتيب ڏنل مضمونن مان ڪافي متاثر آهيان، پر جيئن ته هر انسان جو پنهنجو اسلوب ٿيندو آهي انڪري مان سمجھان ٿو ته مان پنهنجي اسلوب ۾ لکڻ کي ترجيح ڏيندم. سائين انڊس ايشيا جي سائنسي مضمونن کي به مان سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ اهم سمجھان ٿو.
يوزر:Indusian1236 • ڀاڱيداريون) 14:04, 17 جولاءِ 2016 (UTC)
تائيد
- سهمت--Indus Asia (ڳالهہ) 14:53, 20 جُولاءِ 2016 (UTC)
- سهمت--اسد علي جوڳي (ڳالهہ ٻولهہ • ڀاڱيداريون) 13:48, 20 جولاءِ 2016 (UTC)
- سهمت--مھتاب احمد (ڳالهہ) 13:10, 20 جُولاءِ 2016 (UTC)
- سهمت--علي نواز چنا (ڳالهہ) 14:04, 22 جُولاءِ 2016 (UTC)
- سهمت--عبيدٿهيم (ڳالهہ) 13:44, 29 جُولاءِ 2016 (UTC)
- سهمت--Ayaz Ali Laghari (ڳالهہ) 11:57, 31 جُولاءِ 2016 (UTC)
- سهمت--محمد عارف سومرو 09:01, 4 آگسٽ 2016 (UTC)
- سهمت--Obaid Raza (ڳالهہ) 13:30, 12 آگسٽ 2016 (UTC)
تنقید
تبصرو
نتیجو
نتيجو — تائيد | |
---|---|
سهمت | 8 |
تنقيد | 0 |
10 آگسٽ 2016ء تائين موجود راء شماري اختتام تائين پهتي، ان راء شماري جي نتيجي ۾ بلا مخالفت ۽ تنقيد ۽ 8 تائيدي راء پيش نظر يوزر:Indusian1236 کي منتظم ڪرڻ لاءِ سفارش ڪريون ٿا ۽ ميٽا وڪي جي اسٽيوارڊ کي عرض آهي ته ( يوزر:Indusian1236) کي جلد منتظم ڪيو وڃي۔ داروغو (اسٽيوارڊ) يوزر:MF-Warburg پاران امر فياض صاحب ( يوزر:Indusian1236) کي ڇهن مهينن لاءِ عارضي منتظم ڪيو ويو آهي.
اميد آھي تہ امر فياض صاحب سنڌي وڪيپيڊيا کي هاڻِي وڌيڪ سنواريندا ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا۔ اسان تمام رڪنن کي گذارش ٿا ڪريون تہ اهي امر فياض صاحب کي مبارڪ باد ڏيندا، والسلام . Granted for 6 months to expire on 2017-02-13.. - MF-W (ڳالهہ) 02:42, 13 آگسٽ 2016 (UTC)