وڪيپيڊيا:صفحا ڪيئن ترميميو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعارف

وڪيپيڊيا هڪ کُليل ڄاڻَ چيڪلو آهي. اهو سڀني تي کُليل آهي ۽ انَ ۾ هرڪو واڌارا ۽ سڌارا آڻي سگھي ٿو. ويندي اهو به جيڪو سائين اِن نه ٿو ٿي يا پنهنجو کاتو نه ٿو کولي. پر اسان ئي خوشي ٿيندي جيڪڏهن اوهان پنهنجو کاتو کولِيندا ۽ سائِينِ اِنِ ٿِي ڪم ڪندا ته جيئن اسان توهان بابت ڪجھه ڄاڻي سگھون. ڪنهن به صفحي ۾ تبديلي ڪرڻ لاءِ صفحي تي موجود ”سنواريو‟ نالي چُٽڪِيءَ تي ڪلڪ ڪندا. تنهن کان پوءِ اوهان تبديلي ڪري سگھندا. گھربل تبديلي ڪرڻ بعد بهتر آهي تبديلين کي تڪڙ ۾ محفوظ يا سيوِ نه ڪندا. محفوظ ڪرڻ کان پهرين هڪ ڀيرو ”شو پِرويُو‟ کي ڪلڪ ڪري جائزو وٺي ڏسندا ته جيڪا تبديلي اوهان چاهيو ٿا اها صحيح نموني ٿِي به آهي يا نه؟ اوهان سڀني صفحن ۾ تبدليون ڪري سگھو ٿا سواءِ چند صفحن جي، جيڪي منتظمين طرفان ”محفوظ‟ يا پروٽيڪٽ ٿيل آهن. اهڙن صفحن ۾ اوهان کي ”سنواريو‟ واري چُٽڪِي نظر نه اِيندي.

وڪيپيڊيا تي ڪو نئون عنوان لکجي ته پنهنجو نالوڏيڻ جي ڪيتري ضرورت آهي يا نالو ڏجي يا نه ڏجي؟

نالو رکڻ جي ضرورتَ بلڪل به ڪانهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن توهان سائِينِ اِن ٿِي ڪجھه به ڀاڱيداريندا (ڪنٽريبيوٽ ڪندا) ته ازخود اوهان جي اهڙي ڀاڱيداري هميشه جي لاءِ اوهان جي نالي ِٿِي ويندي. اهڙو رڪارڊ هميشه لاءِ درج ٿي وڃي ٿو. مُک صفحي تي ماءِ ڪنٽريبيوشنس نالي هڪ ڳنڍڻو آهي. ٿورو ان کي ڪلڪ ڪري ڏسندا. اوهان جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو اوهان جي سامهون اچي ويندو. اڄ جيڪو صفحو توهان تخليق ڪريو ٿا، اهو در حقيقت سڀني تي کُليل آهي. مطلب ته ان ۾ سڀاڻي ڪو به ٻيو اچي تبديلي به ڪري سگھي ٿو ته ان ۾ واڌارا به ڪري سگھي ٿو. ان ڪري هر ڪنهن کي پنهنجو نالو اتي لکڻ جي ضرورت ڪانهي. بلڪه اهڙو رڪارڊ خود به خود درج ٿي وڃي ٿو.

وڪيپڊيا تي ڪنهن عنوان بابت وڌيڪ ڄاڻ هجي ته سابقه لکت کي ايئن رهڻ ڏجي ۽ پنهجي معلومات انجي هيٺيان لکجي يا انکي ڊاهي انجي جاءِ تي پنهنجو ليک لکجي؟

جيڪڏهن موجوده ليک جي ڪنهن به حصي، جزليک (پيراگراف) يا عبارت يا حصي ۾ واڌارو ڪرڻو آهي ته بلاشڪ ڪري ڇڏيو. بنا دير ۽ بنا ڪنهن جھجھڪ جي. پر جيڪڏهن اڳي ئي لکيل جملي، حصي يا پيراگراف جي مقصد سان متفق نه آهيو ۽ ان کي مٽائڻ گھرو ٿا يا ٿوري گھڻي تبديلي ڪرڻ گھرو ٿا، يا ڪنهن انگ، تعداد يا سن وغيره سان اختلاف رکو ٿا ۽ ان کي تبديل ڪرڻ گھرو ٿا ته ان لاءِ ضروري آهي ته اوهان اهڙي تبديلي ڪرڻ کان اڳ ان تي بحث ڪندا. ان لاءِ توهان کي اهڙي صفحي جي ٽاڪ پيج يعني ته ڊسڪشن واري صفحي تي پنهنجو موقف لکڻو پوندو ۽ دليل ڏيڻا پوندا. دليلن ۾ ٿي سگھي ته ڪي پڪا ۽ مستند حوالا ڏيندا. جيڪڏهن هڪ هفتي تائين توهان جي ڳالھه جو ڪير به جواب نه ٿو ڏي يا ڪير به توهان جي موقف سان اختلاف نه ٿو رکي ته توهان گھربل تبديلي ڪري ڇڏيندا.
توهان جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته صرف چند صفحا اهڙا آهن، جن ۾ توهان جي لاءِ تبديلي ڪرڻ ممڪن نه آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ”تحفظيل‟ آهن. انهن کي منتظمين طرفان تحفظيو ويو آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن صفحي ۾ تبديلي چاهيو ٿا ته اهڙي صفحي جي مباحثي صفحي تي اهڙي تبديليءَ جي خواهش جو اظهار ڪندا. جيڪڏهن منتظمين مناسب سمجھندا ته اهڙي تبديلي ڪري ڇڏيندا يا وري ڪجھه وقت لاءِ ان صفحي کي اڻ تحفظيل ڪري ڇڏيندا ته جيئن توهان ان ۾ گھربل تبديلي ڪري سگھو.

وڪيپيڊيا تي ٽيڪسٽ ٻين صفح سان ڪيئن ڳنڍجي ۽ پڻ اهو ڳنڍڻو وڪيپيڊيا تائين محدود آهي يا ڪنهن به سائِيٽ جو ڳنڍڻو پڻ رکي سگھجي ٿو؟

هن صفحي تي ئي سنڌي وڪشنريءَ جو ڳنڍڻو توهان ڏسي سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان هن صفحي تي موجود ”سنواريو‟ نالي چُٽڪيءَ کي ڪلڪ ڪندا ته توهان ڏسي سگھندا ته ڪهڙيءَ ريت سنڌي وڪشنريءَ جو خارجي ڳنڍڻو يعني ته ايڪسٽرنل لنڪ رکيو ويو آهي. خارجي ڳنڍڻو هميشه ٻن چورس ڏنگين ۾ رکبو آهي. جڏهن ته وڪيپيڊيا ۾ ئي موجود ڪنهن ٻي صفحي جو ڳنڍڻو رکڻو هجي ته ان کي چئن چورس ڏنگين ۾ رکبو آهي. مثال طور، ڏور ربطيات توهان کي ”ڏور ربطيات‟ جي صفحي تي وٺي ويندو. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اسڪرين تي ڪجھه ٻيو نظر اچي ۽ صفحي جو نالو (جنهن جو ڳنڍڻو اوهان رکڻ گھرو ٿا) ڪجھه ٻيو هجي ته اهو به ممڪن آهي.
مثال طور، الف اوهان کي اسڪرين تي ”الف‟ ڏيکاريندو، پر ڪلڪ ڪرڻ سان توهان کي ”بي‟ تي وٺي ويندو. ان کان پوءِ به جيڪڏهن اوهان کي ڪا مشڪل هجي ته بلاشڪ وڪيپيڊيا يا سنڌي وڪشنريءَ تي موجود ڪنهن به دوست جي ”مون سان ڳالهه“ واري صفحي تي سوال رکندا ته اوهان کي مثبت موٽ ملندي. ان کان سواءِ جيڪڏهن توهان وڪيپيڊيا يا وڪشنريءَ تي اڳي ئي موجود ڪيترن ئي صفحن تي نظر وجھي ڏسندا. هر صفحي تي ”سنواريو“ ۾ وڃي ڏسندا ته اندر ڳنڍڻا ۽ تصويرون ڪيئن رکيل آهن.

مضمون ۾ تصوير ڪيئن رکجي ۽ انجي ماپَ ڇا هجي؟

تصوير جي سائيز ڪهڙي به هجي. ڪا پرواهه نه آهي. خيال رکجَو ته تصوير JPG هجي يا GIF هجي. وڪشنريءَ تي طوطو گھمي ڏسندا ته طوطي جون ٽي تصويرون ڪيئن رکيون ويون آهن. پر انٽرنيٽ تان ڪا به تصوير کڻي رکي ڇڏڻ کان پاسو ڪندا. جيڪڏهن انٽرنيٽ تا ڪا اهڙي تصوير موجود آهي جيڪا اوهان رکڻ چاهيو ٿا ته مهرباني ڪري ان سائيٽ تي موجود ڏنل رابطي تي هڪ برق ٽپال يعني اي ميل اماڻي اها تصوير رکڻ جي اجازت طلب ڪندا. جيڪڏهن اجازت ملي وڃي ته بلاشڪ اهڙي تصوير رکي ڇڏيندا.

ڪتابن ۾ گھڻئي علم موجود آهي ڇا انهن مان مواد جا ڪجهه حصا جيئن جو تيئن هتي رکي سگھجن ٿا يا اهو به ڪاپي رائٽ جو معاملو آهي؟

سڀني ليکڪن ۽ اشاعتاڻن جي حقن ۽ واسطن جو احترام ڪرڻ اسان جو فرض آھي. ان ڪري ڪو به مواد يا تصوير رکڻ کان اڳ متعلقه افراد کان اجازت طلب ڪندا ۽ اجازت ملڻ بعد ئي اهڙو مواد وڪيپيڊيا يا وڪشنريءَ تي رکندا. نه ته ٻي صورت ۾ وڪشنري يا وڪيپيڊيا جي ٽيم تي قانوني ڪارروائي ٿي سگھي ٿي ۽ نتيجي ۾ سنڌي صفحا بند ٿي سگھن ٿا. هونءَ به سنڌي ٻوليءَ جا دشمنَ چوطرف پکڙيل آهن.