وڪيپيڊيا:تصويري استعمال جي پاليسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڪيپيڊيا: تصويري استعمال جي پاليسي

وڪيپيڊيا ۾ ٻين سائيٽن کان تصويرون حاصل ڪري ۽ اپ لوڊ ڪرڻ جي اجازت آهي، شرط هي آهي ته ان سائيٽ جو مواد ڪاپي رائيٽ (copyrighted) نه هجڻ گهرجي. انهي سلسلي ۾، اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته الڳ الڳ مواد تي ڪاپي رائيٽ جا حق بيان ڪرڻ ضروري ناهين. ڪنهن به ويب سائيٽ جو عام پڌرنامو (اعلان) ته هتي موجود مواد جا حق فلاڻو نالي سان سانڍيل (محفوظ) آهن، ايترو ڪافي سمجهيو ويندو، هاڻي ڀلي اُتي تصوير جي ڪاپي رائٽ حقن جي پابندي جي وضاحت ڀلي نه بيان ڪيل هجي. ان سان گڏوگڏ، اهڙيون ويب سائيٽون جيڪي اهو بيان نه ڪنديون آهن ته ڇا مواد ڪاپي رائيٽ سان مشروط آهي يا نه، اهڙي صورت ۾ اتان کان وڪيپيڊيا تي منتقل ڪرڻ جي اجازت ناهي وٺڻي پوندي. ته جيئن هن ويب سائيٽ جا مالڪ اجازت جي درخواست ڪري سگهن يا وضاحت ڪن ته مواد پبلڪ ڊومين (public domain) ۾ هجڻ جي وضاحت ڪري ڇڏيندا آهن.

جيڪڏهن فوٽوگرافر نامعلوم آهي، ته اهڙيون تصويرون هتي اپ لوڊ نه ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن واپرائيندڙ ڪا تصوير اپ لوڊ ڪرڻ دوران لائسنس چونڊ نه ڪري، ته اجازت جي لسٽ کان اجازت نامعلوم چونڊيو، ان صورت ۾ اها تصوير ست ڏينهن کانپوءِ ڊانهي ويندي. جيڪڏهن تصوير ڇڪيندڙ (فوٽوگرافر) جي موت کي 100 سال گذري چڪا آهن، ته اها تصوير پاڻمرادو عوامي ڊومين (public domain) ۾ اچي ٿي، انهي کي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت آهي.