وڪيپيڊيا:اِن لائن حوالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڪيپيڊيا تي، اِن لائن حوالا يا سِٽ جي اندر حوالا ڏيڻ عام طور تي ڪنهن به طريقي سان رکيل صفحي جي متن ۾ ڏنل حوالا آهن، جنهن جي مدد سان پڙهندڙ کي مواد جي ثابتي لاءِ مخصوص قابل اعتماد ذريعن (جيڪي ان مواد جي حمايت ڪن ٿا) يا سورسز سان ڳنڍڻ جي اجازت ملندي آهي. اڪثر عام طريقا ڄاڻايل مواد جي فوٽ نوٽ يا ياداشت ۽ پيرينٿيڪل حوالا متن جي اندر، پر ٻيون شڪلون به موقعي تي استعمال ٿينديون آهن.