وَرسٽ ڪيس ايناليسز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وَرسٽ ڪيس ايناليسز (Worst Case Analysis) يا بدترين صورتحال جو جائزو هڪ اصطلاح آهي. هن اصطلاح ذريعي اُميد کان وانجهيل اهڙي صورتحال بيان ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ بهتريءَ جا روايتي طريقا پنهنجي صلاحيت ۽ اثر وڃائي ويهن ۽ لاڳاپيل ڌُر ۾ نااُميدي ڇانئجي وڃي. هيءُ تصور سلامتي، فوجي مسئلن ۽ بچاءَ جي رٿابنديءَ ۾ ڏاڍي اهميت رکي ٿو ۽ دُشمن جي هڪ- رُخي اَثرَ يا برتريءَ مهل يا اهڙي ڪنهن ٻي صورتحال ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن جو نقشو چٽيندي، ڪنهن به مُعامري جي تفصيلي جائزي تي زور ڏيئي، ممڪن نبيري جي رٿ آڇي ٿو. ڪيترا سياستدان، فوجي جنرل ۽ آمر عوام آڏو منجهيل مسئلا ۽ صورتحال تجزيي لاءِ اُڇلي، کانئن مُختلف ٻين مسئلن تي حمايت حاصل ڪري وٺندا آهن. هن اصطلاح کي ائٽمي هٿيارن جي حوالي سان به سُڃاتو وڃي ٿو. جنهن مطابق اها پَڪَ ٿيندي آهي ته ڪو به تجربو يا هٿياراُهي گهربل معيار، صلاحيتون ۽ خاصيتون رکي ٿو، جيڪي کيس ڪاميابيءَ سان ٽارگيٽ تائين رسائين. [1]

حوالا[سنواريو]