مواد ڏانھن هلو

وَرسٽ ڪيس ايناليسز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وَرسٽ ڪيس ايناليسز (انگريزي: Worst Case Analysis) يا بدترين صورتحال جو جائزو هڪ اهڙو اصطلاح آهي، جنهن ذريعي اُميد کان وانجهيل اهڙي صورتحال بيان ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ بهتريءَ جا روايتي طريقا پنهنجي صلاحيت ۽ اثر وڃائي ويهن، ۽ لاڳاپيل ڌُرين ۾ نااُميدي ڇانئجي وڃي.[1]

هيءُ تصور خاص طور تي سلامتي، فوجي معاملن ۽ بچاءَ جي رٿابنديءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، جتي ورسٽ ڪيس ايناليسز دُشمن جي هڪ رُخي اثر، برتري يا انتهائي منفي صورتحال ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن جو خاڪو پيش ڪري ٿو، ۽ ڪنهن به معاملي جي تفصيلي تجزيي ذريعي ممڪن نبيري لاءِ رٿابندي ڪئي ويندي آهي.[1]

استعمال ۽ اهميت

[سنواريو]

ورسٽ ڪيس ايناليسز جو استعمال قومي سلامتي، عالمي سلامتي، فوجي حڪمتِ عملي، سياستي فيصلا سازي ۽ ماحولياتي خطرن جهڙن شعبن ۾ ڪيو ويندو آهي.[1]

ڪيترائي سياستدان، فوجي جنرل ۽ آمر عوام آڏو منجهيل مسئلا ۽ بدترين حالتون تجزيي لاءِ پيش ڪري، انهن جي آڙ ۾ ٻين پاليسين يا فيصلا لاءِ حمايت حاصل ڪندا آهن.[1]

ائٽمي هٿيارن سان لاڳاپو

[سنواريو]

هي اصطلاح ائٽمي هٿيارن جي حوالي سان پڻ استعمال ٿيندو آهي، جتي ان جو مطلب اهو ورتو ويندو آهي ته ڪو به تجربو يا هٿيار اهڙن معيارن، صلاحيتن ۽ خاصيتن تي پورو لهي، جيڪي کيس بدترين حالتن ۾ به ڪاميابيءَ سان پنهنجي ٽارگيٽ تائين پهچڻ جي قابل بڻائين.[1]

حوالا

[سنواريو]