مواد ڏانھن هلو

ويڳاڻپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


سماجيات ۾ ويڳاڻپ پنھنجي پاڻ کان, ٻين کان يا سماج کان اڻڄاڻيت يا ڪٽجي وڃڻ جو هڪ احساس آهي.

ويڳاڻپ جو تصور ڪيترن ئي نظرياتي ماهرن پاران مٽ مٽ نمونن سان سڌاري ٻُڌايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي هلندڙ وقتي بحثن سان ويجھڙائي رکي ٿو. پنھنجي نفسياتي حالت کي بيان ڪرڻ لاءِ يا وري سَماجي ڳانڍاپي جي شڪل ۾ ان کي ڪتب آڻي سگھجي ٿو. ويڳاڻپ جي ڪجھ عام قسمن ۾ شامل آهن: ويچارو محسوس ڪرڻ/محسوس ڪرڻ ته ڪنھن جو لکيو ٻاهرين عنصرن طرفان طئه ڪيو ويو آهي.

بي معنيٰ/زندگيءَ ۾ مقصد جي احساس جو ڏُڪار يا عملن ۾ معنيٰ جو ڏُڪار.

غير معمولي/گڏيل سماجي ڪنوينشن لاء عزم جو ڏُڪار

ثقافتي تڪرار/سماج ۾ قائم ڪيل قدرن کان هٽيل احساس

سماجي اڪيلائي: اڪيلائي محسوس ڪرڻ يا سماجي لاڳاپن ۾ خارج ٿيل محسوس ڪرڻ.  

✓ويڳاڻپ جو تصور ڪارل مارڪس سان تمام گھڻو مشھور آهي، جنهن اڻويھين صديءَ جي وچ ڌاري مزدورن جي انھن جي پورهئي جي پيداوار کان دوريءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ هن تصور کي (Theory of Alienation) جي اصطلاح طور ڪتب آندو. مارڪس جو خيال هو ته انھيءَ سڀني حالتن جو ذميوار سرمائيداري سرشتو آهي, جنھن مزدورن کي هڪ ڪموڊٽي يا وکر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ۽ ان کي نفعي جي تقاضائن جي تابع ڪري، مزدورن کي غير انساني بڻائي ڇڏيو آهي. ڪارل مارڪس موجب ويڳاڻپ هڪ سماجياتي تصور آهي, جيڪو بيان ڪري ٿو ته ڪيئن سرمائيدار سماج ۾ مزدور پنھنجي محنت جي پيداوار ۽ انساني فطرت کان ڌار ٿي وڃن ٿا. مارڪس جو خيال هو ته ويڳاڻپ مزدورن جي ورهاڱي ۽ سماجي طبقن جي وجود جو نتيجو آهي. هن جو خيال هو ته مزدور پنھنجي انساني فطرت کان بيزار هئا ڇاڪاڻ ته انھن کي اهڙي طريقي سان ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو هو جيڪو انھن کي پنھنجي جان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت کان انڪاري هيو.

حوالا

[سنواريو]