ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو يا ڊوائيڊ اينڊ رُول (Divide and rule) هڪ قسم جو ڏانءُ، اٽڪل يا طريقو آهي، جنهن ذريعي ماڻهن کي پنهنجي فرمانبرداري ۽ حڪم هيٺ رکڻ لاءِ انهن کي پاڻ ۾ ٺهڻ نه ڏبو آهي يا پاڻ ۾ ويڙهايو ويندو آهي، ته جيئن اُهي ٻڌي ڪري حاڪم جي مخالفت نه ڪري سگهن. اهو طريقو گهڻو ڪري دُنيا جي پوئتي پيل يا هيڻن ملڪن تي زوريءَ قبضا ڪندڙ ڌاريا ۽ پرماري طاقتون ڪم آڻينديون آهن. هونئن ته هيءُ طريقو يهودي قبيلن، رومي سلطنت ۽ يورپي سياست ۾ به آزمايو ويو آهي، پر ويجهي ماضيءَ ۾ ان جو بهترين مثال برطانيا جو ننڍي کنڊ ۾ مڪاني ماڻهن ۽ پارٽين کي پاڻ ۾ ويڙهائي، سندن مُلڪ ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي صورت ۾ سامهون آيو.[1]

هيءَ هندستان ۾ برطانوي راڄ حڪومت جي ٻٽي پاليسي هئي. جنهن کي ان زماني جي ليفٽنينٽ جنرل ڪوڪ (General Coke) فارمولي جي صورت ڏيندي چيو هو ته ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو (Divide and Rule).

اڻ گُهري صورتحال جي شروعات لارڊ جيمس بروس ايلگن (James Bruce Eligin) جي زماني ۾ ٿي. جيڪو 63- 1862 ۾ هندستان جو وائسراءِ هو. انگريز گورنمينٽ جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مسٽر وڊ (Wood) لنڊن کان نئين دهلي ۾ رهندڙ وائسراءِ کي خط لکيو ته: We have maintained our power in India by playing off one part against the other and we must continue to do so. Do all you can, therefore, to prevent all having a common feeling

اسان هندستان ۾ پنهنجي حڪومت، اتان جي هڪ طبقي کي ٻئي طبقي جي خلاف ويڙهائي باقي رکي آهي. اسان کي ائين ڪندو رهڻ گهرجي. (هندستان ٽائيمس 30 مارچ 1995ع).[2][3]

حوالا[سنواريو]

  1. Divide and rule | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2019-01-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-25 
  2. انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-13 
  3. ڪتاب: انسانيت جي تعمير