ونجھوٽي راند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ونجهوٽي:(انگريزي: Wanjhwati game ) ان کي دَرين راند به چئبو آهي. زمين تي پيرن سان ٻاريون يا دريون ٺاهي، ٻه ٽولا ٿي راند ڪندا آهن، هڪڙا آگ ڏيندڙ ٻيا آگ وٺندڙ ٿيندا آهن. آگ ڏيندڙ ٽولي جو هر هڪ ڀيچي هر هڪ ٻاريءَ ۾ بيهندو. اگ وٺندڙ ٽولي جا ڀيچي انهن کان پاڻ ڇڏائي سڀيئي ٻاريون اُڪري وري واپس صحيح سلامت مٿي پهتا ته راند کٽيائون، پر جي انهيءَ وچ ۾ ڪنهن به سنگتيءَ کي ڪنهن کي آگ ڏيندڙ جو هٿ لڳي ويو ته راند هارايائون. هارائڻ جي حالت ۾ ٻي ٽولي کي وارو ملندو[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو