مواد ڏانھن هلو

ولھار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ولهار(Walhaar): ولهار جي لغوي معنيٰ ساوڪ سان ڀريل چراگاھ آهي. سنڌ ۾ عام طور چار ولهارون مشهور آهن.

هڪ عمرڪوٽ واري ولهار، جنهن جو ذڪر شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ ھيٺيئنءَ ريت ڪيو آهي؛

وڄون وسڻ آئيون، چڱي ڀَت چوڌار، ڪن عمرڪوٽ تي ، وسايا ولهار،

ٻي تعلقي سجاول واري ولهار

ٽين کنڀرو شريف واري ولهار جيڪا هڪ مڪان جي صورت ۾ ڍوري ناري جي ويجھو آهي.

چوٿين ٽنڊوالهيار واري ولهار، جنهن جو ذڪر شاھ عنايت رضوي پنهنجي رسالي ۾ ڏاڍي عقيدت سان ھيٺئينءَ ڪيو آهي؛

ٿڌا وڻ ولهار جا، جت “صدر” سونهارو،

اکڙين آرو ، اوڏانهين “عنات” چئي.

اھا ولهار ماضي ۾ نصرپور پرڳڻي ۾ شامل هئي. جڏهن درياءَ نصرپور وٽان وهندو هو ، تڏهن هن ولهار جي اوج ۽ موج ڏسڻ وٽان هئي. انهن سڀني ولهارن ۾ رهندڙ ماڻهو پاڻ کي ولهاري سڏائيندا آهن. ياد رهي ته آڳاٽي وقت ۾ سمن جي دور کان مغل سلطنت جي پڄاڻي تائين سنڌ انتظامي لحاظ کان ڇهن پرڳڻن يا ورھايل هئي. ڇهن پرڳڻن جا نالا هي آهن، 1- بکر.2-سيوهڻ. 3- نصرپور. 4- چاچڪان، 5- چاڪر هاله. 6- ٺٽو.

ان وقت نصرپور سرڪاري طور تي ست تعلقن يا حصن تي آڌارڪ هئي، جنهن ۾ هي ولهار به نصرپور جو هڪ حصو سڏبي هئي، جڏهن ته ٺٽو، بکر ۽ سيوهڻ وقت بوقت سنڌ جا گادي جا هنڌ پڻ رهندا آيا آهن، جنهن جو تفصيلوار بيان اڪبري دور جي مشهور ليکڪ علامه ابوالفضل پنهنجي ڪتاب “آئين اڪبري” ۾ ڪيو آهي. بقول ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ته موجوده پنجن تپن هرهڪ بلغاء، ڍالو، سنجرچانگ، چنبڙ ۽ پاڪ سنگهار واري ايراضي “ولهار” تي مشتمل هئي. </ref>محقق؛ زاهد قمر مسڻاڻي ڪنڀار <ref>

حوالا

[سنواريو]