ولايتي گاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ولايتي گاھ' ڪيترن قسمن جا ولايتي گاهه ٿيندا آهن، جن جا ڊگها پن اهڙا سهڻا ٿيندا آهن، جو عمدين ڪونڊين ۾ رکي اندر ميزن تي يا ٻين هنڌن تي رکندا آهن. اهڙا مشهور ٻه قسم آهن: هڪڙو برائزا يا لڏندڙ گاهه ۽ ٻيو سٽائپا يا کنڀن وارو گاهه، پهرين ٿورڙيءَ هير لڳڻ ڪري لڏندو آهي ۽ ٻيو رنگن واري پکيءَ جي پڇ جي ڪلنگين جهڙو ٿيندو آهي. ٻئي نازڪ ۽ سنهڙا ٿيندا آهن. ٻئي آڪٽوبر ۾ پوکبا آهن، مگر ٽَڪرن تي مارچ ۾.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو