وصيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وصيت: (Bequest) قرآن مجيد ۾ وراثت جو قانون مقرر ڪرڻ سان گڏو گڏ ماڻھوءَ کي مرڻ کان اڳ پنھنجي ملڪيت مان وصيت جي به ھدايت ڏنل آھي. ڪوبه عاقل بالغ شخص پنھنجي منقوله يا غيرمنقوله ملڪيت جي باري ۾ وصيت ڪري سگھي ٿو، جيڪا زباني يا تحريري صورت ۾ ٿي سگھي ٿي. وصيت ڪرڻ وقت ٻه مسلمان عاقل ۽ بالغ مڙد يا ھڪ مڙد ۽ ٻن عورتن جي موجودگي بطور شاھد ضروري آھي. البت موت وقت جيڪڏھن مسلمان شاھد موجود نه ھجي ته اھل ڪتاب مان عادل ۽ عاقل ۽ بالغ ٻن مڙدن جي وصيت ضروري آھي. فرمان نبوي موجب وصيت جي اجازت رڳو ھڪ ڀاڱي ٽئين حصي تائين محدود آھي. ۽ رڳو انھن ماڻھن جي حق ۾ جائز آھي جيڪي وارثن جي فھرست ۾ شامل نه ھجن. ھن اصول تحت والدين جي موجودگيءَ ۾ ڀيڻ، ڀاءُ ۽ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي حق ۾ وصيت ٿي سگھي ٿي. ڇو ته مائٽن جي موجودگيءَ ۾ ھي وارث جي حق ۾ يا ڪنھن غير وارث جي حق ۾ ٽئين حصي کان وڌيڪ جائداد جي وصيت کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگھن ٿا ۽ ٽئين حصي کان وڌ وصيت کي منسوخ ڪرائي سگھن ٿا.[1]

رگ ويد[سنواريو]

قديم هندن ۾ لکيل وصيت (Will) ڪرڻ جو رواج هئو ئي ڪونه، سموري ملڪيت جو مالڪ پيءُ هوندو هو. پيءُ کان پوءِ سندس سڀ ملڪيت سندس پٽن جي ٿيندي هئي. ڪنهن کي پٽ نه هوندو هو، ته سندس سموري ملڪيت سندس ڏهٽن کي ملندي هئي، نه ڌيئن کي. اڄ به اهو ئي قائدو آهي. رواجي طرح ڀاءُ پنهنجي ملڪيت مان پنهنجيءَ ڀيڻ کي حصي ڏيڻ لاءِ ٻڌل ڪونه هوندو هو (رگ ويد، منڊل ٽيون، 31، 2). انهيءَ هوندي به جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي سندس دل وٽان گهوٽ نه ملندو هو، يا ڪنوارو رهڻ پسند ڪندي هئي، يا ڪنهن مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب سڄي عمر ڪنواري رهندي هئي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ پيءُ جي ملڪيت مان حصو گهرندي هئي، ته ملندو هوس (منڊل ٻيون، 7، 17) انهيءَ ريت ڀائر پنهنجا ڀال ڀلائيندا هئا. ته ڀيڻ عزت آبروءَ سان سکي سهنجي جيوت ڪاٽيندي هئي ۽ ڪنهن ٻئي جي محتاجي ڪڍڻي ڪانه پوندي هيس. جيڪڏهن اباڻي ملڪيت ماڳهين خير ڪا هوندي هئي، ته پوءِ ڇوڪري لاچار ٿي، ڪا ڪرت ڪار وڃي ڪندي هئي، ۽ وقتي لالچن ۾ ڦاسندي هئي. جنهن ڇوڪريءَ جو اوهي نڪو واهي هوندو هو، تنهن جي پٺيان لفنگا پوندا هئا، ۽ ڪي ته آخر کليو کلايو بد پيشو اختيار ڪنديون هيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 7، چوٿون، 5، 5).[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛مضمون:اچو ته قانون سکون؛از: تنوير جوڻيجو آڪٽوبر2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)