وشو وديالا
سري رامچندر جي ڀاءُ ڀرت جا تڪش ۽ پشڪر ٻه پٽ هئا، تن پوءِ گنڌار(قنڌار) وارو پاسو پنهنجي قبضي ڪيو. اتي سندن گاديءَ جا هنڌ سندن نالن پٺيان تڪش سلا ۽ پشڪروتي سڏجڻ ۾ آيا. انهيءَ پاسي تعليم جي واڌاري لاءِ پوءِ هڪ وڏو وشو ودياليه (يونيورسٽي) عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي، تڪش سلا ۾ کوليو ويو، جو سڄي هندستان ۾ برک هو. انهيءَ يونيورسٽيءَ جو ويرانو اڄ تائين راولپنڊي ضلعي ۾ آهي. انهيءَ يونيورسٽيءَ جي ويجهو ناميارو پاڻني مني عيسوي سن کان پنج صديون کن اڳي ڄائو هو، جنهن جو جوڙيل سنسڪرت گرامر ’اشٽا ڌيائي‘ اڄ تائين مشهور آهي.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ