وسڪائونٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


برطانوي وسڪائونٽ جو تاج
برطانيا جي ڇھين وسڪائونٽ ڪلفڊين جو تاج



وسڪائونٽ (Listeni/ˈvknt/ VY-kownt,(مرد) [1]) يا وسڪائونٽيس (عورت)viscountess (/ˈvkntɪs/, for female[2]) ھڪ لقب آهي جيڪو ڪجهه يورپي ملڪن م نواب جي عيوض استعمال ٿيندو آهي. ڪن ملڪن ۾ تاريخي طور تي اھو انتظامي يا عدالتي ڪمن وارو عھدو غير مورثي ھوندو ھو پر بعد م مورثي بڻجندو ويو.[3] جنھن جي معنيَ آهي وائيس ڪائونٽ يا نائب ساٿي. روم م اھي شاھي درٻار جا رڪن يا معتبر عھديدار ھوندا ھئا

خطاب جي لفظي معني[سنواريو]

وسڪائونٽ اصل م پراڻي فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي.[4]

تاريخ[سنواريو]

يورپ جي فرئينڪ ڪيرولنجيئن ايمپائر واري دؤر ۾ بادشاھ پنھنجي حڪومت ھلائڻ لاءِ ڪائونٽ يا ڪائونٽن جي مقرري ڪندا ھئا جيڪي صوبن کي سنڀاليندا ھيا ۽ ٻين ننڍڙن علائقن لاءِ گورنر يا فوجي ڪمانڊر مقرر ڪندا ھئا. ڪائونٽ جي مدد لاء وسڪائونٽ جو عھدو ھوندو ھو جيڪي عدالتي معاملا سنڀاليندا هئا .[3] بادشاهن ڪائونٽ ۽ وسڪائونٽ جي عھدن کي پنھنجي بادشاھت کي مضبوط رکڻ خاطر ۽ بغاوتن کي روڪڻ لاء غير مؤرثي ڪري رکيو .[3] نارمنڊي ۾ ان خطاب جو استعمال يارھين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿيو.[5] انھن جو ڪردار نائب وانگر ھيو ۽ اھي ڊيوڪ آف نارمنڊي جي پاران ڪم ڪندڙ ھيا. انھن جي ذمي انصاف ڪرڻ، ٽيڪس ۽ محصولن جي وصولي ڪرڻ ھيو ۽ اڪثر اھي قلعه سنڀاليندا ھيا. نارمنڊي م اھو عھدو اڳتي ھلي مورثي بڻجي ويو.[6] اڳتي ھلي وسڪائونٽ جو عھدو بيلف(انگريزي: Bailiff ) ۽ سول پروووسٽ(انگريزي: Civil Provost ) جي عھدي م تبديل ٿي ويو. انگلينڊ ۾ وسڪائونٽ جو خطاب اميراڻي رتبن(انگريزي: Peerage ) ۾ پھريون دفعو 1440 ۾ متعارف ٿيو جڏهن ھينري ڇھين جان بئومانٽ(انگريزي: John Beaumont) کي وسڪائونٽ جو خطاب ڏنو.[7] انگلينڊ ۾ وسڪائونٽ جو عھدو برطانيا جي اينگلو سيڪسن عھدي شائر ريف(شيرف) جھڙو ھيو. شروع م انگلينڊ ۾ بادشاھ طرفان اھو خطاب ڏنو ويندو ھو جيڪو غير مؤرثي ھيو جيڪو بعد ۾ مؤرثي بڻجي ويو ۽ وسڪائونٽن مورثي زيرنگراني علائقا ٺاھي ورتا ھئا.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Viscount. Collins Dictionary. n.d.. http://www.collinsdictionary.com/dictionary/english/viscount?showCookiePolicy=true. Retrieved 22 September 2014. 
  2. Viscountess. Collins Dictionary. n.d.. http://www.collinsdictionary.com/dictionary/english/viscountess?showCookiePolicy=true. Retrieved 22 September 2014. 
  3. 3.0 3.1 3.2 Upshur, Jiu-Hwa; Terry, Janice; Holoka, Jim; Goff, Richard; Cassar, George H. (2011). Cengage Advantage Books: World History. I. California: Wadsworth Publishing Co Inc. pp. 329. ISBN 9781111345167. 
  4. "Viscount (n.)". Online Etymology Dictionary. حاصل ڪيل 18 June 2014. 
  5. book|title=Conquerors and churchmen in Norman Italy|last=Loud|first=G. A.|year=1999|page=4|publisher=Ashgate Publishing Co.|location=Surrey, UK|isbn=9780860788034}}
  6. Petit-Dutaillis, C. (1936). The Feudal Monarchy in France and England. Oxford, UK: Routledge. p. 162. ISBN 9781136203503. 
  7. Journals of the House of Lords. cii. 1870. pp. 512. https://books.google.com/?id=S8I4AQAAIAAJ&pg=PA512&dq=created+the+first+viscount+beaumont#v=onepage&q=onto%20whom&f=false. Retrieved 16 June 2014.