ورم ھول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ورم هول ڇا آهي

”دريا خان سنڌي“

ورم هول کي آئنسٽائين روسن پل جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي هي هڪ طرح جو ٿيوريٽڪل طريقو آهي جنھن ۾ اسپيس ٽائيم کي موڙي ڪري اسپيس ٽائيم ۾ موجود ٻين مختلف مقامن کي پاڻ ۾ ملاڻ آهي جيڪو سوراخ اوهانکي هڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ تي پھچائي انھن ٻنھي جڳھن ۾ فاصلو ڪجهه ميٽرن کان وٺي ڪري ڪيترن ئي لکن سالن تائين بہ ٿي سگھجي ٿو دراصل اهو وڏي پنڌ تي موجود مقامن جو شارٽ ڪٽ رستو آهي ۽ ورم ھول يا اسپيس ٽائيم جي سوراخ اوهانکي نہ صرف ايترا وڏا فاصلا گھٽ وقت ۾ طئي ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو بلڪي گڏ هڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ تي هڪ وقت کان ٻئي وقت ۾ بہ وٺي ڪري وڃي سگھي ٿو جيئن تہ اوهانکي هڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ جي مستقبل يا ماضي ۾ وٺي وڃي سگھي ٿو ائين انڪري ممڪن آهي ڇوجو ان منظر ۾ اسپيس سان گڏ ٽائيم بہ موڙيو ويندو انجي ڪهاڻي اسپيس ٽائيم فيبرڪ سان شروع ٿيندي آهي جڏهن نيوٽن گريويٽي جو نظريو ڏنو ان اهيو عمل تہ بيان ڪري ڇڏيو تہ هر وڏو جسم ننڍي جسم کي پاڻ ڏا ڇڪي ٿو پر انجو ڪارڻ نہ ٻڌائي سگھيا جيئن تہ جڏھن ڪو ميگنيٽ چقمق، مقناطيس ڪنھن ڌاتو کي پاڻ ڏا ڇڪيندو آھي تہ فاصلي تي موجود ڌاتو تي لڳڻ واري قوت ميگنيٽ مقناطيسي فيلڊ ڪارڻ هوندي آهي يا ائين چئجي سگھجي ٿو تہ ميگنيٽ مقناطيس ۽ ڌاتو جي مابين تعلق ميگنيٽ فيلڊ جي وجهہ سان هوندو آهي جيڪا هڪ مشاهدي ۾ وضاحت آهي ۽ تجرباتي طور تي ثابت بہ ڪري سگھجي ٿي پر ان شين جي مابين جيڪا قوت يا تعلق جيئن نيوٽن گريويٽي جو نالو ڏنو هيو اهو انکي بيان نہ ڪري سگھيو ۽ گريويٽي ڪم ڪيئن ڪندي آهي انکي آئنسٽائين پاران واضع ڪيو ويو ۽ آئنسٽائين گريويٽي جي قوت جي وجهہ بنجڻ وارو هڪ بهتر تصوير پيش ڪئي آئنسٽائين ٻڌايو تہ گريويٽي اسپيس ٽائم ۾ موجود جھڪ جي وجهہ سان پيدا ٿيندي آهي ۽ اسپيس ٽائيم ئي آهن جنهن تي هي سڄيء ڪائنات بچي پئي آهي اسپيس ٽائيم کي اسان هٿ لاهي يا محسوس نٿا ڪري سگهون هي انساني سمجھ جي درجي کان پري جو درجو آهي پر تجرباتي طور تي انکي ثابت ڪري سگھجي ٿو ۽ گھڻن تجربن سان انکي ثابت بہ ڪيو ويو آهي

1935ع ۾ آئنسٽائين ۽ ناٿن روسن پاران ٿيوري آف ريلٽيويٽي جي مدد سان ان ڳالھ جو خيال ڏنو ويو تہ اسپيس ٽائم ۾ اهڙا پل موجود ٿي سگھن ٿا جن جي مدد سان گھڻو پري گھٽ وقت ۾ سفر ڪرڻ ممڪن آهي ورم ھول ٻن سرن ۽ هڪ درمياني رستو تي مشتمل هوندو آهي ٿيوي آف ريلٽيويتي جي مدد سان ورم ھول جي موجودگي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي پر فلحال تہ ڪو بہ ورم ھول دريافت ناهي ٿي سگھيو ممڪن آهي مستقبل ويجھي انکي ڳولھڻ ۾ اسان ڪاميابي ٿي وڃون هڪ فزیسسٽ Jhon Wheeler  پاران 1955ع ۾ هڪ خيال ڏنو جنھن موجب ڪوانٽم ميڪنيڪس جي وجهہ سان اسپيس ٽائم ۾ ايندڙ گهاٽي واڌي وقت ۽ اسپيس ۾ بگڙن جو ڪارڻ ٿيندي آهي جنھن انھن کي ڪوانٽم فوم Quantum foam جو نالو ڏنو تہ ان موجب هڪ امڪان هي بہ آهي تہ جنھن طرح اسپيس ۾ اصلي ذرا ٺھندا آهن فنا ٿي ويندا آهن ائين ئي ننڍا ننڍا ورم ھول ٺھندا ۽ ختم ٿيندا هوندا ائين ٺھڻ واري ورم هولز جسامت ۾ گھڻا ئي ننڍا ٿيندا هوندا ائين جو انھن جي پڌرائي ڪرڻ بہ ممڪن نہ هوندي

فرض ڪريو اسان ڪا اهڙي شي ورم ھول ٺھڻ سان گڏ دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون تہ ان ورم ھول جي ننڍي جسامت جي وجهہ سان ان ۾ سفر ڪرڻ ممڪن نہ هوندو اسانکي ان ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ انجي جسامت وڌائڻي پوندي انجي لاءِ اسانکي ٻاهرين ڌاري مادي جي ضرورت پوندي ڇوجو ڌاري مادي جي خصوصيت عام مادي کان مختلف هوندي آهي هي عام مادي جيان سب اٽامڪ پارٽيڪل سان ٺھيل نہ هوندو اهو نيگٽيو انرجي جو حامل هوندو ۽ اهڙو مادو ٺاهڻ ممڪن آهي جنھن جي انرجي نيگيٽو هجي يعني قوت لڳڻ تي سڪڙجي وڃن کان بجائي ڦھلجي ۽ ان خاصيت جي وجهہ ملڻ وارو ورم ھول جي جسامت کي وڏو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جنهن جي وجهہ سان انسان يا هڪ خلائي جھاز ان مان گذر ڪري سگھندو پر هتي مسئلو هي بہ اچي ٿو تہ ڌاري مادي کان علاوه ڪوبہ مادو ان ورم ھول ۾ داخل ٿيو تہ ورم ھول فور کان پھريان ڪري پوندو

۽ جتي ڳالھ آھي ڌاري مادي جي تہ اهڙو مادو فلحال ٿيوريز تائين ئي محدود آهي انکي اڃان نہ بڻائجي سگھيو آهي ۽ نہ ئي ڪائنات ۾ ڪٿي ڳوليو ويو آهي اسانکي ورم هولز جي باري ۾ هڪ صدي کان پتو آهي پر هڪ صدي گذرڻ جي باوجود هي فلحال ٿيوري تائين ئي محدود آهي ۽ ان بابت جيتري بہ ڪاميابي ملي آهي اها صرف ٿيوري ۾ ئي ٿي آهي پر جنھن ٿيوري آف ريلٽيويٽي جي مدد سان بليڪ هول ۽ ٻين شين جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ جيڪا وقت گذرڻ سان سچ ثابت ٿيندي آئي آهي هي ورم هولز بہ ان ٿيوري جي عوض آهي ان لاءِ اميد آهي تہ هڪ وقت جڏهن اسان ورم هولز ڳولينداسين يا ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين ۽ انھن کي استعمال ڪري اسان ٻئي

ڊائمینشز ڪروڙين اربين نوري سالن جو فاصلو وقت جي سفر ۽ ماضي ۾ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنداسين