ورلڊ بينڪ گروپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عالمي بئنڪ جو گروپ يا ورلڊ بئنڪ گروپ (World Bank Group) پنجن بين السرڪاري تنظيمن جهڙوڪ، انٽرنيشنل بئنڪ فار ري ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ (IBRD)، ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي (MIGA) ۽ انٽرنيشنل سينٽر فارسيٽلمينٽ آف انويسٽمينٽ ڊسپيوٽز (ICSID) انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ائسوسئيشن (IDA) ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (IFC) تي ٻڌل هڪ ادارو آهي. هيءُ گروپ دُنيا ۾ معاشي سرگرمين جي واڌاري لاءِ جاکوڙي ٿو ۽ خاص ڪري اُسرندڙ ملڪن جي مالي سهائتا ڪري ٿو. عام طرح ’ورلڊ بئنڪ‘ رڳو IBRD ۽ IDA جي لاءِ ڪتب ايندو آهي، جڏهن ته ’ورلڊ بئنڪ گروپ‘ مٿين پنجن ادارن لاءِ گڏيل طور ڪتب اچي ٿو. ورلڊ بئنڪ گروپ جو قيام 27 ڊسمبر 1945ع تي عمل ۾ آيو ۽ هن وقت تائين 185 ملڪ سندس ميمبر بڻجي چُڪا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]